هڪ گهڻ پاسائين شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ گهڻ پاسائين شخصيت​

    رئوف نظاماڻي

    اديب، ليکڪ ۽ سوچيندڙ ماڻهوءَ لاءِ سماج ۾ الڳ الڳ ۽ غير جانبدار رهڻ اٽڪل ناممڪن هوندو آهي، شخصي طور تي هو ڀلي کڻي تارڪ الدنيا هجي پر سندس لکڻيون ۽ تخليقون دنيا سان سندس ڳنڍجڻ ۽ لاڳاپي جو اهم ذريعو هونديون آهن، انهن مان ڪي ماڻهو پنهنجين لکڻين مان ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ پاڻ انهن جو ڪردار بڻجي ويندا آهن ڪي ماڻهو درٻارن جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪي منصور وانگر سوريءَ جو سينگار ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ اهو سلسلو ازل کان هلندڙ آهي پر روشن خيال، چرچ خلاف بغاوت ۽ فرينچ، انگلشن ۽ آمريڪي انقلابن ڄڻ انهن خيالن کي پوري دنيا ۾ ڦهلائي هڪ منظم شڪل ڏئي ڇڏي، بغاوت هاڻي ڪو انفرادي عمل نه رهي هئي.
    اها ڳالهه باقاعدي طور طئه ٿي چڪي هئي ته سماج ۾ اديب ۽ ليکڪ هڪ فرد ۽ هڪ ليکڪ جي صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هاڻي دنيا ۾ ايندڙ انقلابن جا اڳواڻ ڪي جنگجو ۽ ويڙهاڪ نه پر ليکڪ، فلاسافر، معيشت دان ۽ سياسي علم جا ماهر هئا، ان ڪري قلم تلوار ۽ بندوق کان وڌيڪ طاقتور بڻجي ويو ۽ استعماري قوتن لاءِ ليکڪ هڪ ويڙهاڪ کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو.
    پاڪستان جو قيام پاڻ سان گڏ ترقي پسند ادبي تحريڪ جو ورثو به کڻي آيو هو، ان تحريڪ ۾ فيض، سجاد ظهير، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا انيڪ سرگرم ڪارڪن شامل هئا، جن جي لاءِ ادب هڪ آدرش جي حصول جو ذريعو هو ۽ نئين ملڪ جي قيام سان سندن جدوجهد ختم ٿيڻ بجاءِ نئون رُخ اختيار ڪيو هو، اهو سفر انجمن ترقي پسند مصنقين، عوامي ادبي انجمن ۽ سندن ادبي سنگت جي صورت ۾ جاري رهيو بس رڳو مسافر بدلبا رهيا.
    ٻوليءَ جو سوال پاڪستان جي سياست جو شروع کان ئي اهم سوال رهيو آهي، اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته بنگال کان پوءِ سنڌ ۾ ئي اهو سوال نهايت شدت سالن اڀريو ۽ صوبي جي قومي ۽ طبقاتي سياست جو مرڪزي نقطو بڻجي ويو. اهو سوال جيئن ته سڌو سئون ادب، اديبن ۽ ليکڪن سان لاڳاپيل هو ان ڪري اُهي سنڌ جي سياست جا اهم ڪردار بڻجي ويا ۽ سندن تخليقون سنڌ جي حقن جون ترجمان بڻجي ويون، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياست جا نوان پهلو نروار ٿيندا ويا ۽ سياست، ادب ۽ سياسي ادبي ڪارڪنن ۾ هڪ تنوع پيدا ٿيندو ويو ان سڄي پس منظر جي حوالي سان انور پيرزادي جي شخصيت کي ڏسجي ٿو ته هر مرحلي تي سندس ڪردار نظر اچي ٿو، انگريزي ادب جو استاد جيڪو ايئر فورس جو حصو بڻجي چڪو هو پنهنجي ان سرگرمي جي نتيجي ۾ ۽ آدرشن جي ڳولها ۾ ڪورٽ مارشل تائين وڃي پهتو، ان کان پوءِ به پوئتي موٽڻ جا گهڻا رستا ۽ واٽون هيون ۽ سندس آڏو پوري حياتي پنهنجي رعنائين سان گڏ موجود هئي پر پوئتي موٽڻ سندس نصيب ۾ نه هيو يا ايئن کڻي چئجي ته هن پوئتي موٽڻ سکيو ئي نه هو.
    انور کي ڇا چئجي ته هو ڇا هو ڇا هو رڳو هڪ اديب ۽ شاعر هو، ڇا هو رڳو هڪ صحافي هو، هڪ سياسي جماعت جو سرگرم ڪارڪن هو، جهر جهنگ جهاڳڻ، قديم آثارن جي ڳولا ڪرڻ ۽ سنڌوءَ جي ورن وڪڙن کي جانچڻ ئي سندس ڪم هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ جو ڪم ڪندڙ ۽ ان جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪندڙ هڪ شخص هو، جيتوڻيڪ تاريخ ان دور جي سنڌي اديب مٿان پنهنجي اصل ڪم کان سواءِ ٻيون گهڻيون ذميواريون وجهي ڇڏيون هيون پر انور جو ڪردار ان سلسلي ۾ منفرد هو، وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ گهر ٻار ۽ ٻارن ٻچن وارو ماڻهو جنهن جي روزگار جو ذريعو رڳو سندس پورهيو هو، هو ڪڏهن به پاڻ کي پابند نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي روزگار جي بندش کي پنهنجي سرگرمين ۾ حائل ٿيڻ ڏنائين.
    انور جي خاصيت اها هئي ته هن زندگيءَ ۾ جيڪو به ڪم ڪيو ان ۾ هن سئو سيڪڙو صلاحيتن جي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي خبر ناهي ته ڪميونسٽ پارٽي ۾ سندس ڪهڙو عهدو يا حيثيت هئي پر ان ڏاڍ ۽ جبر جي دور ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جيڪا هن سهائتا ڪئي ۽ پارٽي جي لٽريچر کي ڦهلائڻ ۾ هن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان جو ذڪر ڄڻ هڪ ڏند ڪٿا مثل لڳي ٿو.
    سنڌي ادبي سنگت ڄڻ انور جي سڃاڻپ آهي، سنگت ۾ ان دور ۾ سنڌ جي مختلف قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتن جي نمائندگي هئي جيڪا ڪنهن کان لڪل به نه هئي، انور جي سڃاڻپ ڪميونسٽ پارٽي جي حوالي سان هئي، سنگت ڪراچي ۾ سياسي نظرياتي ڇڪتاڻ ۽ بحث هڪ معمول جي ڳالهه هوندي هئي. سياسي جماعتن ۽ سياسي سرگرمين تي بندشن جي وقت ۾ سنگت ڄڻ ته اديبن سان گڏ سياسي ڪارڪنن لاءِ به هڪ آئوٽ ليٽ هئي. سنگت جي انهن گڏجاڻين جي خاص ڳالهه اها هئي ته سياسي اختلافن ۽ بحثن جي باوجود سنگت جي دوستن ۾ ذاتي ۽ ادبي ويجهڙائپ ۽ هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام موجود هوندو هو، ان دور ۾ خاص طور تي انور جي سيڪريٽري هئڻ واري دور جي خاص اهميت آهي. پهرين ڳالهه ته ان دور ۾ سنگت ڪنهن مخصوص سياسي جماعت جو پليٽ فارم نه هو جيسين ڪجهه عرصو پوءِ ڏسڻ ۾ آيو، ان دور ۾ سنگت ڪراچي ماهوار پروگرام جو هڪ فارميٽ متعارف ڪرايو جنهن ۾ هر مهيني ڪنهن اديب سان شام ملهائي ويندي هئي، سنگت ڪراچيءَ سان گڏوگڏ اهو پروگرام ڄڻ انور جي پنهنجي سڃاڻپ به بڻجي ويو، ڪنهن نظرياتي مت ڀيد ۽ سياسي اختلاف کان قطع نظر سنڌ جي گهڻن اديبن کي ان پروگرام ذريعي مان ڏنو ويو.
    ڪراچي سنگت جون سرگرميون ڄڻ هڪ لحاظ کان سنگت، جنهن جا مرڪزي عهديدار هڪ ڊگهي عرصي کان غير سرگرم هئا جو Revival هيون. انهن سرگرمين جي نتيجي ۾ مرڪز جي نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، انهن چونڊن ۾ انور پاڻ سيڪريٽري جنرل جو اميدوار هو جيتوڻيڪ هو چونڊ کٽي نه سگهيو پر هن ان ڳالهه کي قبول نه ڪيو ته سنگت کي سياسي بنيادن تي ورهايو وڃي جيئن پوءِ ٿيندڙ چونڊن جو ڄڻ هڪ معمول بڻجي ويو. ساڳي طرح هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ سندس ڪردار اهو ساڳيو پنهنجي مقصد ۽ آدرش جو حصول ئي هو سنڌ جا مسئلا، سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جا ماڳ مڪان ۽ سنڌ جي سياسي جدوجهد ئي سندس موضوع هوندا آهن، ان حوالي سان هو پاڻ عملي طور تي ان سڄي جدوجهد جو حصو رهيو ۽ کيس ان لاءِ جيل به ڀوڳڻا پيا پر اهو سڀ ڪجهه ڄڻ سندس لاءِ هڪ معمول هو، ٻئي نموني سان سوچڻ ۽ زندگي گذارڻ جي وٽس گنجائش ئي نه هئي.
    ان سڀ سان گڏوگڏ انور جي زندگيءَ جو هڪ ٻيو پهلو سنڌ جي ڳولا هو، اٽڪ کان بن قاسم تائين سنڌوءَ جي ورن وڪڙن ۽ وهڪرن کي جانچڻ، قديم آثارن جي ڳولا ۽ انهن تي تحقيق ۽ سڀ کان وڌيڪ موهن جي دڙي سان سندس عشق جي حد تائين لڳاءُ اهڙيون ڳالهيون آهن جن سنڌ جي اديبن ۾ کيس هڪ منفرد مقام ڏئي ڇڏيو هو هڪ جاءِ تي ڪجهه عرصو ٽڪي ويهڻ سندس لاءِ ڄڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي، ڏيهه ۽ پرڏيهه جو سفر ڄڻ سندس شخصيت جو هڪ حصو بڻجي ويو هو، جيڪڏهن کيس ڪٿي سڪون ميسر ٿيندو هو ته اهو ڀٽائيءَ جي درگاهه تي سڄي رات فقيرن جي راڳ ٻڌڻ ۾ هو. ڀٽائي ڄڻ سندس سونهون به هو ۽ استاد به، هن پنهنجي شروعات ڀٽائي سان ڪئي هئي ۽ اهو عشق وقت گذرڻ سان گڏ وڌندو ئي ويو ۽ سندس ٻين ڪيترن ويجهن ماڻهن کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو هو.
    انور جو حوالو ته بيشڪ سنڌ ئي آهي، پر اها سنڌ سندس خوابن ۽ آدرشن جي سنڌ آهي، سندس سڄي جدوجهد انهن آدرشن ۽ خوابن جو حصول آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن جي لاءِ اهو ممڪن ته ناهي ته پنهنجا خواب ٻين کي ڏيکاري سگهي پر انور جا اهي خواب سنڌ جي گهڻن ماڻهن جي اکين ۾ اڃا جيئرا آهن ۽ اُهي اُن اميد تي جاکوڙي رهيا آهن ته شايد ڪڏهن انهن خوابن جي ساڀيان ملي سگهي بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو