ماءُ پيءُ ٻچن کي سائنس ڪيئن سيکارين ظفر جوڻيجو اها حقيقت آهي ته تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي جنم ورتو ۽ زراعت تهذيبن جي اسرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته زراعت انسان جي مستقل ٺڪاڻي جو سبب بني. اهڙي طرح، تهذيب کي جواڻ جماڻ ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار گهر ۽ اسڪول جو آهي، ڇو ته انهن ٻنهي هنڌن تي اِنسان خرابي ۽ سُٺائي ۾ فرق ڪرڻ سکي ٿو. هونءَ به ڏسجي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو گهر ۽ تعليمي ادارن ۾ گذاري ٿو. ٻين لفظن ۾، ائين چئجي ته زندگيءَ جو اُهو وقت جڏهن، انسان جي شعوري واڌ ويجهه ٿئي ٿي، هو اُن وقت ماءُ پيءُ ۽ استاد سان گڏ يعني گهر ۽ اسڪول ۾ هوندو آهي. ٻار جڏهن پنجن سالن جي عرصي ۾ اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ته اُن وقت تائين هو پنهنجي گهر ڀاتين، خاص ڪري ماءُ پيءُ کان، پنهنجي چؤگرد ماحول بابت گهڻو ڪجهه سکي چُڪو هوندو آهي. انهيءَ عمر ۾، ٻار کي سائنسي خيال سمجهائي سگهجن ٿا، پر سڀ کان پهريان اهو نقطو چٽو ڪرڻو پوندو ته اسان جڏهن ’سائنس‘ چئون ٿا ته حقيقت ۾، اسان وٽ سائنس جو مطلب ڇا آهي؟ ڇو ته توهان ڪنهن ماڻهوءَ – عام يا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرايل، کان به اهو سوال پڇندا ته سڀ کان پهريان ته هُن جي ذهن ۾ لئبارٽريون ۽ ڳنڀير چهرن وارا شخص اچن ٿا. اهو منظر ڏاڍو اوپرو آهي ۽ لڳندو آهي ته سائنس، اسان عام ماڻهوءَ لاءِ نه آهي، پوءِ دل ئي دل ۾ قبول ڪري ويهندا آهيون ته ’سائنس هڪ نازڪ نفيس، ڳوڙهو ۽ مهانگو علم آهي.‘ پر سچ ته هيءَ آهي ته ”سائنس ته ڪائنات ۽ اُن ۾ موجود لقائن، مظهرن ۽ شين، ۾ ترتيب ڳولڻ جو نالو آهي، اهڙي ڳوليل ترتيب کي ’سائنسي قانون‘ ۽ ڪيل پورهئي کي ’کوجنا‘ چئجي ٿو.“ اِها عوامي وصف، اسان کي اُتساهي ٿي ته اِها ترتيب هر هنڌ گهر ۾، اسڪول ۾، ٻنين ۾، چنڊ ۽ تارن ۾ - مطلب ته جتي ڪٿي ڳولي سگهون ٿا، جڏهن، اهڙي ڳوليل ترتيب، ڪنهن خاص مضمون ۾ لاڳو ٿي سگهي ته پوءِ اها قانون بنجي وڃي ٿي. جيئن نيوٽن جا حرڪت بابت ٽي قانون، فزڪس ۾ لاڳو آهن. هاڻي، سوال آهي هڪ ماءُ پيءُ ٻارن ۾ اهڙي ترتيب ڳولڻ لاءِ رويو پيدا ڪيئن ڪري؟ ماءُ پيءُ کي پنهنجنم ٻار ۾ اهڙي روئي پيدا ڪرڻ لاءِ، ٻارن سان جبلتي نه، پر شعوري پيار ڪرڻو پوندو، يعني جڏهن مختلف لقائن تي نظر وجهندي ٻار پڇي ته، ”چنڊ جي روشني، سج وانگر ڇو نه آهي وغيره.“ ته اُن وقت ٻار کي دڙڪو ڏئي چُپ ڪرائڻ بجاءِ وقت ڪڍي سمجهائجي. هتي ڪجهه اهڙا نقطا ڏجن ٿا، جيڪي ٻار ۾ هڪ سائنسي رويو پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا ۽ اهڙي روئي جي اُسرڻ ۾ ماءُ پيءُ مکيه ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻار جي تجسس واري روئي کي همٿائڻ: هڪ ٻار هر روز نه رُڳو نوان لفظ سکي ٿو، پر اُن جي اکين اڳيان نوان معاملا به اچن ٿا، جن بابت هُن کي جواب گهرجن. هر ٻار ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ”سج اوڀر کان ڇو ٿو اُڀري،“. هاڻي ٻار جڏهن اهڙو سوال ڪري ته، کيس ائين چئي چُپ نه ڪرائجي ته، ”اهو ڳـُجهه آهي.“ پر اُن جي برعڪس، ڪاش، اسين ٻار کي ڌرتيءَ جي گردش ۽ سورج منڊل سمجهائي سگهون! اهڙي طرح، ٻار جيڪڏهن، پُڇي ته ”سياري ۾ ٻوٽا ۽ وڻ پن ڇو ٿا ڇڻن؟“ ته کين ڇِنڀي چپ ڪرائڻ بجاءِ، هڪ موقعو آهي ته اسان کيس ”ڦوٽو سينٿسز“ جو عمل سمجهائي سگهون ٿا . درجابندي: هيءُ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن تحت شيون، معاملا ۽ لقائن کي ڌار ڌار ڪجي ٿو، انهن ۾ فرق کي سمجهجي ٿو. هيءَ عمل انهيءَ قاعدي تي بيٺل آهي ته مظهرن، بناوت ۽ لقائن کي سندن سببن ۽ مقصدن تحت هڪ هنڌ ڌار ڌار ڪري سگهجي ٿو. ارسطو هن قاعدي کي اڳتي وڌائيندي وڌيڪ وضاحت ڪئي ته، ”لڳار سوالن“ جي ڏانوَ جي بنياد تي درجابندي ڪري سگهجي ٿي. مثال طور ڪنهن به شيءِ بابت سوچيو ۽ سوال ڪريو ڇا اهو پکي آهي؟ يا جانور آهي؟ جي جانور آهي ته خشڪي تي رهندڙ آهي يا پاڻيءَ ۾، کير ڏيندڙ آهي، جسم تي بج اٿس وغيره وغيره. هتي هڪ ڳالهه اهم آهي ته سوال ڪرڻ جو ڏانوَ ڏاڍو اهم آهي، پر ماءُ پيءُ، اهڙي نموني جا معما ٻارن کي ڏئي سندن صلاحيت وڌائي سگهن ٿا، جيڪي ٻار درجا بندي ۾ سُٺا هوندا آهن، اُهي منطقي گفتگو ڪري سگهندا آهن، نتيجا اخذ ڪري سگهندا آهن، دُرست فيصلا ڪري سگهندا آهن. تخليقي رويو: تخليقي رويي جو اصطلاح، ايڊورڊ ڊي بونو متعارف ڪرايو. هن جو ڪتاب، ’نيوٿنڪنگ: دي يوز آف ليٽرل ٿنڪنگ‘ جڏهن 1967ع ۾ منظر عام تي آيو ته ’تخليقي رويي‘ جو ذڪر هر هنڌ ٿيڻ لڳو. حقيقت ۾، ’ليٽرل ٿنڪنگ‘، مسئلن جي حل ڪرڻ جو هڪ تخليقي رويو آهي. مثال طور، اهڙي روئي کي هن مثال ذريعي وڌيڪ چٽو ڪري سگهجي ٿو ته: هڪ ڇوڪري، جيڪا ڪار هلائڻ جي تربيت وٺي رهي هئي، اُها غلط طرف کان ٽرئفڪ سارجنٽ جي ڀرسان تيز لنگهي وئي، پر سارجنٽ هن کي ڪجهه به نه چيو ، ڇو؟ هاڻي، انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ اسان کي هڪ تخليقي رويو کپي، ڇو ته انهيءَ جو حل 'ٻه ۽ ٻه چار' جي فارمولي تحت نه ٿيندو. انهيءَ جو جواب هيءَ آهي ته سارجنٽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي انڪري نه روڪيو ڇو ته هوءَ پيادل وڃي رهي هئي. منطق: منطق دليل ۽ اخذ ڪيل نتيجن جو علم آهي، منطق فلاسافيءَ جي شاخ به آهي ته حسابن جي شاخ به آهي. منطق جو جيڪڏهن فلاسافيءَ جي هڪ شاخ طور جائزو وٺنداسين ته اسين ڏسنداسين ته منطق دليل ۽ اخذ ڪيل نتيجن تي بيٺل آهي. هوڏانهن منطق کي جيڪڏهن حسابن جي شاخ طور ڏسنداسين ته اتي منطق جو ڪردار اسان کي لقائن ۾ مستقل مزاجي، ڀرپور اظهار ۽ پورنتا ملندي. ماءُ پيءُ ٻار کي منطق سيکارڻ لاءِ هيٺين قسمن جا سوال پُڇي سگهن ٿا: هڪ اهڙي دنيا جو تصور ڪيو، جتي شين جا رنگ بدلجي ويا آهن: برف جو رنگ ڳاڙهو آهي، گاهه جو رنگ ڪارو آهي، آسمان جو رنگ مٽيءَ جهڙو آهي ته پوءِ ڌرتيءَ جو رنگ ڪهڙو هوندو؟ هاڻي انهيءَ جو جواب هي ٿيندو ته ڌرتيءَ جو رنگ آسماني ٿيندو، ڇو ته منطق موجب، آسمان جو رنگ ڌرتيءَ جهڙو آهي ته لازمي طرح ڌرتيءَ جو رنگ آسماني ٿيندو. زباني حساب: زباني حسابن جون مشقون شاگردن کي هڪ موقعو ڏين ٿيون ته هو هڪ تصوراتي ماحول جوڙين، ۽ انهيءَ ۾ حسابن جي علم جا بنيادي قاعدا جيئن، ڪٽ، جوڙ، ونڊ، ضرب وغيره ڪتب آڻن. ٻار جڏهن اهڙيون مشقون ڪندي ماهر ٿئي ٿو ته هو سراسري ڪڍڻ ۽ حسابي انداز هئڻ ۾ ڀڙ ٿئي ٿو. اهڙو هڪ مثال هتي ڏجي ٿو: جنت پنهنجي ڀاءُ کان ٻيڻ تي وڏي آهي، ۽ پنهنجي پيءُ جي عمر کان اڌ جيتري آهي، هاڻي 22 سالن ۾، سندس ڀاءَ جي عمر سندس پيءُ جي عمر جي اڌ جيتري آهي، هاڻي ٻڌايو ته جنت جي عمر ڪيتري آهي؟ عقليت: هر معاملي کي عقل جي بُنياد تي پرکڻ کي عقليت چئجي ٿو. ٻار کان اهڙا سوال پُڇيا وڃن جيڪي ٻار کي مجبور ڪن ٿا ته هو عقليت جي بُنياد تي فيصلا ڪري، لقائن جي وضاحت ڪري. اهڙي قسم جا سوال هي ٿي سگهن ٿا. مثال: توهان جي ماءُ جي ڀاءَ جو سالو، توهان جو ڇا ٿئي.؟ هاڻي بظاهر ته اهو ڏکيو سوال لڳي ٿو، پر ٿورو غور ڪبو ته جواب ملندو ته ’پيءَ‘ ٿئي. شڪليون يا جاميٽريءَ جا خاڪا سمجهڻ ۽ سُڃاڻڻ: هن ڏانوَ موجب ٻار، خيالي طرح شين جي ترتيب ٺاهي ٿو. عام طرح توهان اهڙا ماڻهو ضرور ڏٺا هوندا، جيڪي ڪمري جي ماپ جو اندازو لڳائي ٻڌائيندا آهن ته هن ۾ ڪيتريون ڪرسيون يا کٽون اچي سگهن ٿيون. جن ٻارن ۾ هي صلاحيت بهتر هوندي آهي اُهي سُٺا سِوِل انجنيئر، آرڪيٽيڪٽ سائنسدان، حسابي ماهر ۽ فنڪار ٿيندا آهن. ٻارن ۾ اهڙي صلاحيت اُجاگر ڪرڻ لاءِ ماءُ پيءُ ٻار کان هيٺين قسمن جا سوال پڇي سگهن ٿا: ٽي ڪوپ کڻو ۽ اُنهن کي اُفقي قطار ۾ رکو، هاڻي پهرئين ۽ ٽين ڪپ کي اونڌو ڪري رکو، وچون ڪوپ ساڳي حالت ۾ سڌو رکيل هُجي. هاڻي توهان جو امتحان هي آهي ته سڀني ڪوپن کي سڌو ڪري رکو. پر توهان وٽ چالون ٽي آهن. هاڻي سوال تي ٿورو سوچي ۽ چالون هلو، انهيءَ کي حل ڪرڻ لاءِ هي طريقو آهي؛ پهريون ته اِها ڳالهه نه وساريو ته توهان کي ٽي چالون ضرور هلڻيون آهن. اُن ڪري هر چال ۾ توهان کي ٻه ڪوپ سڌا ڪرڻا پوندا. هاڻي چالون هيئن هلبيون: چال پهرئين: پهرئين ۽ ٻئي ڪپ کي اُلٽو ڪيو، چال ٻي: پهرئين ۽ ٽئين ڪپ کي اُلٽو ڪيو. چال ٽئين: پهرين ۽ ٻي ڪپ کي اُلٽو ڪيو. هاڻي توهان جا سڀ ڪوپ سڌا ٿي چڪا هوندا. هن ذهانت جي امتحان لاءِ لقاءُ يا ماجرا جو اڳواٽ ئي هُجڻ ضروري آهي. (جيئن مٿي ڪمري جو مثال ڏنو هئوسين) ۽ پوءِ رُڳي شين کي ترتيب ڏيڻي پوندي آهي. لفظن جي ترتيب ۽ منطق:هن اصول تحت ٻارن کي اها ڳالهه سيکاري ويندي آهي ته اکرن جي سيريز جي ترتيب ڪهڙي اصول تحت بيٺل آهي. هن ذهني آزمائش ۾ ٻارن کي ان ترتيب جو قاعدو ڳولڻو پوندو آهي. مثال طور: هيٺ ڏنل الفا بيٽ ۾ آخري لفظ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اي، سي، ايف، جي ۽ او ............؟ هاڻي انهيءَ جو جواب هيءَ آهي ته او کان پوءِ (يو) ايندو. ڇو ته اکرن جي سيرز ۾ پهريان هڪ اکر ڇڏيل آ پوءِ ٻه ۽ پوءِ ٽي ۽ ائين معاملو اڳتي وڌندو رهي ٿو. انڪري ڄاڻڻو پوندو ته جي ۽ او جي وچ ۾ ڪيترا اکر ڄاڻايل ناهن پوءِ ايترا اکر ڇڏي اڳتي هلبو ته (يو) تي پهچبو. اِها ڳالهه ته معلوم آهي ته شايد ماءُ پيءُ ٻار کي سائنس ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم نه کڻي سگهن. پر ائين ضرور آهي ته هو گهر ۾ ٻارن لاءِ اهڙو ماحول ضرور پيدا ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ ٻارن جي ذهني اوسر هڪ منطقي ۽ باترتيب نموني ٿئي. هتي والدين کي خبردار ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن به ماجرا جو هو ڪو سائنسي جواب نٿا ڄاڻڻ ته ڌُڪا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ کان بهتر آهي ته هو ٻار کي چون ته هو ان سوال جو جواب نٿا ڄاڻڻ. پر جيڪڏهن ڪي والدين سنجيده آهن ته سندن گهر ۾ ٻاراڻي انسائيڪلوپيڊيا ضرور هجڻ گهرجي جنهن مان هو ٻارن سان گڏ جواب ڳولي لهن. هونءَ به سکڻ جي ڪا عمر ته ڪانهي. بشڪريه عبرت اخبار