• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڪيلي زندگي گذاريندڙن ۾ شادي شده ماڻهن کان وڌيڪ چريو ٿيڻ جو امڪان

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
اڪيلي زندگي گذاريندڙن ۾ شادي شده ماڻهن کان وڌيڪ چريو ٿيڻ جو امڪان

man-alone-london-lg.jpg
طبي ۽ نفسياتي ماهرن چيو آهي ته وچولي عمر ۾ جيڪي ماڻهو اڪيلي زندگي گذاريندا آهن، اهي شادي شده ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ننڊ جي خرابين، ذهني دٻاءَ ۽ يادداشت ۾ گهٽتائي جهڙن مسئلن جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن. ماهرن چيو ته جواني ۽ 45 سالن تائين اڪيلي زندگي گذاريندڙ 85 سيڪڙو ماڻهو پوڙهائپ ۾ چريائپ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اها تحقيق هڪ هزار 450 اهڙن ماڻهن تي مڪمل ڪئي وئي، جن جي عمر 50 سال هئي ۽ اهي اڪيلي زندگي گذاري رهيا هئا. ٻئي مرحلي ۾ 65 کان 80 سالن جي عمر وارن ماڻهن جي ذهني حالت کي ڏٺو ويو، تحقيق ڪندڙ ماڻهن مردن ۾ ديوانگي جي خطري کي وڌيڪ ۽ عورتن ۾ گهٽ قرار ڏنو آهي. اها تحقيق پروفيسر مهبا ڪيوي پيٽيلو مڪمل ڪئي، جنهن کي ”برٽش ميڊيڪل جرنل“ ميگزين شايع ڪيو آهي

بشڪريه ويچار ڊيسڪ
 
Back
Top