ايم ايس آفيس Office Add-On: Quran In Word v1.3 جو هڪ حصو دوستو توهان هاڻي ايم ايس آفيس ۾ عربي لکي سگهو ٿا ڪابه قرآني آيت لکڻ لاءِ هي ٽولز انسٽال ڪيو هيٺ سڪرين شارٽ ۾ ڪجهه هن جي معلومات آهي هي ڏسو ڊائونلوڊ لاءِ هتي ڪلڪ ڪجو.
ادا جهانداد سمون صاحب شال جُڙيو هُجين۔ مٺا اڄ جيڪو ٽول توهان اسان سڀني سان شيئر ڪيو آهي جنهن جو ڏٺو وڃي ته ڪو مُول ڪونهي۔ جڏهن کان سنڌي ڪمپوزنگ ڪري رهيو آهيان قرآن ڪريم جون آيتون لکڻ مون گُناهه گار لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم هو۔ شڪر الحمد الله توهان اهو ڪم تمام تمام سولو ڪري ڇڏيو، انهي قرآن ڪريم جي ان انتهائي گهٽ ايم بي واري ٽول هر مشڪل آسان ڪري ڇڏي۔ مون انسٽال ڪيو آهي، بس جنهن به پاري جي سورة سڳوري آيتن جي نمبرن سميت لکو صرف اوڪي ڪرڻ جي دير آهي ماشاالله هڪ ڪلڪ تي سموري آيت لکجي وڃي ٿي. ادا الله سائين ڪندو سدائين پنهنجي پيارن سان خوش هوندين ڪڏهن به ڪو ڪوسو واءُ نه لڳندئي. الله سائين توهان کي جزاءِ خير ڏي آمين.
بهترين ۽ زبردست. ساڳي طرح عثماني رسم الخط لاءِ هيٺيون لنڪ ڏسو: http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=526