دفن ٿيا زمين ۾ سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا پروانو ڀٽي ”سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ“ هڪ اهڙو سلسلو هو جنهن ذريعي مون اٽڪل ٻه سؤ کان وڌيڪ عالمن، اديبن، شاعرن، مصورن ۽ نهايت پيارن انسانن جي يادگيرين کي بيان ڪيو. وچ ۾ سلسلو ان ڪري روڪيم ته ڪن منهنجي محسنن ۽ پيارن کي اهو اعتراض هو ته سندن وڏن کي آءٌ وساري ويٺو آهيان. مون بار بار انهن کي اهو عرض پئي ڪيو ته دلبر دوستو، انسان کان ڪوتاهيون ٿيڻ اڻٽر آهن. مون وٽ ڪي به مضمون يا تاريخي ڪتاب نه آهن، جن جي آڌار تي آءٌ يادگيريون لکان ٿو پر هي منهنجي ذهن جي اندر جيڪو خزانو آهي ۽ محفوظ آهي ان مان هيرن ۽ جواهرن جي جوت کي قلم جي ذريعي ٻاهر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هن جُون مهيني مون کي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن سو، ”اچو سورن واريون ڪريون سور پچار“. محمد بخش جوهر مار! اسان به ڪيڏا نه ويسارا انسان آهيون جو وسارڻ تي اچون ٿا ته اڌ صدي کان وڌيڪ علم و ادب، صحافت جي خدمتن ڪندڙ انسانن کي به ائين ٿا وساري ويهون ڄڻ اهي هئا ئي ڪين. ساڳي حالت سنڌ جي نامياري صحافي محمد بخش جوهر ساڻ به ٿي. نئين نسل جي سينئر صحافين ته شايد سندس نالو ڪڏهن ٻڌو هجي. سال 1953ع ڌاري ورزانه هلال پاڪستان حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. هي اهو زمانو هو جو آءٌ هفتيوار عبرت ۾ سائين ڏيپلائي صاحب وٽ ڪم سکندو هوس. گول بلڊنگ جي ڀرسان دفتر هو، ان ڪري اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري ٿيو، جيڪو 1955ع ڌاري انهيءَ هنڌ پهتو جو مون کي هلال پاڪستان جي ماهوار ايڊيشن ۾ نوڪري ڪرڻ واسطي مرحوم جوهر صاحب ڏاڍو زور ڀريو ۽ آءٌ اتي نوڪري ۾ لڳي ويس. ان ريت روزانو ملاقات هڪ معمول بنجي وئي. قدآور شخصيت، وار نهايت گهاٽا ۽ گهنڊيدار، بت هلڪو ۽ هلڪو به اهڙو جو تيز هوا لڳي ته قلعي واري گهر کان هيٺ لهندي کيس ڊوڙندي ڏسبو هو. ڇاڪاڻ ته تيز هوا سبب زمين تي پير نه لڳندو هوس. گاڏي کاتي ۾ پهچي سک جو ساهه پٽيندو هو ۽ اتي نهايت پراڻي پپر جي وڻ هيٺان هڪ بوڪ اسٽال تي بيهي صبح جو اخبار يا ايڊيشن اگر آيل هوندو هو ته ان جو مطالعو سندس فرض ۾ شامل هو. آفيس ۾ اچڻ شرط سندس پهرين ڪاوڙ مون تي ٿيندي هئي. اخبار جي پروفن جو خانو خراب لڳو پيو آهي. ايڊيٽوريل ۾ غلطيون الڳ آهن ۽ آءٌ کلي چوندو هوس ته جوهر صاحب منهنجو اخبار سان نه پر ايڊيشن سان واسطو آهي، آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ڪاوڙ گم. کلي چوندو هو ته صبح جو ڪاوڙ ڪنهن تي ته ظاهر ڪريان. تون سامهون ايندين ته پوءِ توسان ئي ڳالهه ڪبي. دل جو صاف ۽ سادو انسان. ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن به منهن نه ڦٽايائين. ساڻس چرچا به ڪندا هئاسين. سيد مهدي شاهه، قربان جيلاني، قادر بخش مستانو، اصغر شاهه مستري، مقبول صديقي، نياز همايوني، جيڪي اخبار جا ڪارڪن هئا، تن سان سندس ڏاڍي ڪچهري ٿيندي هئي. سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب کي روشناس ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيائين. آر ايڇ احمد برادرس طرفان بليڪ جاسوس آرسين لوپن جي ڪارنامن وارا ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪرايائين. اهڙي ريت ساڻيهه ڊائجسٽ جي نالي سان رسالو به ڪڍيائين. هلال پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ روزانه عبرت طرفان شايع ٿيندڙ سنڌ نيوز ۾ ڪم ڪيائين ۽ آخري وقت ۾ شيخ علي محمد جي روزانه آفتاب ۾ صحافتي فرائض سرانجام ڏنائين. لکڻ سندس زندگي جو مشغلو هو. نهايت غريب ۽ ساده طبع جو هي نالي وارو صحافي گمنامي جي زندگي جا ڪيترا سال ڪراچي ۾ گذاريندي نيٺ وڃي بارگاه باري تعاليٰ ۾ حاضر ٿيو. ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي جون مهيني جي ابتدا ۾ مون کي پنهنجي پياري نياڻيءَ جي جدائي جو ڌڪ لڳو. آءٌ اڃا لڙڪ سڪائي نه سگهيو هئس ته انهن ئي ڏينهن ۾ اها به خبر ٻڌي لڙڪ وهائي ويٺس ته سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبانن جو ماهر نالي وارو اديب، محقق ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو. وڃڻ وارا برابر هليا ٿا وڃن پر پوين کي باقي حياتي تائين جا سور ڏئي ٿا وڃن. ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي جي جواني توڙي پيرسني حيدرآباد ۾ گذري. گاڏي کاتي ۾ ڪلو پڪوڙي واري دڪان جي مٿان سيد جمن شاهه موسوي ۽ سرفراز ڀٽي جا جدا جدا گهر هئا. پٿر واري شاندار عمارت! (هن وقت اتي پلازا ٺهيل آهي). نهايت قربدار، محب اهلبيت ۽ فصاحت جو صاحب! سندس گفتگو توڙي دليل نهايت علمي هوندا هئا. اسلامي لٽريچر ته سندس سبجيڪٽ هو، ان ڪري جڏهن به اسلامي تاريخ تي ڪجهه دوستن سان بحث ڪندو هو ته پوءِ ڄڻ درياهه کي گهارو پيو. هٿن جا اشارا، ڪتابن جا حوالا، انهن تي پنهنجي ڀرپور راءِ! ٻڌندڙن کي متاثر ڪري ڇڏيندي هئي. گهڻو ڪري قدم گاهه مولا علي عه تي نماز دوران يا ڀائو فضل الدين ڀٽي يا حاجي الهه وسايو ڀٽي مرحوم سان گڏ جڏهن سندس مسلم سوسائٽي واري بنگلي تي ويندو هوس ته نهايت قرب، محبت ۽ پيار ۽ اخلاق جو مجسمو ٿي بيهندو هو. ڪيتري عرصي کان ملاقات نه ٿي هئي پر اهو احساس هوندو هو ته 14 شعبان تي هر سال جيان ضرور ملنداسين پر ائين وڇوڙي جا وڍ وجهي هي دلبر انسان ۽ محبوب ترين دوست اڳ ۾ ئي جدا ٿي ويو. عطا محمد حامي بزم خليل حيدرآباد طرفان 1950ع حيدرآباد جي ڪنٽومينٽ هاءِ اسڪول واري ميدان تي ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو اهتمام ڪيل هو. آءٌ ان وقت پرائمري استاد هوس ۽ عمر وڌ ۾ وڌ 17 سال. ورڪر جي حيثيت ۾ سيني تي بيج لڳائي پئي مهمانن جي آجيان ڪيم. خيرپور مان جيڪي نالي وارا شاعر آيل هئا، تن ۾ سائين عطا محمد حامي به هو. حامي سائين سان اها پهرين ملاقات، پوءِ سالن جا سال سندس محبت، خلوص ۽ پيار ڀرئي طبيعت سبب قائم رهي. سنڌ ۾ ڪٿي به مشاعرو ٿيندو هو ته خط لکندو هو ته ”سهڻا مشاعري تي ديدار ڪرائجو“. ڪراچي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور جي يادگار مشاعرن ۾ حامي صاحب جهڙن استادن جي رهنمائي سبب شعر پڙهڻ جهڙو ٿيندو هوس. ممتاز ڪاليج خيرپور جو استاد پر ون يونٽ کان اڳ ۾ خيرپور رياست جو وزير تعليم به ٿي رهيو. 1960ع ۾ جڏهن حضرت سچل سائين جي سالانه عرس تي شاندار ادبي ڪانفرنس جو سلسلو شروع ٿيو ته حامي صاحب جي حڪم تي وڃي حاضر ٿيس. علمي ادبي محفلن جي جان هو. محفل ۾ ويٺو ته خاموشي اختيار نه ڪبي. ”سهڻا، مٺا، صدقي، مان ٺران“ سندس گفتگو جا وڻندڙ جملا هوندا هئا. هڪ ڀيري چرچي ۾ چيم، بنا نقطي جي پيا هلو، تڏهن يڪدم چيائين ته چريا، بچيو پيو آهيان. مٿان نقطو اچي، خامي ۽ هيٺ اچي ته جامي. آءٌ سڀني جو ”حامي“ ٿي پيو زندگي گذاريان. هن ئي مهيني جي آخر ۾ ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ سندس ورسي جون تياريون زور شور سان جاري آهن. صحت اجازت ڏني ته وڃي سندس مزار تي حاضري ڀري کيس خراج عقيدت پيش ڪندس. جمال ابڙو اڄ کان 6 سال اڳ 30 جون 2004 تي سنڌي زبان جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ نيڪ دل انسان جمال ابڙو اسان کان جدا ٿي ويو. جمال ابڙو جو تعلق هڪ نهايت وڏي علمي خاندان سان هو، سندس والد بزرگوار سائين علي خان ابڙو سنڌ جي عالمن ۾ نهايت بلند مقام رکندڙ هستي هو. جمال ابڙي پنهنجي خاندان جي وقار کي سدائين قائم رکيو ۽ هڪ جج جي حيثيت ۾ سنڌ اندر جتي به رهيو، جتي به نوڪري ڪيائين اتان عوام جي دعائن ۽ مرحبائن جا خزانا کڻي موٽيو. سنڌي زبان ۾ پيراڻي، بدمعاش، پشو پاشا جهڙيون شاندار ڪهاڻيون ارپيندڙ سائين جمال ابڙو نهايت کليل دل جو انسان هو. نه آڪڙ ۽ نه وڏائي. اڄ جي ڪيترن ئي لکندڙن وانگر جن ڪڏهن ڪا سٺي آکاڻي لکي هوندي ته ان جي ڪريڊٽ تي سڄي ڄمار ڇڪي ويا هوندا. پر جمال ابڙو کي جن به ڏٺو تن سندس انڪساري ۽ عاجزي کي يقينن محسوس ڪيو هوندو. ڪافي عرصي کان سندس هٿ ۾ ايتري طاقت نه رهي جو لکي سگهي پر جڏهن مون کيس 1958ع ۾ ”سرهاڻ“ ڪتاب لاءِ افسانو گهريو ته هڪ خط لکيائين، جيڪو به شاهڪار تحريرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. سجاول ۾ سب جج هئڻ دوران شاندار طريقي سان جشن لطيف ملهايو ويو، جيڪا ڳالهه به اڌ صدي پراڻي آهي. نهايت پيار، محبت سان مليو ۽ نوجوانن جي دل کولي همت افزائي ڪيائين. هن نهايت قربدار انسان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ زندگي جي سڀني پهلوئن کي کولي ڇڏيو آهي. سچ ته اهو آهي ته لکڻ جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. جمال رند کان پوءِ جمال ابڙي به موڪلايو. بس رهي نالو ڌڻي جو. محمد اسحاق راهي دادو ضلعي کي سنڌ جي ادبي مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. دادو ضلعي ۾ وري ميهڙ جو علائقو جنهن رئيس شمس الدين بلبل، رئيس ضياءَ الدين، مولانا غلام محمد گرامي، سيد علي اڪبر شاهه، پير بخش ڏيرو ۽ ٻين اديبن، عالمن، تعليمي ماهرن کي جنم ڏنو، ان ”گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نا ٿو ڪري“ جهڙي سدا ياد رهندڙ غزل جي شاعر محمد اسحاق راهي سومرو کي به جنم ڏنو. راهي سومرو نهايت غريب پر سندس دل جو دسترخوان وسيع. وڏو قربدار انسان، زرعي کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي ننڍڙي نوڪري ضرور هئس پر ادب جي فيلڊ ۾ سندس مقام ۽ مرتبو نهايت گهڻو هو. سال ۾ ٽي چار دفعا مشاعرا، سيمينار، ادبي محفلون رچائڻ، ڪاڪول واهه جي ڪپ اڳيان کليل ميدان تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وقت ائين محسوس ٿيندو هو ته راهي نهايت شاهوڪار آهي. محسن ڪڪڙائي، نشتر ناٿن شاهي، جوهر بروهي، ناظم منگي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، دادن فقير جهڙن نامور شاعرن جي ساٿ سان هميشه ميهڙ ۾ ادبي محفل مچايو ويٺو هوندو هو. هر مشاعري ۽ ادبي تقريب ۾ آءٌ به رڙهي وڃي شامل ٿيندو هوس. اڄ به ممتاز لاشاري کان جڏهن ”سندس مشهور غزل ٻڌندو آهيان ته راهي سومري جهڙي مخلص ۽ نهايت وضعدار انسان جي تصوير اکين جي اڳيان تري ايندي آهي. شهرت کان پري ڀڄندڙ ۽ ڊرامه باز شاعرن کان شديد نفرت ڪندڙ راهي سومرو به جُون مهيني ۾ اسان کان پري ٿي ويو. ريڊيو پاڪستان تي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ته حاضرين کي مست ڪري ڇڏيندو هو. اسحاق اثر، بلاول پرديسي، رحيم بخش قمر، اميد لاشاري ۽ ڪيترن جا نالا لکان جيڪي محفلون گرم ڪندا هئا ۽ اڄ زمين ۾ دفن آهن.
جواب: دفن ٿيا زمين ۾ سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا ادا ممتاز دنيا فاني آهي سائين هر انسان مٽي جي مڻ هيٺان هليو ويندو پر انهن جي يادون اسان جي سينن ۾ هميشه تازه گلاب جي گلن وانگر مهڪنديون رهنديون ۽ اسا جي زندگي جي لمحن کي پهنجي خوشبو سان حسين بڻائينديون
جواب: دفن ٿيا زمين ۾ سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا ادا ممتاز مهرباني سنڌ ته هيرن جهڙي شخصيتن سان ڀريل آهي جن سنڌ لاء سڀ ڪجه ڪيو۔ پر سندن ڪيل ڪاوشون ڪڏهن ٿيون وسرن ، کين سنڌ سدائين ياد ڪندي۔