• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو بنگلو بچائڻ منهنجو حق آهي۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هوئن ته جيو پروگرام جي پروگرام ”آج ڪامران ڪي ساٿ“ گهڻن ڳالهين ڪري مون کي اصل نه وڻي ۔۔۔ پر تازو سنڌ ۾ ٻوڌ جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون ڏسڻ ۾ هرج به نه ڀانيان۔۔۔۔
ان پروگرام جي تازو شو ۾ سکر جي هڪ جتوئي ايم اين اي جو موضوع ۾ آندل بيان ۽ وري پنهنجي بنگلي بچائڻ لاءِ سوين ڳوٺن جي غريبن جي لوڙهن وارن گهرن کي ٻوڙڻ جي ڪاروائي ڏسي ڪافي جذباتي ٿي ويم۔۔۔ توهان سڀني کي هن وڊيو ڏسڻ جي دعوت ڏيندي سوال آهي ته ڇا پنهنجي ملڪيت بچائڻ جو حق اسان کي ايترو ته آهي جو ڀلي ان سان ٻين کي نقصان ٿئي ۔۔۔؟
مهرباني فرمائي وڊيو جي اردو هجڻ کي نظر انداز ڪيو وڃي۔۔۔

[fv]10150258595250055[/fv]​
 
جواب: پنهنجو بنگلو بچائڻ منهنجو حق آهي۔۔۔۔۔

ادا هتي اهڙا واقعا ته روز پيا ٿين جي ٻڌو به نه ته اصل نگ رهجي ويو
ٻئي ڳالهه وري مان توهان کي ٻڌايان آغا تيمور خان پٺاڻ منسٽر وري پنهنجو ڳوٺ سلطان ڪوٽ بچائڻ خاطر روڊ کي ڪٽڻ نه پيو ڏئي ته جيئن پاڻي شڪارپور شهر ڀلي وڃي پر سلطان ڪوٽ نه اچي پر قدرت جو ڪمال ڏسو
پاڻي وري به سڀ کان پهريائين سلطان ڪوٽ ويو


وري به اسان جهڙا ماڻهو سڌرندا ڪو نه وري اڳئي اليڪشن ۾ ساڳيا ماڻهو وري ايندا

سدائين گڏ
 
جواب: پنهنجو بنگلو بچائڻ منهنجو حق آهي۔۔۔۔۔

ادا بس ڳالهه اها آهي ته ۔۔۔۔ ڪڇان ته ڪافر۔۔۔
 
جواب: پنهنجو بنگلو بچائڻ منهنجو حق آهي۔۔۔۔۔

سائين هي ته ننڍڙا ماڻهون آهن اصل انهن ڪمن ۾ ته انهن جا مٿيان ابا ئي رڌل آهن ته ٻچا پنهنجن ابن جي تقليد ڪندا نه؟!
 
Back
Top