شاه جي سر کنڀات ۾ جماليات جو ذڪر ڪلال هن سُر تي اهو نالو راڳ ”کماچ“ تان پيو آهي. جيڪو راڳ کماچ ٺاٺ جو کاڏو- سمپورن راڳ آهي. مطلب ته هن راڳ جي ”آروهي“ يعني ته چڙهڻ ۾ ڇهه سر، سا، گ، م، پ، ڌ، ني لڳندا آهن، ريکب سر ڪونه لڳندو- ۽ لهڻ ۾ ست ئي سر لڳندا. چڙهڻ ۾ کرج يعني سا، ”شڌ“ گندار يعني گا، ”تيور“، مڌم يعني ما، ”ڪومل“، پا يعني پنچم، ”شڌ“، ڌا يعني ڌيوت ”تيور“ ۽ ني يعني نکاد ڪومل تيور ٻئي لڳندا ۽ لهڻ ۾ نکاد ”ڪومل“ ڌبوت ”تيور“، پنچم، ”شڌ“- مڌم ”ڪومل“- گندار ”تيور“- ريکب، ”تيور“ ۽ کرج ”شڌ“ لڳندو. هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي. سنڌيءَ ۾ هن راڳ کي کنڀات چوندا آهن، جنهن جي شڪل پڻ لڳ ڀڳ اهائي ساڳي بيهي ٿي. ان کان سواءِ سوراشٽر گجرات ۾ ڪڇ جي نار تي کنڀات نالي ڪو شهر پڻ هو. هن سر جي مضمون مان لڳي ٿو ته انهيءَ سان ڪو مشهور عشقيه داستان لاڳاپيل آهي. اهو داستان لطيف سائين جن پنهنجي ڪڇ ۽ گجرات واري سير، سفر واري وقت ٻڌو هوندو جيڪو پوءِ پاڻ قلم بند ڪيو هوندائون. سر کنڀات تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان اڳ اچو ته اهو ڏسون ته جماليات جي وصف ڪهڙي آهي. آڪسفورڊ جي لغت ۾ ڄاڻايل آهي ته جماليات جي معنيٰ آهي، سونهن يا سونهن واري شيءِ يا وجود جي ٻوجهه، پرک ۽ انهن جو حذ. سونهن فطرت ۾ به هوندي آهي ته فن ۾ به. فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر قدرت جي عطا آهن. هي لهندڙ ۽ اڀرندڙ سج واري ويل، شفق، پونم جو چنڊ، چانڊوڪيءَ جو اهاءُ، سمنڊ جي ويرَ، درياءَ جون ڇوليون، ڏکڻ جي هير، سنڌوءَ ۾ تڙڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦهليل عڪس، وُٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽي جو سڳنڌ، ملاري، ڪڪرن جي لس، وُٺي کان پوءِ ڌوتل وڻ ٽڻ ۽ گهرو نيرو اُڀ، وسڪاري کان پوءِ وارو اوڀڙ، تاڙي جي تنوار، بلبلين جو ڳٽڪو، ڪويل جي ڪوڪ، ماڪ جي شفاقيت ۽ ٿڌيرو ڇهاءُ، گلن جي سرهاڻ ۽ ڪوملتا، مٽيءَ جي عظمت، ڊيل جو ٽلڻ، ڪبوتر جي اڏام، اِهي سڀ فطري سونهن جا مظهر آهن پر انهن مڙني کان اعليٰ ۽ سونهن جو عظيم تر مظهر آهي خود انسان. ائين سُر به سونهن آهي ته لفظ ۽ رنگ به سونهن آهن ته تند به. هتي اسان کي لطيف سائينءَ جي هڪ سُر جو جماليات يعني ان ۾ حسن جي ذڪر ۽ ان حسن سان انسان جي دلي لاڳاپي جو ذڪر ڪرڻو آهي. يعني اهو حسن جنهن جو لاڳاپو هڪ عظيم فنڪار جي عظيم ترين فن سان آهي. پوءِ انهيءَ جي اظهار ۾ فطري حسن جا حوالا پڻ ضرور آيا آهن جيڪي فن جي حسن جي اظهار ۽ اپٽار لاءِ اڻٽر آهن. ڇاڪاڻ ته فطري حسن اڳ آهي ۽ فني حسن پوءِ. سڀ کان پهريائين ته فني جماليات لاءِ اها ڳالهه بنيادي آهي ته ان فن جي بنيادي ۽ ضروري ڳالهين جو پورائو ڪيو هجي. يعني ته اهو فن پارو پنهنجي بنيادي گهرجن پٽاندر تڪميل تي رسيو آهي. جڏهن ائين هوندو ته ٻڌندڙ يا ڏسندڙ کي ان فن پاري ۾ حسن جي جهلڪ نظر ايندي جنهن مان کيس تسڪين ملندي. هتي اسان جو موضوع شاعري آهي. سو به لطيف جي، جنهن جا بنيادي گهاڙيٽا بيت ۽ وايون آهن. بيتن تي نظر وجهبي ته هر سٽ 21 کان 23 ماترائن تي ٻڌل ڏسڻ ۾ ايندي (اها ڳالهه لطيف جي سموري شاعريءَ ۾ ائين ئي آهي) ان سان ڇند وديا جي بنيادي اصول جو پورائو ٿئي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته بيت جي ڪا به اهڙي سٽ جنهن ۾ ڪا آيت مبارڪ يا رومي جي شعر جي ڪا سٽ ناهي آيل ته هر سٽ کي ابتو ڪري پڙهڻ سان به ساڳيو ئي مطلب نڪرندو ۽ حيرت اها آهي ته ان سان نه بيت جي گهاڙيٽي جي ڇند وديا تي ڪو اثر پوي ٿو نه ئي ان جي معنيٰ ۾ فرق اچي ٿو. اها ڳالهه ٻين ٻولين جي شاعرن ۾ اڻ لڀ آهي. البت سنڌيءَ جي ڪن شاعرن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي اها ڳالهه نظر ايندي. ان مان هڪ طرف ته لطيف سائين جي ٻوليءَ تي مهارت جي خبر پوي ٿي ته ٻئي طرف ان مان جيڪو حسن جو احساس ٿئي ٿو، ان جو مٽ ئي نٿو ڀانئجي، اهو جماليات جو عظيم مثال آهي. مثال: هُن تڙ سندا ڪپڙا، هِن تڙ نه ڌوئيندياس، هن تڙ نه ڌوئيندياس، هُن تڙ سندا ڪپڙ. يا ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاس. ڀونر ڀري آڪاس، ڪنول پاڙون پاتال ۾. يا سڄڻ ساعت هڪڙي، جي اکيان ٿيين ڌار، جي اکيان ٿيين ڌار، سڄڻ ساعت هڪڙي. فن جي بنيادي گهرجن جي پورائي سان، مثال طور شعر ۾ ڇند وديا جو پورائو، تشبيهه ۽ استعاري جو استعمال، ڪنايي ۽ اشاري جو اچڻ، تجنيس جو نماءُ، خيال جي نواڻ ۽ پيش ڪرڻ جو نرالو ڏانءُ به جماليات جو مثال آهن. ان مان فن جي پورڻتا جو احساس ٿيندو آهي. ان کان سواءِ جنهن به خيال يا احساس جو اظهار ڪرڻو هجي، ان جو اپٽار تُز هجي جيئن مُنڊيءَ تي ٽڪ. جيئن فطرت جا مظهر، تارن ڀري رات، پوپٽن جا پر، ٽانڊاڻي جو چمڪو حسن جو مظهر آهن. ائين انساني سڀاءَ جون ڪيفيتون ۽ انهن جو اظهار به حسن آهي. اوسيئڙي ۾ الڪو ۽ اُڊو ۽ اتاولائي، ڦوڙائي جي اٻاڻڪائي، ڪنهن جي وچن تي شڪ ۽ ويساهه جي گڏوچڙ ٿيل ڪيفيت، ميلاپ جو اتساهه ۽ کيپ، پاڻ ارپڻ، پنهنجي وجود جي نفي، راتين جي رولڙن ۽ اوجاڳن، مڌ جي خمار ۽ سُر جي ميٺاج ۾ به حسن هوندو آهي. انهيءَ حسن جو اپٽار ئي جماليات آهي ۽ انهيءَ حسن جي موه جو ادراڪ ۽ ان ادراڪ جو يقين ئي جماليات آهي. پيڙا جو ساٿ، ان جو ذڪر به جماليات آهي. فقط ذڪر ايئن هئڻ گهرجي جو ٻڌڻ واري تي به اها ئي ڪيفيت ڇانئجي وڃي جيڪا چوڻ واري جي هوندي آهي. هر فنڪار جي اها تمنا هوندي آهي ته ڪو سندس دل جي ڳالهه کي سمجهي، ان کان وڌيڪ فنڪار ٻيو ڪجهه به نه گهربو آهي. ائين جڏهن ٻڌندڙ يا ڏسندڙ جو فني جماليات سان واسطو پوندو آهي ته اهو ائين ئي سمجهندو آهي ته ڪو آهي جيڪو سندس اندر جي ڳالهه سمجهي سگهي ٿو. هاڻي اچون ٿا لطيف سائينءَ جي سر کنڀات تي. اڪثر رسالي جي ترتيب ۾ هيءُ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ کان پوءِ ٽئين نمبر تي آندو ويندو آهي. هن سر ۾ لطيف سائين چنڊ، اکين ۽ اُٺَ جو ذڪر آندو آهي. چنڊ کي مخاطب ٿيندي ڪٿي ان کي اهو ياد ڏياريو ويو آهي هت چنڊ ڪيترو به خوبصورت آهي، ان جي چانڊوڪي ۾ ڪيتري به ٿڌاڻ يا موهه ڇو نه هجي پر اهو ڪنهن به ليکي پرينءَ جو مٽ نٿو ٿي سگهي. پرينءَ ته ڇا پر پرينءَ جي ڪنهن وصف يا پير جهڙو به چند نٿو ٿي سگهي. چوڏهين چنڊ تون اڀرين سهسين ڪرين سينگار، پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار، جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو. چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سين، تون اَڇو منجهه رات، منهنجو سڄڻ سدائين سوجهرو اونداهين اڌ رات ۾ پرينءَ پسايو پاڻ، چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاو ۾. ڪٿي چنڊ کي قاصد بنائي سندس هٿان يار ڏانهن سنيهو منجيو ٿو وڃي. تون چنڊ اهوئي، جو هُت پسين ٿو پرينءَ کي، آڏت چئج ان کي، ڏيانءِ جو روئي، هيڪاندي هوئي، سانگ ۾ پوي سڄڻين. ڪٿي محبوب جي وسيع الظرفي ۽ ٻاجهاري پڻ جو ذڪر ملي ٿو. ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي، سٻاجهي سر چڙهيو ڏوراپو نه ڏين، مان ڏي مديون ٿين منهنجون سڄڻ سڄاين ۾. هن تاري هن هيٺ، هُت منهنجا سپرين، سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين. ڪٿي چنڊ کي اها هدايت ڪئي وڃي ٿي ته جيئن ته اهو پرينءَ کي وڌيڪ اوڏو آهي، جنهن کي چنڊ آسانيءَ سان ڏسي سگهي ٿو، ان ڪري چنڊ اڀرڻ ساڻ ئي پهرين نهار يار تي وجهي. ناسيندي نگاهه پهرين ڪج پرينءَ ڏي احوال عاجزن جا، آکج لڳ الله، روز نهارين راهه، اکيون اوهان جي آسري. ناسيندي نرت، پهرين ڪج پرينءَ ڏي، قمر ڪهج قريب کي ساري ساڻ سُرت ٻيو ڀروسو نه ڀت، اکيون اوهان جي آسري. چنڊ کان پوءِ ڪرهي يعني اٺ کي اهي ايلاز ڪيا ٿا وڃن ته اهو جلد يار تائين رسائي ته جيئن ان ساڻ رهاڻ رچائي سگهجي. ان ۾ ڪرهو ڪا گسر يا گوٿ ناٿ نه ڪري. ڪرها ڪسر ڇڏ، وکون وجهه وڌنديون، هيڪر حبيبن سان مون کي نيئي گڏ، مڇڻ پونئي هڏ، آهون اڪنڊين جون. ڪرها ڪسر ڇڏ، وک وڌندي پاءِ، منهنجو هلڻ اتهين جتي جانب جاءِ، توکي چندن چاريان ٻيو وڳ لاڻي کاءِ ايئن اٺ اٺاءِ، جيئن هونديءَ رات هت مِڙون. محبوب وٽ رسائڻ لاءِ ڪرهي کي جيئن سينگاريو وڃي ٿو، سو هن ريت آهي. ڳل ڳانا ياقوت جا، موتين ڳتيس مال ڪديفي جي ڪرها، هيدي پايئين حال چندن چارئين جال، جي مون رات رساڻيين. يار ڏانهن کڻي هلڻ جي عيوض ڪرهي تمام اعليٰ درجي جون شيون چاري ۾ ڏيڻ جو وچن ڪيو وڃي ٿو. اهي اهڙيون شيون آهن جن جو اٺ جي فطري چاري سو ڪو به سٻنڌ ڪونهي. انهن شين جي نالي وٺڻ سان ئي سڄو وجود خوشبوءِ ۾ واسيل ڀاسڻ لڳندو آهي. اٺ کي انهن شين جي فقط يار تائين رسائڻ جي صدقي ۾ آهي پر اُٺَ کي اها خوراڪ پنهنجي فطرت جي ڪري قبول ناهي. کائي نه کٽڻهار، چندن جا چوپا ڪري، اگَر اوڏو نه وڃي، سر کنڊ لهي نه سار، لاڻيءَ جي نهار، ميو متارو ڪيو. چانگا چندن نه چرين، ميا پيين نه موڪ اگَر اوڏو نه وڃين، ٿڪيو ڇڏين ٿوڪ لاڻي وچان لوڪ، تو ڪهڙي اکر آئڙي. پر يار جو ماڳ اهڙي هنڌ آهي، جتي جو ماحول سارو واسيل آهي. جڏهن اهو اتي رسائي ٿو ته سندن بدن به واسجيو وڃي. ڀُور نه چري ٻُور، ڇڏيو تُور ٿڪون ڪري، مُونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپور، ميو ٿيو محمور، چندن چکي آئيو. ان کان پوءِ خود چانگي کي يار جي ماڳ رسڻ جي ايتري عادت پئجي ويل آهي جو ان کي هڪ پاسي ته خوشبودار ولين ۽ وڻن چرڻ جي هير پئجي وئي آهي ته ٻئي پاسي ان کي به منهنجي پرينءَ پسڻ جو موه پختو ٿي ويو آهي ۽ منهنجي يار کي ڏسڻ لاءِ اتاولو ٿو رهي. دو دستي دو پير، سيني سنگهر رڪ جي، ماءُ منهنجي ڪرهي تارن ڦلن هير، تنهن ڪامڻ ڪندي ڪير، جو مونهين وٽ مس رهي. پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي چانگي رکيو چت، نيٽ ڇنايو نت، اڀو اوڏاهين آسري. نو نير، ڏهه ڏانوڻ، پندرنهن پيند پياس، بگهاڙيون بغلن ۾ لکين لوه لڳياس، جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنايس هڪڙي. چانگي کي يار جي ماڳ تي نهايت قيمتي شين کائڻ جي هير آهي. جئان ڪَوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پاءُ، ميو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻي ڏار چري. جئان ڪوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پن، تئان ڇاڻي ڇڳيون، ميي رتو من، تنهن ول سندو پن، ڪوماڻو ڪوڙين لهي. آخر ۾ هڪڙي وائي پيش ڪجي ٿي. ان ۾ پيار ڪرڻ واري عمل جي ڏس ۾ ابدي سچ جو اپٽار ڪيو ويو آهي ۽ اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته سچ کان وڏو حسن ٿئي ڪونه، سڌين سوڻ نه هون، نينهن نياپي نه ٿئي، ڪاريين راتيين رت ڦڙا جان جان نيڻ نه رون نينهن نياپي نه ٿئي. جن مسافر سپرين، سي مر رويو رون، نينهن نياپي نه ٿئي. موٽڻ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پون، نينهن نياپي نه ٿئي. ٽيل پيس: سنڌ ۾ کنڀات راڳ ڪنهن دور ۾ عام طور تي ڳايو ويندو هو. اڄڪلهه اها روايت ترڪ ٿي وئي آهي. مون ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هڪڙي فنڪار مرحوم مٺي شيديءَ کان مصري سائين جي هڪڙي ڪافي کنڀات ۾ ٻڌي هئي، ”پنڌ پري منزل ڏور، ڏاگها ڏينهن نه اڀري“ هن وقت سنڌ ۾ فقط شفيع فقير اهڙو فنڪار آهي جنهن کان مون کنڀات ۾ هڪ ڪافي ڳائيندي ٻڌي آهي، ٻول آهن: ”آءٌ ڀليس ٻڙي جيڏيون متان ڪاٿون لؤن لائي“ ان کان سواءِ شفيع جي اها وڏي خوبي آهي ته هو ڪيترائي ترڪ ٿيل راڳ ۽ راڳڻيون ۽ تال ڳائيندو آهي. شفيع نئين شاعريءَ سان گڏ پراڻي وساريل شاعري به ڳائيندو آهي. رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. شفيع سنڌ جي وڏي دولت آهي. روزاني عبرت جي ٿورن سان
جواب: شاه جي سر کنڀات ۾ جماليات جو ذڪر ادا مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔ سٺو معلوماتي ليک آهي۔ مرشد لطيف جي هر سٽ جمال ۽ حسن سان ڀرپور آهي۔ اسان لاء ڀٽائي جي شاعري هڪ واٽ آهي ، سبق آهي پر عمل ضروري آهي۔ اميد ته اسان لطيف سرڪار جي ڏسيل واٽ ۽ شاعري جا پوئلڳ ٿينداسون۔ لطيف سرڪار ساڳي سُر کنڀات ۾ فرمائي ٿو : اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛ سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛ پيرين آئُون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور؛ جنهن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجھي سَڄَڻَ سِيٽيان
جواب: شاه جي سر کنڀات ۾ جماليات جو ذڪر بيشڪ ادي وساڻ چواڻي ته لطيف سڳوري جو سمورو ڪلام جماليات سان ڀريل آهي، ٻولي جي مهارت، شاعري جا اصلوب ۽ لفظن جي چونڊ پنهنجي جا تي بي مثال آهي پر انهن لفظن جي پويان چيل يا ٻڌايل پيغام انکان به وڌيڪ اهم ۽ سراسر هدايت آهي، لطيف هڪ سچو انسان، هڪ سچو مسلمان، هڪ سچو سنڌي ۽ حب الوطن انسان هو جنهن سنڌي ٻولي کي پنهنجي ڪلام جي زينت بڻايو ۽ سنڌي ٻولي کي امر ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔ اهڙا اهڙا سهڻا جملا ۽ لفظ ڳايا اٿس جو پڙهندي يا ٻڌندي ئي اندر ۾ گهر ڪيو وڃن ۔۔۔۔ سائين محترم جي ايم سيد جي فڪر مطابق ته سنڌ جي آزادي لطيف جي فڪر کي اڳتي ڪرڻ جي رستي جو هڪ قدم آهي ۔۔۔ سنڌ وٽ لطيف جهڙو مفڪر آهي جنهن اسلامي فڪر ۽ هند جي فڪر کي ملائي امن عالم جي ڳالهه ايتري ته اثرائتي ۽ وزنائتن دليلن سان ڪئي آهي جو جيڪڏهن سڄي دنيا جا ماڻهون لطيف جي فڪر کي سمجهي وٺن ته هوند هي قتلام ۽ جهيڙا جهڳڙا بند ڪري هڪ مٺ ٿي وڃن ۔۔۔ پر نه انسان جي خمير ۾ خونريزي ڪرڻ آهي، انڪري هو ڪٿي ٿو اهڙن مفڪرن جا قول ۽ فڪر اپنائي سگهي ۔۔۔ توڻي تڙئين تــون، يــــا الله! تو در تو نه ڇڏيان! مونکي سو مشاهدو، جي منهن نه ڏئين مون، مون ٻيا در گهڻا نهاريا، آهئين تون ئي تـــون۔ رب العالمين! دنيا جي سڀني انسانن ۽ خاص سنڌ جي ماڻهن کي سڌي راهه طرف رهنمائي ڪري ۔۔۔ آمين