نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ دوستو سنڌ جي خوبصورت ڪلاڪار حميرا چنه مشهور سنڌي چينل سنڌ ٽي وي تي اڄڪلهه هڪ تمام خوبصورت نظم سلامت سنڌ سلامت ، سلامت سنڌ سلامت ڳائي رهي آهي، انهن نظم کي ٻُڌڻ سان منهنجو سنڌ سلامت جي هڪڙي غريب نمائندي جي حيثيت سان سر فخر سان اونچو ٿيو پوي، جڏهن حميرا چنه پنهنجي هٿ سان سلامي طور جيجل سنڌ کي سلاميون ڏي ٿي۔ ته دل چوي ٿي ته اسان سڀ سنڌي دوست سئو سئو سلاميون جيجل ڌرتي کي ڏيون ، آهي ڪو دوست جيڪو اهو خوبصورت قومي گيت سنڌ ٽي وي تان رڪارڊ ڪري سنڌ ٽي وي جي ٿورن سان اسان جي هن محبتي اڱڻ تي ونڊ ڪري، وڊيو جي صورت ۾ يا آڊيو جي صورت ۾ ۔ انهي خوبصورت نظم جي ونڊ ڪرڻ سان قسم سان اسان جي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي چار ڇا پر چاليهه چنڊ لڳي ويندا۔ دوستو اڳيان اچو۔۔۔۔ توهان جو ن مهربانيون۔