عورتن جي لاءِ پهرين کليل جيل هندستان جي رياست مهاراشٽر ۾ پونا شهر جي لڳ 17 ايڪڙ ايراضي واري وڏي عمارت ۾ اٽڪل 300 عورتون موجود آهن جيڪي سڄ جي روشني کان تمام پري بيحد مشڪل ماحول ۾ زندگي گذارينديون آهن. پر ان جيل جو ٻيو حصو جنهن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن جي تڪميل ٿيڻ کانپوءِ قيدي عورتن کي ان حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو جتي انهن عورتن کي کليل ماحول ۾ آزادي سان هلڻ ۽ پوک ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ملڪ ۾ عورتن جي لاءِ اهڙي قسم جو پهريون کليل جيل هوندو. مرد قيدين جي لاءِ 1950 کان اهڙي قسم جون جيلون موجود آهن. جنهن جو بنيادي تصور اِهو آهي ته ڪجهه سالن کانپوءِ چڱي رويي واري قيدين کي انعام جي طور تي جيل جي بهتر حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. يرا وده جي کليل جيل ۾ قيدي عورتون جيل جي عمارت کان ٻاهر هارپو ڪري سگهنديون بلڪ انهن عورتن جي لاءِ ان کان به خاص انعام اِهو آهي ته سندن اڌ سزا پڻ معاف ڪئي ويندي. پر اِها سهولت صرف قيدي عورتن جي لاءِ آهي. ڪيس جي انتظار ۾ قيد ملزم عورتن کي اِها سهولت ڪونه ڏني ويندي. انتظاميا ٻڌايو آهي ته جيل کان ٻاهر ملازمت ڪرڻ لاءِ پنجاهه قيدي عورتن کي چونڊيو ويو آهي جڏهن ته ظاهر طور تي ان درجي ۾ منتظر قيدي عورتن جو تعداد تمام وڌيڪ آهي. 17 ايڪڙ ايراضي واري جيل جو شمار ملڪ جي قديم جيلن ۾ ٿيندو آهي جنهن ۾ هارپو ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ٻني موجود آهي. جيلن جي انسپيڪٽر جنرل يوڌ ڪمبلي چيو آهي ته اصلاحن تحت هارپو ڪرڻ ۾ ماهر عورتن کي سکيا ڏيندا سين ۽ اهڙي قسم جون قيدي عورتون ڪو هنر سکي ڪري پنهنجي لاءِ پئسا ڪمائڻ جي قابل ٿي وينديون ۽ ڏينهن جو ٻني ٻارو ڪري شام جو پنهنجي بيرڪن ڏانهن وينديون. انتظاميا چيو آهي ته کليل جيل مان قيدين جو فرار ٿيڻ جو خدشو ناهي ڇو ته ائين ڪرڻ سبب انهن کي مليل سهولتون واپس وٺڻ سان گڏوگڏ انهن جي سزائن ۾ به سختي ڪئي ويندي. جيل جي انتظاميا چيو آهي ته نه رڳو مالي پر کليل جيل صحت جي لاءِ به بهتر آهي. مهاراشٽر ۾ مرد قيدين جي لاءِ صرف اهڙيون 4 جيلون مخصوص آهن جڏهن ته مختلف رياستن ۾ به اهڙيون جيلون موجود آهن پر يراوده ۾ هاڻي عورتون به پهريون ڀيرو ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهنديون. سماجي ڪارڪن چوندا آهن ته الاهي عرصي کان اهڙين جيلن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي ڇو ته هندستان ۾ ڏوهاري ۽ قيدي عورتن جو انگ وڌي ويو آهي جيڪي گهرو تشدد کان بيزار ٿيڻ سبب ڏوهه ڪنديون آهن. اهڙين عورتن جي لاءِ نه رڳو کليل جيلون بلڪ سندن صحت جي لاءِ گهڻو ڪجهه ٿيڻ گهرجي. بشڪريه ويچار ڊيسڪ
جواب: عورتن جي لاءِ پهرين کليل جيل سائين اهڙيون ونڊون جي اسان کي تمام ضرورت هوندي آهي اميد ته توهان ائين ئي اسان کي اپڊيٽ ڪندا رهندا مهرباني دوست