جمال ابڙي جي شاهڪار ڪهاڻي ( سينڌ )

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جمال ابڙي جي شاهڪار ڪهاڻي ( سينڌ“)​

    جمال ابڙي

    کپري شهر جي سرڪاري اسپتال جي لاش گهر ٻاهران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳنڍيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا، اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀون، ڀون، ننگو لاش اگهاڙي ڇاتي، سنڌ جي ڄائي، ڪنهن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي هئي. هٿ رونڊڙا پير ڦٽل، اکيون حيرت، حسرت ۽ هيبت کان ڦاتل، سٻاجهي، سدوري، سگهڙ، ڪونئرو ڪسهڻي، پيار جيءَ راهه ۾ هڪ ٻي قرباني، ڪسڻ قبول ڪيائين، سنڌ جي پت نه وڃايائين. ٽڪهڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين. پر ٽهڪڙا ڪهاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي ويا. آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي.

    اتي ئي سندس ڀاءُ ٻاهر هو، ابي ڄائي، امڙ جي رت مان ٺهيل ۽ کير تي تاتيل، جنهن لاءِ ننڍي هوندي کان ”الله ڏيندو ادل کي...“ ڳايو هئائين، بي غيرت ڀاءُ جنهن ”غيرت“ مان ڀيڻ ماري هئي. هٿڪڙين هوندي ايئن ڳاٽ جهليو بيٺو هو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو هئائين.

    امڙ هئي، جنهن جي رازدار ساٿڻ ڪهاڙيون جهلي، چاقن سان چيرجي رهي هئي، جنهن ڌيءَ جون ڪچيون ڦڪيون ساهه ۾ سانڍيون هيون، جنهن وري ور ڏيئي کيس سمجهايو هو ۽ سمجهيو هو.

    سندس ڊڦ پيرو مڙس، جو پٻن تي ٿيڙ کائيندو، لوڻا ڦيريندو هلندو هو: ڳالهائيندو هو ته گگ وهندي هئس، ور ور ڪري لاش گهر ڏي ٿي ڏٺائين. رڙ پئي پيس ”الا منهنجي سهڻي پنج هزار لهندي هئي“.

    ڍڳن جو جوڙو، ٻه جريب زمين ۽ عورتن جي جند، اها پنجوڙ جنهن ۾ نچڻي ٽپڻي تيرنهن سالن جي پدمڻيءَ ڄم کان موت تائين گهوگهجي وئي. لڪ لڪوٽي، ليٽ ڪبوتر، گهڻ گهڻ گهٽو ۽ ڳيچ سهرا سڀ ان پنجوڙ جي ساهه نپوڙي سوڙهه ۾ گهٽ ۾ گهٽجي گم ٿي ويا. ”الله ڏيندو ادل کي!“ ۽ الله ادل کي ڍڳا ۽ ٻه جريب ڏئي ڇڏيا ۽ اديءَ جي جند مڙس جو حق ٿي وئي. ملهه ڳڌو حق.

    شاديءَ جا جوڙا هٿن کي ميندي، چانديءَ جي ٻانهين، خوشيءَ مان هر هر ماءُ کي چنبڙي ٿي پئي. ٻاراڻي ٽهي، شاديءَ کي ايئن ٿي ڀانيائين ڄڻڪ گڏي گڏيءَ جو وهانءُ، مڙس کي ايئن ٿي سمجهيائين جيئن سندس ڀاءُ يا پيءُ، ۽ جڏهن وڃي ساڻس ستي ته آڌيءَ کان پوءِ ماڻهن سندس ڪيڪون ٻڌيون ۽ چماٽن جا ڦهڪا.

    ٿڪل ٿڪل، پيلي، زندگي ايئن ٿي وئي جيئن آرهڙ جون ٻٽون. هر صبح ۽ سانجهيءَ جي گهٽ هئي ۽ هر سانجهيءَ ۾ صبح جو سور هو، نار جي لوٽي هئي. ڳچيءَ ۾ رسو، کوهه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ، ٻي هزارين جي ٻانهي، سانجهڻ، ٻهاري، دال، کار، گاهه، رونبو، روز ۽ زوري. سندس زنانو حسن نه ڄائو نه مئو، نه اسريو نه اڀريو.

    جڏهن ٻن سالن کان پوءِ ماءُ وٽ آئي ته هنياءُ ڦسي پيس، پار ڪڍي رني. ”ادا“ چئي ساڻس چنبڙي پئي. ڀاءُ ۽ مڙس جي فرق جو شدت سان احساس ٿيس. ٻارڙن جون ٽوليون ڏسي ٻٽا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي.

    اباڻي گهر سندس ٻوساٽيل روح کي آٿت، سندس جسم کي آرام ڏنو. جنهن گهر جي ڇير ڇني ڪنڌيءَ ڪوٽ سان ٻالڪپڻو چنبڙيو پيو هو، تنهن سان پاڻ به چنبڙي پئي. روح رلي ويس، ميخ لڳي ويس، ايئن ئي محسوس ڪيائين ته وري ڳائي، ”نم جي نموري پڪي، الله ڏيندو ابي کي، سون وجهندو ڌيئن کي، چنڊ ڏٺو کير مٺو“ سندس دل جيءَ ڪنهن ڪنڊ ۾ هلڪڙو آرس ڀڃڻ جي تمنا، نحيف کنوڻ وانگر انگڙ ونگڙ اڀري گم ٿي وئي.

    ڪارونڀار ڪڪرن ۾، هڪڙي هير سندس سنهڙي چولي کي سندس سيني مٿان گسڪائي رهي هئي، عجيب انوکي ڪيفيت، چولي منجهان، سيني منجهان، سندس دل ۾ سمائجي وئي، مينهن وسيو، هوءَ بيٺي رهي، ٻارڙن جا ٽولا ڳائڻ لڳا، ”اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينهن آيو تڪڙو“چولو ساڻس چهٽي ويو، هن محسوس ڪيو ڄڻ ته هوءَ پاڻ ڪڪڙو آهي ۽ منهن سندس جسم سان وڪوڙيو وڃي، جنهن جي گستاخ آلاڻ کيس وڏ ڦڙي جي بشارت ڏني.

    اگهاڙن پٺن سان، سندس هم عمر جوڙ ۽ جيس ميهار، مينهن بڻجي کيس وڪوڙي ويو. سندس چپ کليل رهجي ويا، خبر تڏهن پيس جڏهن ميهار اچي هٿ کان ورتس، ڇرڪ ڀري ڀڄي وئي.

    سندس جنسي جذبو، عين عورتپڻو، حيات جو موجب، قدرت جو عجيب ۽ مٺو ڪرشمو جو وحشانيت جي جر ساڙيو هو، سو پيار جي مينهن ۾ سائو ٿيو، جنهن کي چماٽن ۽ ڪيڪن ڊيڄاري دٻي دساڙي ٿڌو ڪيو هو، تنهن کي هٿ جي گرمائش جياري ڇڏيو. ڳلن ۾ تو تن ۾ تونس، آگمجي رني، چڻنگ هنئي جا جلڻ ۽ جلائڻ لاءِ نسنگ نروار هئي.

    لوڪ لڄا، ادي جي عزت، دل جي دل ۾ ساڳيو ميهار جڏهن اڇا ڪپڙا اوڍي، وارن کي ڦڻي ڏئي، اکين ۾ سرمو وجهي اچي لنگهندو هو ته اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي ۽ پوتي ڇڪي مٿو ڍڪيندي هئي. بس ميهار لاءِ اهو ڪافي نياپو هو. هن جو من به ٽڙي پوندو هو ته هڪ مرد محض سندس لاءِ سينگار ڪري. سندس اکيون هڪ ٽڪ دور افق جي پريان وڃي کپنديون هيون. پنهنجي باهه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳي، جيئن روڪيائين تيئن ڀڀڙ هئا، وري جو ڳنڍڙي مليس، خالي باڪس ۾ سرخي، ڪجل مصريءَ جي تڙ رک جي چپٽي، ميٽ جو ذرو ته کڙ تپي آيس، ويهڻ وهه ٿي آيس، ماءُ سان سليائين، عورت جو عورت سان سلڻ ڄڻ خالق ۽ مخلوق جو ازلي راز سلڻ ۽ سمجهڻ. ماڻس چنبا هڻي ڪڍيس، ويڻن سان وڍيائينس، نيٺ ٻٽ ٿي بيٺس، ڌيءَ ۽ ماءُ جو ميلاپ، ڇا نه ٿي ڄاتائون ڇا نه ٿي سمجهيائون، حياتيءَ جي سڪي سرءُ ۾ پن ڇاڻيندي ڪڏهن ڪا سرور جي گهڙي گهاري هئائون، سا به ڪهاڙين جي پاڇي ۾، گهڙيءَ جي معراج لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ، ٽهڪڙا ٽاڪوڙا، ڄڻ ته جيڪي ڏنائون ٿي تن کان وڌ ورتائون ٿي.

    ميهار سان ملڻ وئي ته هيرون هئس هنج ۾، ڌرتي هندورو هئي، گل ٽڙيل هئس دل ۾، سڳنڌ هئس ساهه ۾، سڌ ٻڌ پرائي ٿي چڪي هئي، سندس سڄي ڪائنات پرائي ٿئي، وٽس پهتي ته پاڻي ٿي پئي، هٿ وڌائينس، پلوء پاتائينس، هٿ لائڻ نه ڏنائينس.

    موٽي اچي ماءُ کي ليلڙاٽ ڪيائين، پلوء آجا ڪرائينم، امڙ کي ٻاڏايائين، جڳ کي دانهن ڏنائين، ٻاڪاريائين، چڱن مٺن جا در کڙڪايائين، جنهن سندس جسم کي نپوڙيو هو، تنهن سان جسم ڪيئن ملائي، مٺوءَ کي ڇڏي ڏينڀوءُ کان ڪيئن ڏنگائي، ڏنگ ۽ ڏنڀ هئس ڏاج ۾، نڪاح جي... سان، يا نڪاح ٽٽي يا ڪنڌ ٽٽي.

    جتي ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجن ٿا، اتي نينگرين جو سودو به ٿئي ٿو، املهه جو ملهه ٿئي ٿو. هتي نينگرين جو نيلام، ست قرآن، ڪوڏين جي دام، اتي ڪير ڏئي طلاق، ڊڦ پيرو چوي ”ڪهي وجهو نڪاح نه ڇڏيان، ڀلي عمر کائي وڃي، ٻني ۽ وني ڪنهن ڇڏي آ“ ٻه ٻه هٿ پيو اڏامي. ڪوٽ جي آڙ ۾ بيغيرت جي نگاهه، لح تي نه، لڄ جي قيمت تي، دڙڪا، دهمان، ڏنگايون، ڏاڍ، بي فرمان: ”هيڏانهن ڪچي تند، نياڻي نينگري، سرءُ جي ساڙيل سڪل پيلي ول، جنهن جي من ۾ پهريون ڀيرو پيار جي رس ڀري هئي، اڏول پنهنجي حق تي قائم، سائي ٿيڻ جو حق، گلن جي ڪڍڻ جو حق، ڪچيءَ تند ۾ حق ڇڪڻ جي ايڏي قوت! پر ايجاب ۽ قبول جو ڌاڳو ٻن هزارن رپين ۾ ٿلهي موٽي سنگهر ٿي چڪو هو.

    نياڻي نينگري ڪچي تند پر جڏهن سندس نحيف تنتن ۾، عورتپڻي جي آفاقي حق گهرڻ جي برقي قوت پهتي ته وڄ بڻجي وئي، چمڪا، چڻنگون ۽ ٽانڊا جن سندس مڙس جي اڌاري مردانگيءَ کي ڪنبائي ڇڏيو، هو طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، هن لاءِ رڳو ٻه اکر چوڻ جي دير هئي پر جنهن عورتپڻي جو حق کسيو ٿي ويو، جنهن جان جي بازي لڳائي هئي، جيڪا اهڙو ئي انسان هئي جهڙو مڙس، جا پاڻ مظلوم هئي، سا بس فقيرياڻين وانگرخيرات جي محتاج هئي، سندس لفظ ۽ ارادي کي ڪو وزن ڪونه هو، ڇا ته توازن هئو، نڪاح ٻن ڌرين جي هڪجهڙي قبوليت هئي، هڪ ٽوڙي سگهيو ٿي ان کي ٽاڪئين ٺڪر وانگر ٻئي لاءِ ڳٽ هو ڳچيءَ جو.

    نقصان ڪنهن کي ٿي ٿيو. بازاري اگهه ڪنهن جو ٿي ڪريو، جسماني باغ ڪنهن جو ٿي لٽيو ويو، ته بي معاوضي جو گهر مڙس ڪئي ۽ سڄي دنيا سندس انهيءَ حق جي تائيد ڪئي. اهو حق ايڏو ته ڪو اٽل هو جو سندس ماءُ ۽ ڀاءُ به هارجي ويا. قبوليت جو ڌاڳو رپين جي بازار هيٺ سوگهي سنگهر ٿي ويو. باغ جو گلستان جو، ميوو ڏيندڙ شجر جو، ٺيڪو عمر ڀر ٻن هزارن ۾! ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کان نماڻين نظرن سان سدقو گهريو، اکئين آب جاري هو پر سندس نير، نيئر کي ٽوڙي ڪونه سگهيا، ڀاءُ به فيصلو ڏنو ته رن ڪميڻيءَ کي ڄنڊن مان گهلي مڙس کي ڏيو، جنهن ٻه هزار مٺا ڪيا سو مڙس مان وارو بڻيو ۽ جنهن جي جسم جذبن ۽ جان جو نيلام ٿيو سو ڪميڻو.

    ها آخري رات هئي، ڇيهه نااميديءَ سان حس ۽ حواس سلب ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ميهار اشارو ڏنس ته چار آڱريون کڻي سينڌ تي رکيائين. سندس روح ۽ جسم هڪ قلب بڻجي ويا، جنهن کي اوڏو اچڻ نه ڏنو هئائين، تنهن سان موڪلائڻي جو انجام ٻڌائين، جسم ۽ روح جي آرتي کڻي پيار جي قربان گاهه ڏانهن وڌي ته ڀاڻس ڏسي ورتس. ڪهاڙي کڻي وريو ته ويچاريءَ جي جيئڻ جي سموري تمنا اجهڪو ڏئي موٽي آئي. پوتي لاهي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙي وئي. ”ادا منهنجا، مون کي نه مار“ ماڻس به ڀڳي وڃي قرآن کڻي آئي، ”ابا هي وسيلو ٿئي“ مڙسس به رڙ ڪئي ”جهڙي آ، منهنجي آ، مون کي ڪاري به قبول، متان منهنجيءَ کي ماريو اٿئي.“

    ”چپ ڪر ڪميڻا ڪاري آ.“

    ”هل ڙي معتبر تو گهڻيون ڪاريون ڪيون آهن؟“

    تيسين ماڻس به قرآن کڻي آڏو جهليس، ماءُ کي ڌڪو ڏئي پري ٿيلهيائين، لت ڀيڻ جي ڪلهي تي ڏئي سندس مٿو ڇڏائي پري ڪيائين، ڪهاڙي کڄي هيٺ ٿي، ڊپ ۾ ويچاريءَ هٿ آڏو ڏنو، اول چار آڱريون پوءِ ڪنڌ، ماءُ ۽ قرآن رتورت، ڀاءُ ۽ ماءُ گڏجي نياڻيءَ جو اڳٺ کولي سٿڻ لاٿي، ڀاءُ دنبهو هنيون.“

    اسپتال جو لاش گهر، ڪپيل چوٽي، چاقن جي چرچر، ڀنگي، ڊاڪٽر، مکين جي ڀون ڀون، ننگي ڇاتي، ادي، ڀيڻ، نياڻي ست قرآن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو