ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري!​

    عبدالقادر جوڻيجو
    ڪجهه سال اڳ ڪنهن دوست مون کي فون ڪئي ۽ اٿڻ ساڻ چيائين ته ”خوش ته آهين؟“ هونئن جي ڪو عام ماڻهو هجي ها ته کيس رسمي جواب ڏيان ها ته ”خوش آهيان، مزا لڳا پيا آهن، شڪر آهي جو وقت سولو پيو گذري. وغيره وغيره. پر منهنجو اهو دوست سمجهدار هو، انهيءَ ڪري جواب ڏنو مانس ته ”ڇڏ يار، هن دنيا ۾ ڪير خوش هوندو، خوش ناهيان.“ انهيءَ تي دوست ٽهڪ ڏنو، ڇاڪاڻ جو هو سمجهي ويو هو ته هر ماڻهو هر وقت خوش نه هوندو آهي. کيس انهيءَ يوناني لوڪ گيت جي به خبر هئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ” هن دنيا ۾ ڏک ڊگها هوندا آهن، خوشيون عارضي هونديون، خوشي هڪ دوکو آهي.“ جي انهيءَ لوڪ گيت جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته ماڻهو ڪڏهين سٺا ڪپڙا پائي، ڪڏهين سٺي ڪار وٺي ۽ ڪڏهين ڪا ڪاميابي ماڻي خوش ته ٿي ويندو آهي، پر اهو ساڳيو ماڻهو جڏهن انهن سٺن ڪپڙن يا سٺي ڪار جو عادي ٿي ويندو آهي ۽ سندس ڪاميابي پراڻي ٿي ويندي آهي ته سندس خوشي موڪلائي ويندي آهي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته ”خوشيون عارضي هونديون آهن“ باقي ڏک ته انسان ذات سان چنبڙيل ئي هوندا آهن. البته جنهن ماڻهوءَ جو عقل گڏهه وانگر چرڻ هليو ويندو آهي ته پوءِ اهڙو ماڻهو سدائين بهارين ۾ هوندو آهي. لطيف سائينءَ به چيو آهي ته ”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“ ليکڪ اهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجا ذاتي ڏک به اوريندو رهندو آهي ته گڏوگڏ پنهنجي آس پاس ٻين جا ڏک به لکندو ۽ ڳڻائيندو ويندو آهي. جيڪڏهين ڪنهن مزاحيه ڪتاب يا مضمون يا ڪهاڻي يا شاعري (معياري هئڻ جي صورت ۾) کي غور سان پڙهبو ته انهيءَ جي پويان به ڏک جي ڪيفيت نظر ايندي. پري ڪو نه وڃان محمد حنيف جي شاهڪار ناول “The case of exploding mangoes” کي غور سان پڙهبو ته چپن تي مرڪ به تري ايندي ۽ گڏوگڏ انهيءَ مرڪ جي پويان دل کي ڏکوئيندڙ ڳالهيون به نظر اينديون. سو چوڻ جو مقصد اهو ٿيو ته ليکڪ پاڻ سان ڏک کڻي هلندو آهي. ليکڪ ظاهري طور تي ڪيترو به خوشنصيب هجي، پر اندران بدنصيب هوندو آهي. ائين هيءَ بندو به ڏکن ۽ بدنصيبن جو شڪار رهندو اچي. پر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي خوشي به اچي ويندي آهي، جيڪا سالن جا سال به هلي سگهي ٿي. 1993ع جو سال مون لاءِ هڪ خوشيءَ جو سال بڻجي ويو، جيڪو اڃا تائين مهربانن جي مدد سان خوشنصيبيءَ جي صورت ۾ جاري و ساري آهي. ليکڪ کي ڪنهن به صورت ۾ داد ملندو رهي ۽ کيس هر وقت ياد رکيو وڃي ته اها ليکڪ جي خوشنصيبي چئبي.

    16 سال اڳ يعني 1993ع ۾ خيرپور ميرس جي دوستن نسيم کرل جي ڪهاڻين جي ياد ۾ محفل مچائي. مون کي صدارتي يعني آخري تقرير ڪرڻي هجي. انهيءَ محفل ۾ حسبِ معمول ”مهان“ ۽ ”عظيم“جو لفظ بار بار ورجايو ويو. اهي لفظ جڏهين غلط استعمال ٿيندا آهن ته چڙ ته ٿيندي آهي. ڪن دوستن مون کي به ”مهان“ ۽ ”عظيم“ چئي ڇڏيو. پاڻ تي اهو خطاب چنبڙندو ڏسي مون کي ردِعمل ته ڏيڻو هو سو چئي ويٺس ته ”مون صرف هڪڙو عظيم ڏٺو آهي، اهو آهي سنڌالاجي جي ميوزيم جو ڪيوريئر عظيم چانڊيو. رهي ڳالهه عظيم ڪهاڻيءَ جي ته ”يورپ ۾ اڻويهين ۽ ويهين جي موڙ تي عظيم ڪهاڻيءَ کي سلهه جي بيماري ٿي پيئي ۽ اها گذاري ويئي. اڻويهين صديءَ جي پنجاهين ڏهاڪي ۾ اردوءَ جي عظيم ڪهاڻي گهڻو شراب پيئي مري ويئي ۽ تازو سنڌيءَ جي عظيم ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي ويئي. باقي سٺيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن.“ اها تقرير ڪري جيئن ئي هيٺ لٿس ته ادل سومري مون کي چيو ”ڀنڀور کي باهه ڏيئي ڇڏيئه.“ مون کي اها خبر نه پيئي ته ڀنڀور کي ڪيئن باهه ڏنم، باقي اها سو خبر هيم ته ادل سومرو هڪ سڄاڻ ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سياڻو ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارو آهي. سو ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويو آهيان، جنهن جي حوالي سان مون کي ياد رکيو ويندو. ڪنهن ليکڪ کي جيئري هوندي خدا جا پورا سورنهن سال ياد رکيو وڃي ته کيس ٻيو ڇا کپي. منهنجو اهو انومان به هو ته ٿورن ليکڪن کي ڇڏي ڪري اسان جي اڪثر ليکڪن کي مغربي ادب جي ايتري ڄاڻ ناهي، تنهن ڪري شايد ڪن اهو سمجهيو هجي ته ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري کي TB وري ڪيئن ٿيندي. کين شايد ڊاڪٽر ائنٽن چيخوف جي خبر نه هوندي ته ڊاڪٽر ٿي ڪري به TB وگهي ڪيئن مئو. رهي اردوءَ جي عظيم ڪهاڻي ته اسان جا اديب ڪرشن چندر کي سعادت حسن منٽوءَ کان اڃا به وڌيڪ عظيم سمجهندا هجن ۽ کين اها به خبر نه هجي ته سعادت حسن منٽو وري ڪيئن گهڻو شراب پيئندو هوندو. شايد انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجي پون. باقي نسيم کرل کي گولي لڳڻ جي ته هر ڪنهن کي خبر هوندي. انهيءَ تي شايد نه چڙن، پر ڪجهه ڏينهن رکي اها باهوڙ مچي ويئي ته هن بندي سنڌي ڪهاڻيءَ کي ماري ڇڏيو آهي. جڏهين اها وٺ وٺان ٿي ته پوءِ وڃي مون کي ادل سومري جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته سنڌيءَ جا سڀ ڪهاڻيڪار پاڻ کي ”عظيم ڪهاڻيڪار“ ٿا سمجهن، پاڻ کي ”سٺا ڪهاڻي ڪار نٿا سمجهن.“ تنهن ڪري وٺ ضرور ڪندا. اڄ جڏهن هيءُ مضمون لکڻ ويٺو آهيان ته سمجهان ٿو ته هڪ ته منهنجي خوشنصيبي آهي، جو ڪهاڻيءَ جي هر محفل ۾ مون کي ياد ٿو ڪيو وڃي، ٻئي ڳالهه ته هاڻي اهو به سمجهڻ لڳو آهيان ته اها تقرير منهنجي زندگيءَ جي بهترين تقرير آهي.

    مون ڳالهايو ته ”عظيم ڪهاڻي“ جي باري ۾ هو، پر يارن ”عظيم“ لفظ ڪڍي باقي ”ڪهاڻي“ لفظ کي قائم دائم رکيو. ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته انهيءَ وقت جي اخبار جي ڪٽنگ ۽ خيرپور جي دوستن جي ڇپايل مخزن کي پڙهي سگهي ٿو. اهو مواد ادل سومري وٽ به آهي ۽ مون وٽ به پهچڻ وارو آهي، پر جيڪو ٿيو، مون لاءِ چڱو ٿيو. ڳالهه غلط ئي سهي منهنجي فائدي ۾ ويئي، سو اهي تبرا اڃا تائين مون لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهن.

    عجيب اتفاق هو، 1966ع جي هڪ هيرالڊ رسالي ۾ اها رپورٽ ڇپي ته ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ مغرب جا وڏا وڏا اديب اچي گڏ ٿيا، جن ۾ ميلان ڪنديرا (ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار) به شريڪ ٿيو. سندن گڏجاڻيءَ جو مقصد هو ته شارٽ اسٽوريءَ کي ڪيئن بچائجي. پاڻ ته اها رپورٽ پڙهي وائڙا ٿي وياسين. پر تمام گهڻ پڙهئي دوست شوڪت حسين شوري انهيءَ ڳالهه جي هنن لفظن ۾ چٽائي ڪئي ته ”جيئن ته اڄڪلهه دنيا جا سڀ وڏا ليکڪ ناول لکن ٿا ۽ کين سندن ناولن جي موٽ به گهڻي ٿي ملي. انهيءَ ڪري انهن ليکڪن وٽ ناول لکڻ کانپوءِ جيڪو فاضل وقت بچي ٿو ته واندڪائيءَ کان تنگ ٿي ڪهاڻي لکن ٿا. ظاهر آهي ته فاضل وقت ۾ لکيل ڪهاڻي ڪمزور هئڻ کپي ۽ آهي.“ اها هڪ حقيقت آهي، پر مون طرفان ڪهاڻي مارڻ جو راڳ پوءِ به بند نه ٿيو. هرڪو ته هيرالڊ به نٿو پڙهي، جي پڙهي به ٿو ته اهو اديبن جي گڏجاڻيءَ تي ڇو وقت وڃائي. ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ جي باري ۾ ڇو پڙهي، اها به ٿي پاڻ جي قسمت ڀلي.

    مون ته عظيم ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر ڪجهه سال رکي سنڌي زبان جي ڪجهه سينيئر ڪهاڻيڪار دوستن جون اهي به ڳالهيون ڇپيون ته سچ پچ ڪهاڻي مري چڪي آهي. اها ڳالهه ته انهن ئي دوستن ڪئي، جن کان ڪهاڻي لکڻ ڇڏائي ويئي آهي ۽ ٻيو ڪجهه لکڻ جي شايد اهل نه رهيا هوندا. هلو سائين، اها ڳالهه به پاڻ لاءِ خوشي کڻي آئي، ڪڏهن ڪڏهن غلط ڳالهيون به خوشي کڻي اينديون آهن. انهيءَ مٿان وري مهراڻ رسالي جي پرچي ۾ ڪنهن ڀائوءَ کان رهيو نه ٿيو، تنهن به ڪهاڻي جي قتل جو ڏوهه مون مٿان مڙهي ڇڏيو. ڀائو ڪي ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون آهن، سو ضرور پاڻ کي عظيم سمجهندو هوندو. ها بابا، ڪهاڻيءَ جو خون ڪيوسين، مضمون ڇو ٿو لکين، آئون صلاح ڏيان؟ هن وقت حيدرآباد ڊويزن جو ڊي آءِ جي بشير ميمڻ هڪ انصاف پرور ۽ ادب دوست ماڻهو آهي، ڀلو ماڻهو آهي، هر ڪنهن جي ٻڌي ٿو، کيس چئي ڄامشوري جي ٿاڻي تي هاڻي ڪهاڻيءَ جي خون جو ڪيس داخل ڪراءِ. مهراڻ مان ته هونئين ڪڍي ڇڏين، پر ٿاڻو موجود آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ تي به قلم 144 هڻائي ڇڏ، هروڀرو پنن تي مکيون ماريندڙ اسڪالر وٽان مضمون لکرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

    بهرحال ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي اتي ڪا نه ٿي کٽي. اڳئين سال ڪنهن خانگي اداري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تعاون سان ”پهرئين ڪهاڻي ڪانفرنس“ ڪوٺائي، مون کي ته دعوت ڪو نه هئي، پر ڪهاڻيءَ جو خون ثابت ڪرائڻ لاءِ چڱن مڙسن کي به گهرايائون. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪجهه ڏسڻن وائسڻن همراهن به وٺي اوڇنگارون ڏنيون ته ٿر جي هڪڙي همراهه ڪهاڻيءَ کي ڪهاڙيون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪهاڻي زمانه قديم ۾ به جيئري هئي. ڪهاڙيون لڳڻ کانپوءِ به جيئري آهي، ازل کان ابد تائين جيئري رهندي. بهرحال خون نه ئي سهي خون جو ارادو ئي سهي. نه وڃي ٿريو. سٺو هو انهيءَ وقت جي ڪراچيءَ جي هڪ ٻئي سٺي پوليس عملدار اي ڊي خواجه کي گهرائي پوءِ اوڇنگارون ڏين ها ته هيءَ بندو وڌيڪ بدنام ٿي خوش ٿئي ها. پر جيڪي ڪجهه رنا، اوتري ئي ياد چڱي، 1993ع ۾ خون ٿيل ڪهاڻيءَ کي به قبر مان ڪڍي پوسٽ مارٽم ڪري سگهجي ٿو ۽ نوان راز پڌرا ٿي سگهن ٿا.

    سو ائين اهي سورنهن سال پاڻ لاءِ خوشيون آڻيندا رهندا آهن، پر جيئن چيم ته هر خوشيءَ جي پويان ڏک موجود هوندا آهن. سو اهي ڏک موجود آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. وڏي ۾ وڏو ڏک آهي جهالت جو، سابه عظيم جهالت. ڳالهه ٺهي نه ٺهي جهل پڇ مان. سهي جون ڪل ٽنگون ٿيون ٽي عدد. جهالت به ڪمال جي. لڳي پيو ته دوستن کان ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري جي ڊيفينيشن به ائين ڇڏائي ويئي آهي، جيئن فقير کان ڀولڙي ڇڏائي ويندي آهي. انگريزيءَ وارا چون ”شارٽ اسٽوري“ اردوءَ وارا چون ”افسانو“ سنڌيءَ وارا انهيءَ ساڳئي شيءِ کي اڳي ته افسانو چوندا هئا، پر هاڻي چون ”ڪهاڻي“ جيڪو لفظ اردوءَ ۽ هندي تان ئي کنيو ويو آهي. انهيءَ ڪهاڻي جي لفظ مان ڪا مراد آکاڻي ناهي، پر شارٽ اسٽوري آهي. جيڪڏهن آئون ماڻڪ جي ناولٽ ”آڙاهه“ حليم بروهي جي ناول ”آڙاهه“ ۽ طارق ابڙي جي ناول ”رهجي ويل منظر“ کي ڪهاڻي چئي ويهي رهان ته مون جهڙو ڪو ٻيو گڏهه نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ناول، ناولٽ ۽ ڪهاڻي ادب جون ڌار ڌار صنفون آهن. اهڙي ساڳئي طرح جيڪڏهن آئون ”داستان گوئي“، ”آکاڻي“، ”لوڪ آکاڻي“، ”ڳالهه“ ۽ ”ڏندڪٿا“ کي ويڙهي سيڙهي ڪهاڻيءَ جي فن ۾ پروڙيندس ته گڏهه ته ڇا خراساني خچر هوندس. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني صنفن جي ڊيفينيشن الڳ الڳ آهي. جي ڪو ماڻهو شيل شڪار ڪري اچي اها ڳالهه ماڻهن کي ٻڌائيندو ته انهيءَ کي شڪار نامو چئي سگهجي ٿو. پر ڪهاڻي نٿو چئي سگهجي. ڪو سير سفر ڪري ماڻهو اچي ٻين کي ٻڌائيندو ته اهو ”سفرنامو“ هوندو، شارٽ اسٽوري نه هوندي. پر جي اسان ”شڪار نامي“ يا ”سفرنامي“ کي به ڪهاڻي بڻائي ويهي رهنداسين ته او هينريءَ کان وٺي چيخوف تائين، پريم چند کان وٺي سعادت حسن منٽو تائين ۽ امر لعل هنڱوراڻي کان وٺي جمال ابڙي تائين جا روح ڦٿڪي اٿندا. جي اسان ڀاڳو ڀان جي Epic ”دودو چنيسر سومرو“ قديم يوناني ڏند ڪٿائن ۽ هندو ڌرمي ڪٿائن کي به ڪهاڻيءَ جي ذمري ۾ آڻينداسين ته انهيءَ کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي جهالت هوندي.

    پاڻ کي اسڪالر ۽ آرڪيالاجسٽ سڏائيندڙ هڪڙي همراهه ته باقائده لکت ۾ آڻي ”فلم“ کي به ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوريءَ جي صنف ۾ هڻي واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن. خير اهڙا رايا ترجمي ڪرڻ جوڳا ته نه آهن، پر جي اتفاق سان ترجمو ٿي هن وقت جي اعليٰ فلمي ڊائريڪٽرن رومن پولنسڪي (Roman Poliniski) ۽ جيمس ڪيمرون (جنهن Titanic فلم ٺاهي آهي)، تائين ٿا پهچن ته ٻئي ڄڻا خطا ٿي ڪري پوندا ۽ پوءِ هڪدم وفات ڪري ويندا. اها ته حد ٿي ويئي آهي جو فلم کي به ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ آندو ويو. سنڌ ۾ اهڙيون ايجادون ڪرڻ جون اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان ته ٻڏي مرڻ چڱو آهي، درياءَ ۾ ٻڏي مرڻ جيڏو پاڻي اچي ويو آهي. جي اسان ويٺا اهي نعرا هڻنداسين ته جيستائين هڪڙو به سنڌي ماڻهو زنده هوندو، ايستائين سنڌي ڪهاڻي زنده رهندي. اها ته يار سنئين سڌي خام خيالي آهي. حقيقت اها آهي ته جي هوندو ئي هڪڙو ڄڻو ته سندس ڪهاڻي ڪير ٻڌندو، ڪير ڇپائيندو ۽ ڪير پڙهندو؟ جي هوندو ئي هڪڙو همراهه ته ڪهاڻي ته ڇا، سنڌي ٻولي به ڪو نه هوندي. يار، اهڙي وائي ته منهن مان نه ڪڍو. ڀلا جو بچيل سنڌي همراهه پنهنجي منهن ويٺو ڪهاڻيون بيان ڪندو ته اهو به چريو ٿي مري ويندو، ڳالهه ٿي جٺ ٿي. جڏهين ادبي حلقن ۾ جهالت انهيءَ هنڌ تائين پهتل هجي ته پوءِ بچيو ڇا؟ سڀ خوشيون حرام، سڀ ڏک سر تي، بقول آغا رفيق جي ته جيڪو به ٽانڊو ڪري، سو گل فقير تي. ٻيلي خدا خدا ڪريو، جي ڳالهه ڪريو ته ساري سنڀالي ڪريو. لکڻو اٿوَ ته قلم سان لکو. ٺلها ڦوڪڻا نه اڏايو. آخر ويچاري عام پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي. سنڌي نوجوانن کي اهڙيون پٽيون پڙهائي ڪنهن جو سر ته نه روليو. هونئن به سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ابا ڳالهه اهڙي ڪر، جيڪا ٺهي، متيون نه منجهاءِ“ پوءِ به جيڪا جنهن جي مرضي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو