ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ديسي ”ڀنگ جا پڪوڙا“ ۽ ولايتي ”ڀنگ چاڪليٽ
ڪمپني جي ذريعن موجب ڀنگ چاڪليٽ پهريان آمريڪا ۾ وڪرو ٿيندي ۽ بعد ۾ هوران هوريان هندستان تائين پهچي ويندي. ان چاڪليٽ جو نالو هوندو ”ڀنگ: اصلي ڀنگ چاڪليٽ“ جيڪڏهن ٽريڊ مارڪ ملي ويندو ته پوءِ ٻيو ڪو به شخص ڪنهن ٻي چاڪليٽ لاءِ ڀنگ جو نالو استعمال ڪونه ڪري سگهندو.
رڪسل نالي جي ڪمپني پهريان ئي هڪ ”ڀنگ چاڪليٽ ڪمپني انڪارپوريشن“ نالي سان ڪمپني تيار ڪئي آهي ۽ چاڪليٽ جي مشهوري لاءِ اِها ڪمپني ٽي شرٽس، بيس بال جي ٽوپين سميت ”ڀنگ چاڪليٽ“ جا لوگو تيار ڪري رهي آهي. رڪسل جو چوڻ آهي ته هو مستقبل ۾ ان چاڪليٽ کي سڄي دنيا ۾ وڪڻڻ چاهي ٿي.
رڪسل 2 قسمن جون ڀنگ چاڪليٽون ٺاهڻ چاهي ٿي هڪ اڇي چاڪليٽ جنهن ۾ ڀنگ جا ٻڄ ۽ تيل شامل هوندو ۽ ٻي ڪاري رنگ جي هوندي جنهن ۾ گانجو هوندو.
بشڪريه ويچار ڊيسڪ