ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شوگر جي مريضن جي ڦٽن جو علاج ملي ويو

ميڊيڪل نيوز ٽوڊي ۾ ڇپجڻ واري هڪ رپورٽ موجب ڪيلون گروو ۾ ڪيو يو ٽي انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ اينڊ بائيو ميڊيڪل انوويشن جي بين الاقوامي ماهرن جي هڪ ٽيم آڪسيجن جي هڪ خاص ٿراپي جي مدد سان اهڙن پراڻن ۽ خراب ٿيل ڦٽن جي علاج ۾ جنهن جي نتيجي ۾ انساني انگن کي وڍڻ جي ضرورت پئجي ويندي هئي، ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
ڪيو يو ٽي جي هڪ ماهر جينفر فيلگ جو چوڻ آهي ته شوگر جي ڪنهن به مريض جي پيرن ۾ ڪونه ننڍڙو زخم به وڏو ٿي سگھي ٿو ڇو جو هن جا ڦٽ اهڙي نموني نٿا ڀرجن جيئن عام ماڻهن جا ڦٽ ڀرجن ٿا. انهي جا ڪئي ڪارڻ آهن، جنهن ۾ رت جي وهڻ جي رفتار جي گھٽتائي شامل آهي.
حقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته ايڇ بي او ٽي نالي جي هن علاج جي طريقي جيڪڏهن ڪنهن شوگر جي ڪنهن مريض جي ڦٽن تي وقفن سان استعمال ڪيو وڃي ته ڦٽن جي ٺيڪ ٿيڻ جي رفتار وڌي ويندي آهي.
جينفر فليگ جو چوڻ آهي ته هي علاج جو طريقو هن صورت ۾ فائدي مند ثابت ٿي سگھي ٿو جيستائين هو ڦٽ مڪمل طور تي ڀرجي نٿو وڃي، پر هن جو هي به چوڻ آهي ته کوج مان هي به ڳالهه سامهون آئي آهي ته هر مريض جي علاج لاءِ مختلف انداز اپنائڻو پوندو.
هن جو چوڻ آهي ته هر مريض ۾ هن علاج جي طريقي سان صحت مند ٿيڻ جي صلاحيت ڌار آهي.
بشڪريه ويچار ڊيسڪ