لائق پُٽ اڪبر ڪهاڻي ماءُ ڪيتري عرصي کان ڪمزور رهندي هئي. پوڙهيون هڏيون، عمر جو آخري حصو. هر ڪم اڻائو، هر پاسي وڳوڙ، هر پاسي اُجاڙ، هر مامرو خراب. ٻني، گهر ٻار هر هنڌ شامتون ۽ خرابو، هر پاسي بربادي. سياڻي پُٽ ۽ ڌيئرون سڀئي ناڪاره، ڇڙو ويهي کائيندا هئا، نه ڪو وڏو مٿي تي هيو نه ڪنهن ٿنڀ جي ٽيڪ، نه ڪنهن وڻ جي ڇانو. هر مهل روڄ راڙو. هر پاسي کان اذيتون ۽ ساڙ. ڏينهن ڏٺي جو اونداهه. سُک الاءِ ڪيڏانهن موڪلائي ويا هئا. رزق جي کوٽ ۽ جهُڳي ڦاٽل. پاڻ ۾ اختلاف، هر شئي جي کوٽ. نه دوا نه ٽپڙ ٽاڙي. ٻارهن سالن کانپوءِ رب سائين ڍيري جي به ٻُڌي هئي. لائق پُٽ سمنڊ پار پڙهڻ لاءِ ويو هو. سڀئي ڪتابون پڙهي علم حاصل ڪري وريو ته هن اچڻ شرط سندس ماءُ کي ٻڌايو پئي ته هاڻ سمورا ڏُک درد ختم ٿي ويندا. هاڻ توکي ڪنهن به شئي جي ضرورت نه پوندي. سُک ۽ سڪون سان تنهنجو دامن ڀرجي ويندو. ماءُ چيو، ”پُٽ! منهنجون سموريون اُميدون منهنجي حياتي سان جڙيل آهن. مونکي تنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن بُک ۽ اُڃ ۾ ترسائي ماريو آهي پر هاڻ ته رب سائين توکي وڏو مرتبو ڏنو آهي. مونکي ڏُکن ماري ڇڏيو آهي تون مونکي ڏُکن جي کوهه مان ڪڍ ۽ اڳ ۾ منهنجي دردن جو درمان ڪر ته جيئن آئون سُک جو ساهه کڻي سگهان. لائق پُٽ چيو ”امڙ سائڻ! مونکي ٻڌاءِ ته تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪريان؟“ ماءُ چيو ”پُٽ! آئون بيمار رهندي آهيان، ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي پئي وڃان. اڳ ۾ منهنجي جسماني بيمارين جو علاج ڪر، منهنجي بيمارين جو ڌيان ڪر. آئون سُک جو ساهه به نٿي کڻي سگهان. اکين جي آڏو اونداهه رهندي آهي. منهنجي عضون ۾ سور رهندو آهي.“ لائق پُٽ سندس ماءُ جي هيڻي حالت ڏسي هڪ گهڙي لاءِ گهر نه ويٺو. جھٽ پٽ هوائي جهاز تي سوار ٿي ويو. شهر شهر مُلڪ مُلڪ پرواز ڪندو هو. شيدين جي ديس مان سندس امڙ سائڻ لاءِ ڪاري رنگ جي پٿر جو تخت ٺاهي موڪليائين، جنهن ۾ انمول موتي ۽ هيرا لڳيل هئا. چوڻ وارا چوندا هئا ته حضرت سليمان سبا راڻي جو جيڪو تخت موڪليو هو هي تخت بالڪل انهيءَ نموني جو ٺهيل آهي ۽ لائق پُٽ جي ماءُ هن تي ويهي راج ڪندي. راڻي سڏائيندي. انگريزن جي ديس ۾ ويو ته هتان سندس امڙ سائڻ لاءِ هيري موتين جو تاج ٺهرائي موڪليائين ۽ هن سان گڏ ڪُندن جو ست لڙين وارو هار جيڪو ماءُ جي پيرن تائين ڊگهو هيو. نئين دنيا ۾ ويو ته هتان پنهنجي ياترا جا ايلبم تيار ڪرائي موڪليائين ته جيئن هو گهر ويهي سموري سنسار جي سير ڪري سگهي. سنسار جي ڏکڻي علائقن ڏانهن ويو ته هتان سندس امڙ سائڻ لاءِ اهڙا شاندار پوشاڪون ٺهرائي موڪليائين جنهن ۾ ست سمنڊن جا موتي لڳيل هئا. جنهن کي ڏسي الاهي ديسن جون راڻيون چونديون هيون ته ”هاءِ اسانکي ڪڏهن اهڙيون پوشاڪون نصيب ڪونه ٿيون آهن.“ هڪ دوست ديس جي حاڪم کان توپن جو اهڙو سيٽ ٺهرائي موڪليائين، جيڪي سندس امڙ سائڻ جي محل ۾ رکيون وڃن ته جيئن سندس ماءَ ڪنهن وڏي راجه جي امڙ محسوس ٿئي ۽ ڪو دشمن سندس محل ڏانهن ڪني نظر سان ڏسڻ جي جرات نه ڪري سگهي. آخر ۾ لائق پُٽ هڪ گُنبد تيار ڪرائي موڪليو جيڪو سندس امڙ سائڻ جي اٻاڻي شهر ۾ هنيو وڃي ته سندس امڙ جي والدين جا نالا لکيا وڃن ته جيئن سندس امڙ جو نالو هميشه لاءِ ماڻهن جي زبان تي رهي. لائق پُٽ سندس ماءُ جي لاءِ ٻاهرين ملڪن کان بيشمار سوکڙيون موڪليندو رهيو ۽ ماءُ پنهنجي جسم جي بيمارين جي علاج لاءِ واجهائيندي رهي، ۽ جڏهن لائق پُٽ گهر موٽيو ته سندس امڙ ٻي جهان پهچي وئي هئي. ها لائق پُٽ جي موڪليل عجائب گهر ۾ رکيل قبر وٽ هو گُنبد موجود هيو جيڪو لائق پُٽ خاص طور تي امڙ ۽ سندس والدين جي ياد لاءِ ٺهرائي موڪليو هو.