غني سائين

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    غني سائين​

    اڪبر ڪهاڻي

    اها هڪ دوست جي ڳالهه آهي ۽ اکرن ۾ سندس مورت آهي. آئون اکرن ۾ سندس مورت ڪڍندو آهيان ۽ جڏهن به ڪو مونکان اها ڳالهه ٻُڌي ٿو ته کيس ڏاڍو مزو ايندو آهي. انهيءَ ڪري آئون سندس دوست جون ڳالهيون لکي ڇڏيون آهن. سندس نالو غني هيو ۽ ماڻهن کيس تڏهن غني سائين چوڻ شروع ڪيو جڏهن هو فقير بڻجي ويو.
    غني هڪ ڪارخاني ۾ پورهيو ڪندو هو ۽ سندس ڪو به ڌيءُ پُٽ ڪونه هيو. رڳو هڪ ذال هوس. جڏهن فقير بڻجي ويو ته هن سندس ذال کي طلاق ڏئي ڇڏي. گهر وڪرو ڪري سندس حق مهر ادا ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه به بچيو هو سندس سڳي ڀائرن کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن جا رب جي فضل سان الاهي ٻآر هئا ۽ هو سندس سڀ ڪجهه ورهائي غني کان غني سائين بڻجي ويو.
    هو گهمندو ڦرندو ڪڏهن به اسانجي شهر ايندو هو ته هڪ ٻه ڏينهن لاءِ مون وٽ ترسندو هو. تڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. پر منهنجي رهڻ ويهڻ ۽ سمهڻ جي اوطاق ڌار هئي، جنهن جو هڪ در گهر جي اڱڻ ڏانهن کلندو هيو. اوطاق ۾ سدائين پڙڇ وڇايل هوندي هئي ۽ هڪ پاسي منهنجي کٽ تي هنڌ وڇيل رهندو هو. جيڪڏهن آئون موجود نه هوندو هوس ته سائين پڙڇ تي ويهندو هو يا سمهي پوندو هو. ڪڏهن ته آئون گهران کيس چادر وغيره گهرائي ڏيندو هوس، ۽ ڪڏهن پنهنجو هنڌ وڇائي ڏيندو هوس، جنهن سان سندس گذارو ٿيندو هو. غني سائين ويٺي ويٺي ڏندن ۾ هڻڻ لاءِ ڪڏهن به صاف تيلو نه ٽوڙيندو هو، نه ڪڏهن ڪجهه گهرندو هو. نه ئي ڪڏهن ڪنهن شئي لاءِ سوال ڪندو هو. ماني جي ويلي تي کيس صلاح ڪئي ويندي هئي ته ٻه گرهه ماني جا کائي وٺندو هو نه ته چئي ڇڏيندو هو ته ”مونکي ڪنهن به شئي جي طلب ناهي“ ساڳئي طرح چانهن پاڻي پيئندي کيس ڏسي وٺو، دل چوندي هوس ته ها نه ته انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
    اڄ تائين هن ڪڏهن به پنهنجي لاءِ پاڻي جو گلاس نه گهرايو هو. سدائين فقيراڻو چولو ۽ شلوار پائيندو هو، هڪ جتي ۽ هڪ چادر کانسواءِ سندس جسم تي ڪو ڪپڙو ڪونه هوندو هو. لوهه جي هڪ ننڍي صندوق هوندي هوس. جنهن ۾ پنهنجون شئيون، سستيون ۽ انمول دوائن جون پڙيون ۽ شيشيون هونديون هيون. هڪ شيشي ۾ هن پپر جو ڇوڏي جو پائوڊر رکيو هو. هي ذائفن ۽ مردن جي تڪليف لاءِ هوندو هو. هڪ شيشي ۾ ٻٻر جو کوئند جو پائوڊر هوندو هو. هي ڏندن تي هڻڻ لاءِ هيو ۽ ٻين ڪيترين ئي ڳالهين لاءِ اهو پائوڊر ڏيندو هو. هڪ شيشي ۾ ڦٽڪي جو پائوڊر هيو. اکين جي تڪليف لاءِ سڪي يا پاڻي ۾ پسائي استعمال ڪندو هو. اهڙيون بيشمار دوائون هيون، جن کي تيار ڪرڻ لاءِ محنت سان گڏ خرچ به تمام گهٽ ٿيندو هو. غني سائين ڪنهن کان به دعا سڳي لاءِ هڪ رپيو ئي ڪونه وٺندو هو ها بعض دوائون اهڙيون هونديون هيون جيڪي ماڻهن کان سامان گهرائي تيار ڪندو هو. پاڻي ۾ فولاد جو ڪشتو ٺاهيندو هو ۽ پاپڪا فولاد جو چورن ڪنهن ضرورتمند کان گهرائي وٺندو هو. پيٽ سور جون ٽڪيون ٺاهڻ لاءِ ڪنهن کان چار اجواڻ گهرائي وٺندو هو يا دست جي گولين لاءِ املتاس جهڙيون شئيون ڪنهن به ماڻهون کان گهرائي وٺندو هو. غني سائين حاجتمندن کي بغير ڪنهن معاوضي جي دوائون ڏيندو هو. دردن جو درمان ۽ علاج ڪرڻ جو سبب اهو ٻڌائيندو هو ته فقير کي گهرجي ته هو ماڻهن جا ننڍا ڪم ڪندو رهي. بالڪل بيڪار نه ٿئي ۽ اها ڳالهه ڪري هو زور سان کلندو هو.
    هڪ دفعو ٻه چار ڏينهن تائين مون وٽ رهڻ کانپوءِ سائين غني موڪلائڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته آئون کيس ٻه چار رپيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سندس هٿ سٽ ڏئي ڇڪي ورتو ۽ پئسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. چيائين ”جڏهن کان روزگار ڇڏيو آهي، جڏهن کان ذال کي طلاق ڏني آهي ۽ جڏهن کان گهر وڪرو ڪيو آهي، ڳاڙهو نوٽ تري تي رکي ڪونه ڏٺو آهي.“ آئون چيو ”سائين جُتي ڇڄي پوي ته پوءِ نئين جُتي ڇو خريد ڪندو آهين؟ چيائين ”ڪنهن اسٽيشن يا بس اڏي تي بيهي ڪري ماڻهن کان پڇندو آهيان“ ”ادا ڪنهن کي سامان کڻائڻو آهي؟ پوءِ اهو ماڻهون جيترا به پئسا ڏيندو آهي ته آئون کيس چوندو آهيان ته مونکي نه بلڪ ڪنهن به دُڪاندار کي ڏئي ڇڏ. جڏهن به دُڪاندار وٽ جُتي جيترا پئسا گڏ ٿي ويندا آهن ته آئون کيس چوندو آهيان ته ادا هاڻي مونکي نئين جُتي ڏئي ڇڏ. ”آئون چيو، سائين! تون ماني ڪٿان کائيندو آهين؟ چيائين ”تو وٽ به ته سدائين ٻه ٽي ڏينهن تائين رهندو آهيان تون ڪڏهن به مونکان ماني جا پئسا گهرندو آهين!. اهڙي طرح جيڪڏهن توکي بُک لڳي ته پوءِ ڇا ڪندين؟ چيائين ”تون ڪڏهن اُٺن جون منڍيون ڏٺيون آهن، ڪيتريون ٿلهيون هونديون آهن. گاهه ۽ وڻن جا پن کائيندا آهن. آئون گاهه ۽ وڻن جا پن کائي هڪ ڏينهن نٿو گزاري سگهان؟“ آئون سندس ڳالهه ٻُڌي لاجواب ٿي ويس. پر آئون وري به کيس ٻه رپيه ڏيڻ لاءِ آخري ڪوشش ڪندي چيو ته ”هل جنهن هنڌ به وڃڻ چاهين اسانجي طرفان ريل يا گاڏي تي چڙهي وڃجانءِ.“ چيائين ”جٿي وڃڻو آهي هتي منهنجي ماسي ڪونه رهندي آهي جيڪا منهنجي لاءِ مٺو ڀت پڇائي منهنجو انتظار ڪري رهي هوندي ته منهنجو ڀاڻيجو ايندو ۽ گرم گرم چانور کائيندو، متان چانور ٿڌا نه ٿي وڃن. آئون اڃان تائين اها ڳالهه سمجهي آهي ته يار اُهي ٻئي ماڻهون غني هوندا آهن، جن وٽ پنهنجي ضرورت لاءِ پئسا هجن ۽ ٻيو اُهو جنهن کي ڪنهن شئي جي ضرورت نه هجي........ آئون زندگي ۾ ڪيترا ئي فقير ڏٺا آهن، سيلاني به ۽ مقامي به. پر غني سائين جهڙو غني ماڻهون ڪونه ڏٺو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو