پاڪستان ۾ هر سال 25 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پاڪستان ۾ هر سال 25 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون​

    [​IMG]
    پاڪستان ۾ ويم دوران موت واري شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيو آهي ۽ سراسري طور 25 هزار مائرون ويم دوران سهولتون نه ملڻ سبب موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون، هڪ تازي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ سراسري طور هڪ عورت پنهنجي زندگي دوران 4 ٻارن کي جنم ڏئي ٿي، جنهن سبب هوءَ مختلف جسماني ڪمزورين جو شڪار ٿي وڃي ٿي، ويم دوران ماءُ ۽ ٻار جي خوراڪ ۽ پرهيز بابت شعور جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۾ چئن مان 3 مائرون ويم جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ تائين پنهنجي ٻار کي ٿڃ نه ٿيون پيارين، پاڪستان جي اڌ آبادي کي پڻ سرڪاري صحت واريون سهولتون نه ٿيون پهچي سگهن، ڇو ته ملڪ اندر گهڻو ڪري صحت مرڪز شهرن ۾ قائم آهن ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عورتون انهن مرڪزن تائين پهچي نه ٿيون سگهن، رپورٽ مطابق ليڊي هيلٿ ڪيئر پروگرام تائين صرف 45 سيڪڙو آبادي کي پهچ حاصل آهي، پاڪستان ۾ 3 ڀاڱي 4 عورتون پنهنجي گهرن ۾ ئي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون ۽ ان وقت انهن ٻارن ۽ ماءُ جي سار سنڀال دائيون ۽ گهر وارا ڪن ٿا، رپورٽ مطابق سال ۾ سراسري طور 25 هزار عورتون ويم دوران موت جي ابدي ننڊ سمهي رهن ٿيون، ويم دوران موت واري شرح گهڻو ڪري وڌيڪ رت جي ضايع ٿيڻ سبب ٿئي ٿي، پاڪستان ۾ تازن ڄاول ٻارن ۾ موت واري شرح پڻ ڳڻتي واري حد تائين وڌيڪ آهي ۽ هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هر روز 9 سئو تازا ڄاول ٻار موت جي ور چڙهي وڃن ٿا، رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 1359 ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر جون خدمتون ميسر آهن
    روزاني ڪاوش
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڪستان ۾ هر سال 25 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڪستان ۾ هر سال 25 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون

    بس دوست اها اسانجي گورنمينٽ جي نااهلي آهي جو ننڊن شهرن ۾ ميڊيڪل سينٽر نه کولڻ جي ڪري آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو