اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي

'شيخ اياز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي ​

    [​IMG]
    محمد ابراهيم جويو

    اياز جي وئي کانپوءِ طبيعت ايڏي وياڪل ۽ اداس آهي، جيئن انگريزيءَ ۾ هوند چوان: All Sunshine has gone out of my life (منهنجي زندگيءَ مان سج جي سموري تپش ڄڻ گم ٿي ويئي آهي!) اياز منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجو عزيز هو. ساڻس سڄي عمر تقريبن ساٺيڪن سالن تائين گڏ گذري منهنجو زندگيءَ جي ٽياسي سال ۾ پير آهي، پاڻ مون کان اٺ سال ننڍيءَ عمر جو هو. مون پنهنجي عمر ۾ ڪافي صدما ڏٺا ۽ سٺا آهن، اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري آهي ته منهنجيءَ عمر ۾ ڪافي دوست، عزيز ۽ قريب مون کان وڇڙي ويا آهن، منهنجو تجربو هيءُ آهي ته اهڙن واقعن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن، هفتي ٻن يا مهيني کن تائين، طبيعت گهڻي ملول رهندي آهي، پر پوءِ اها ڳالهه ٿوري ٿوري ٿي شانت ٿي وڃي ٿي. پوءِ به جيئن ٻن چئن هنڌ اڳ ۾ مون چيو به آهي ۽ لکيو به آهي، وڇڙي ويلن جي يادگيرين جو سلسلو تازو ۽ لاڳيتو رهي ٿو. ماڻهو دنيا ۾ اچن ٿا ۽ ماڻهو دنيا مان وڃن ٿا. انسان ته ڇا پر، ٻي به ڪا جيوت سدائين جيئري نٿي رهي. موت هر جيو تي لازم آهي، پر جيستائين عزيزن، قريبن ۽ دوستن جي يادگيري دل تي تازي رهي ٿي، تيستائين اهي ڪم از ڪم منهنجي لاءِ نٿا مرن، زندهه ٿا رهن، ڪجهه وقت کانپوءِ اها فقط يادگيري ئي هجي ٿي، جنهن تي پوئتي رهيل جيئري ماڻهوءَ کي راضي رهڻو پوي ٿو، ڇو ته پوءِ اهو پهريون لڇائيندڙ ۽ ڦٿڪائيندڙ غم ۽ اندوهه ماٺو ٿي وڃي ٿو. عزيزو! اياز کي پنهنجي جيئري شاعر جي حيثيت ۾ ۽ دوستيءَ جي حيثيت ۾ ۽ ٻيءَ به هر حيثيت ۾ جيڪا مڃتا، قدر شناسي ۽ عزت ملي، آئون ڀانيان ٿو ته اها تمام ٿورن خوش نصيبن کي نصيب ٿيندي آهي، اياز جا دوست سندس تمام وفادار دوست هئا، اياز جا علمي ۽ ادبي قدر شناس، سندس شاعريءَ جا متوالا ۽ شائق ۽ سندس وڪالت جي پيشي جا مداح ۽ ڳولائو ڪافي گهڻا ۽ سدائين موجود هئا. مون کي معلوم آهي ته پاڻ نهايت ايمانداري سان ۽ ڪامل توجهه سان پنهنجي وڪالت ڪندا هئا. مون تمام ٿورا وڪيل اهڙا ڏٺا، جيڪي پنهنجي مئوڪلس جي سلسلي ۾ پاڻ تي عائد ٿيل فرضن يا ذميدارين کي اياز وانگر نڀائيندا هجن. مون کي ڪيئي ماڻهو گڏيا، جيڪي ان سلسلي ۾ اياز جا پرستار رهيا. آئون ان ڳالهه جو هڪ ڀيرو نه پر ڪيئي ڀيرا پاڻ شاهد آهيان. خاص طرح جڏهن پني عاقل تعلقي ۾ فوجي ڇانوڻيءَ جي قيام جي سلسلي ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي غصب ٿيل زمينن جا سکر ۾ ڪيس هلي رهيا هئا، تڏهن ڪيئن اهي ماڻهو پوري اطمينان ۽ اعتماد سان ساڻس اچي ملندا هئا ۽ هاڻ به هر هنڌ ۽ هر موقعي تي وڪيل شيخ اياز جي ايمانداريءَ، بهادريءَ ۽ مهارت جو ذڪر ڪندا آهن. ان سڄي تر ۾ اهي ڳالهيون اڄ به عام جي زبان تي چڙهيل آهن. ان طرح شيخ اياز کي پنهنجي زندگيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه جو ڪو افسوس نه هو ته ڪو سندس قدر نه ٿيو، پر پاڻ سدائين اهڙو اظهار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”ماڻهو منهنجا تمام گهڻا مداح آهن!“ ۽ ائين چئي ۽ پنهنجن قدردانن کي ياد ڪري پاڻ گهڻو خوش ٿيندا هئا. جيڪڏهن ڪن خاص حلقن ۾ سندس ادبي ۽ شعري تخليق تي ڪا تنقيد ٿيندي هئي، ته ان کي هڪ لازمي ۽ دستوري ڳالهه سمجهي، پاڻ نظرانداز ڪندا هئا، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي موٽائي، جواب ڪو نه ڏنائون، پر انساني شعور جي اهڙي تنقيدي عمل کي فطري ڳالهه سمجهي درگذر ڪندا هئا ۽ وساري ڇڏيندا هئا ۽ ساڳئي وقت شعور جي امانت کي قدرت طرفان خود پنهنجي لاءِ به اهڙي ئي فطري عنايت ڄاڻي، پنهنجي فڪري آزاديءَ جو حق به پوري اعتماد ۽ مثبت يقينيءَ سان استعمال ڪندا رهندا هئا. غلط ۽ صحيح، چڱي ۽ مٺي جي سڃاڻپ جي هيءَ امانت يا صلاحيت جڏهن خاص انسان جي حصي ۾ آئي، ته ڏسو ٿا ته ان جي استعمال سان انسان جو شرف ۽ سندس ڪاميابيءَ جو عروج ڪٿان کان ڪٿي وڃي رسيو آهي. جيڪڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ جي سلسلي ۾ يا هن جي شخصي ڳالهين جي سلسلي ۾ ڪو پنهنجو رايو پيش ڪري ٿو ته انهيءَ ۾ ڪا اربعا خطا ڪانهي. ۽ آئون پوريءَ ذميداريءَ سان چوان ٿو ته شيخ اياز کي هميشه انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هوندو هو ته ماڻهن کي اهو حق آهي ته اهي سندس شاعريءَ کي تورين تڪين ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪن، ۽ پوءِ ئي هو اها سمجهي سگهندا ۽ ان جو قدر ڪري سگهندا. کيس اهو به احساس هو ته ان طرح جا سندس شاعريءَ جا قدر شناسيءَ وارا تمام گهڻا آهن، جيئن توهان کي ۽ اسان کي به معلوم آهي ته ماڻهن پنهنجن سڪيلڌن پٽن جا نالا ئي اياز، اياز لطيف يا لطيف اياز رکيا، ۽ هن لاءِ ائين به پنهنجي محبت ۽ عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ان ڪري جيڪڏهن شيخ اياز جي سوچ يا سندس شاعريءَ تي تنقيد ٿئي ٿي ته انهيءَ ۾ انساني عقل ۽ سمجهداريءَ جو حق ادا ٿئي ٿو. ماڻهوءَ کي جيڪا شعور جي امانت مليل آهي، جيڪڏهن ڪنهن ان جو استعمال ڪيو، ته ان ۾ ڪنهن جو به ڪو هاڃو يا حرج ڪونهي. ڳالهه فقط هيءَ آهي ته تنقيد بيجا نه هجي، پر بجا تنقيد هجي. جيڪڏهن ان جائز ۽ ناجائز تنقيد جي ڪسوٽيءَ کي سامهون رکي ڪو تنقيد ڪري ٿو ته اها تنقيد مفيد ۽ ڀلي تنقيد ئي ليکبي، تنقيد غلط به ٿي سگهي ٿي، پر غلط تنقيد بجا به ٿي سگهي ٿي ۽ بيجا به ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح صحيح تنقيد به بيجا ۽ بجا تنقيد ٿي سگهي ٿي. ڳالهه فقط Admissible يعني مناسب ۽ جائز ۽ In-admissible يعني نامناسب ۽ ناجائز تنقيد جي آهي، جنهن جي ڪسوٽي هيءَ آهي ته تنقيد ڪرڻ وارو ماڻهو پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند (Prejudice) يا پنهنجي انفرادي مفاد (Self-Interest) کي سامهون رکي تنقيد ٿو ڪري يا هڪ وسيع، وڏي ۽ اصولي قدر يا قدرن کي سامهون رکي ۽ اجتماعي سماجي شعور سان تنقيد ٿو ڪري يا پنهنجي ذاتي يا آراڌي (Alienated) مراد يا نيت سان تنقيد ٿو ڪري. انفرادي ۽ ذاتي مراد ۽ اجتماعي سماجي مراد انسان جي من جون ٻه اڇلون آهن ۽ اهي انسان جي ذهن جا بنيادي ڇلانگ آهن، بلڪه انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي، ته اهو ئي آهي ته حيوان خالص حياتياتي نموني سان (Biologically) پاڻ کي زندهه ۽ جيئرو رکڻ ۾ مصروف رهي ٿو، جڏهن ته انسان تي پنهنجي جياپي لاءِ ۽ ان کان مٿي اڀرڻ لاءِ سندس سماجي اجتماعي (Collective يا Social) حيثيت وڌيڪ لازم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي وصف ئي اها ٻڌائي ويئي آهي، يعني هيءَ ته ”ماڻهو سماجي حيوان آهي.“ (Man is a social animal) جيتريقدر ماڻهوءَ ۾ اهو سماجي شعور وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو، ايترو ئي هو انسانيت جي درجي ۾ افضليت ماڻي ٿو، ان شعور هيٺ ئي هو ائين سمجهندو آهي ته آئون ٻين لاءِ جيان ٿو، جيئن ٻيا مون لاءِ جيئن ٿا، ان شعور جي اثر ۾ آيل ماڻهوءَ جو اٿڻ ويهڻ، جاڳڻ، سمهڻ ۽ کائڻ پيئڻ بلڪه هن جي عمل جي هر ڳالهه ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ وقف ٿي وڃي ٿي، پنهنجي ڪٽنب ۾، قوم ۾ ۽ ماڻهوءَ جي ان ڳانڍاپي کي سماجي ڳانڍاپو ٿو سڏجي. سماجي اجتماعيت (Social Collectivism) ئي انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ وڏي ۾ وڏو امتياز آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن تنقيد به سماجي نقطه نگاهه کان ٿئي، جنهن ۾ ذاتي حرص ۽ هوس کي ۽ ڪروڌ يا ساڙ کي ۽ پنهنجي ذاتي انا يا ذاتي فائدي کي دخل نه ڪجي، ته اها قابل قبول، جائز ۽ مناسب تنقيد جي مد ۾ آيل سمجهبي، پوءِ اها غلط يا غير صحيح تنقيد ئي ڇو نه هجي! جيڪا تنقيد ان مد ۾ نٿي اچي، توڙي اها صحيح به هجي، ته اها نشانيل ماڻهوءَ کي ڏکوئي ٿي ۽ هن لاءِ قابل قبول نٿي ٿئي. شيخ اياز اڄ اسان وٽ موجود ناهي، سندس يادگيريون اسان وٽ موجود آهن، ذاتي طور واسطي ۾ آيل ماڻهن جون به يادگيريون ٿي سگهن ٿيون ته قومي طور يا سماجي طور واسطي وارن ماڻهن جون به يادگيريون ٿي سگهن ٿيون، شيخ اياز جو شعر جيڪو جيڪڏهن سڄي جو سڄو ڇپجي ته پنج پنج سئو صفحن جا ڏهه کن جلد گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهن ٿا، سندس نثر به شايد ايترن ئي جلدن تي پکڙيل ٿي سگهي ٿو، مٿس اڄ تائين لکيل همعصر ليکڪن جو مواد به ڪافي گهڻو آهي ته سندس يادگيريون اسان وٽ ايڏي ته پائداريءَ واري حيثيت وٺي چڪيون آهن جو ڪنهن به قسم جو ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي ته ڪو اسين شيخ اياز جي پنهنجي ورثي کان غافل رهنداسين، بشر طيڪ اسين اهي سمورا طريقا ڪم آڻيون، جن سان سندس يادگيرين جو سڄو اهو مواد پاڻ وٽ محفوظ رکي سگهجي ۽ ان کي مفيد طرح يعني پنهنجي قومي ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم به آڻي سگهجي.


    بشڪريه ڪاوش
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي

    دوست دلڪش ونڊ آهي۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي

    تمام سٺي ونڊ آهي
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ قومي فرض آهي

    ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ونڊ ڪيل تحرير کي پڙهي ڪري پنهنجا تاثرات پيش ڪيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو