پڪو گهر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پڪو گهر​

    [​IMG]
    اڪبر ڪهاڻي


    سياڻن جي چواڻي آهي ته پاڙيسيرين سان رهڻو هجي ته سڀ کان اڳ هن مهل باري سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن پاڙيسيرين سان جهيڙو ٿيندو ته پوءِ ڇا ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن جا سڱ سڀ کان پهريان پاڙيسيرين سان ئي ڦاسندا آهن، معني سڀ کان پهريان هر ڪنهن جو جهيڙو پاڙيسيرين سان ٿيندو آهي.
    دور پري رهندڙ دشمن سڀ کان پهريان ته سڱ ئي نه ڦاسائيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڦاسائيندا به آهن ته هن جا ڪيترا ئي حل نڪري سگهن ٿا. تمام گهڻي ڏکيائي هن مهل ٿيندي آهي جڏهن پاڙيسيرين سان جھيڙو ٿيندو آهي.
    ڪچي گهرن ۾ رهندڙ ۽ لٺون گهمائيندڙ پاڙيسيرين سان دال ٽڪي ورهائڻ جي اها صورت آهي ته هنن کان بهترين گهر ٺاهڻ گهرجي. ٿي سگهي ته پڪو ۽ مضبوط گهر ٺهرائجي ۽ پاڙيسيرين جي لٺن ۽ ڏنڊن سان برابري ڪرڻ لاءِ هر مهل هنن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ائين نه هجي ته هيڻي ماڻهون جو ڌرتي تي رهڻ جو نه ڪو حج آهي ۽ نه ڪو مطلب آهي.

    هن کي طويل عرصو ڪونه ٿيو آهي. اڄڪل جي ڳالهه محسوس ٿيندي آهي ته اسانجي ڳوٺ جي ويجهو ٻن ڌرين ۾ ڪنهن ننڍي ڳالهه تي تڪرار ٿي پر هوريان هوريان ڳالهه اڳتي وڌندي رهي هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن اچانڪ ٻنهيءَ ڌرين جو جهيڙو وڌي ويو.
    ڪجهه دير تائين جھيڙو هلندو رهيو ۽ ٻنهيءَ ڌرين جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. پر جڏهن جھيڙو ختم ٿيو ته ٻنهيءَ ڌرين محسوس ڪيو ته جھيڙي ۾ ترار، بندوقن ۽ توپن سان وڙهندڙن بدران مڪان جو گهڻو ڪم هوندو آهي. جنهن به ڌر جي جاءِ بُلند ۽ پڪي ڌرتي تي هوندي ۽ گهر جون ڀتيون وڏيون هونديون آهن ته نيٺ هو ڪاميابي ماڻيندا آهن.
    ٻنهيءَ ڌرين مان جيڪي امير هئا هنن پنهنجي رهڻ لاءِ انڊر گرائونڊ ڪوٽ ٺاهيا ته جيئن جھيڙي ۾ دشمن جو مقابلو بهتر نموني سان ڪيو وڃي.
    پر ٻئي ڌر پٽ سٽ ڪري اوڌر جي ذريعي پنهنجو گهر ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهڙو گهر ٺهرايو جنهن جا دروازه ٽينڪ جا هئا. ڀتيون توپن جون ۽ ڇت هوائي جهازن جي هئي. گهر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گهر جي ڪنڍن ۾ ۽ فرش جي هيٺ گولي بارود جون پيٽيون وڇايون ويون.
    پر رب جي رضا ڇا هئي. نه پاڙيسيرين سان جهيڙو ٿيو، نه هن پڪي ڪوٽ جي مضبوطي آزمائڻ جو وقت آيو. هڪ ڏينهن ڪنهن گهر ڀاتي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي گهر ۾ ٻرندڙ تيلي اُڇلي ته گهر ۾ بارود جو اهڙيون رڙيون ٻڌيون ويون جو ٻڌندڙن جا ڪن ڦاٽي پيا. ٽينڪن جي دروازن، توپن جون ڀتيون ۽ هوائي جهاز جي ڇت وارو گهر رهواسين سوڌو ڌوڙ جي بادلن سان اُڏامي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو