• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فرعون جي درٻاري جي قبر دريافت

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
فرعون جي درٻاري جي قبر دريافت​
بيلجيم جي آثار قديمه جي ماهرن 3500 سال پراڻي مقبري جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي آهي جنهن کي هڪ صدي اڳ دريافت ڪيو ويو هو پر هو ريت يا واري ۾ دٻجي گم ٿي ويو هو. مصر جي ثقافتي وزير فاروق حسني آچر جو ٻڌايو آهي ته بيلجيم جي ٽيم فرعون بادشاھ جي نائب مهر آمن هوٽيپ جي قبر دريافت ڪئي آهي.
هي مقبرو قاهره کان 600 ڪلوميٽر پري لسڪور نالي شهر ۾ آهي. هن مقبري کي 1880 ۾ سوئيڊن جي هڪ ماهر ڄاڻو مصري دريافت ڪيو هو، انهي کان پوءِ انهي تي واري ڪرندي رهي ۽ هو اکين کان لڪندو ويو ۽ هاڻ هن کي وري ڳولهي ورتو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته انهن تي جيڪي لکڻيون ۽ تصويرون هيون اهي گھڻي حد تائين مٽي ويون آهن.
بشڪريه ويچار ڊيسڪ
 
Back
Top