موت، محبت ۽ موسيقي! عمر قاضي محبت جيان موسيقيءَ ۾ به هر ماڻهوءَ جي ٽيسٽ الڳ هوندي آهي.ممڪن آهي ته هو گهڻن کي پسند نه هجي. خاص طور انهن کي جيڪي موسيقيءَ جي پسند جي حوالي سان هڪ ”ڪلاس“ رکڻ جا قائل هوندا آهن. پر مان ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته هو مون کي پسند هو. ان ڪري نه ته هو تمام گهڻو مقبول هو پر ان ڪري ته هن موسيقيءَ کي هڪ جنون بڻايو ۽ مغرب جي ميوزڪ ۽ ڊانس جا اهي لاڙا جيڪي ان معاشري تائين محدود هئا، مائيڪل جيڪسن انهن کي مشرقي معاشري جي روڊن رستن ۽ گلين گهرن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويو. جهڙي طرح مرزا غالب چيو آهي ته: ”جس مين هو جو به ڪمال اڇا هي“ ان ڪري اسان کي مائيڪل جيڪسن جو اهو ڪمال کليل دل سان تسليم ڪرڻ گهرجي. اهو مائيڪل جيڪسن جيڪو ان ڏينهن هن دنيا مان هميشه جي لاءِ هليو ويو. هيءَ دنيا جنهن کي شيڪسپيئر هڪ اسٽيج ڪوٺيو آهي. ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ته هو جيترو وقت به هن دنيا جي اسٽيج تي رهيو، هو ان اسٽيج جو بادشاهه ٿي رهيو. هن جو دور هن جي نالي جي حوالي سان سڃاتو ويو. بريڪ ڊانس کان وٺي جسم جي ٿرل تائين هن مغربي موسيقي ۽ ڊانس ۾ جيڪي به لاڙا پيدا ڪيا، انهن کي پوري دنيا ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي. هن وقت جڏهن مان هن جي شروع ڪيل اندازن تي سوچي رهيو آهيان ته مون کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته مائيڪل جيڪسن جي پوري ڪوشش هئي ته هو ماڻهوءَ کي سراپا رقص ۾ تبديل ڪري. هن جو مقصد اهو هو ته صرف رقص رهجي وڃي ۽ ماڻهو پاڻ ان رقص ۾ گم ٿي وڃي. ڇو ته ڊانس جي اصل ڪاميابي اهائي هوندي آهي ته ڊانسر پاڻ ڊانس ۾ گم ٿي وڃي ۽ ان رخ ۾ هن چڱو خاصو پنڌ ڪيو ۽ هو ڪافي حد تائين اڳتي به ويو پر جيئن ته هن ۾ ڪجهه شين جي تمام گهڻي کوٽ هئي، ان ڪري هو اها منزل ماڻي نه سگهيو نه ته هن جي ڪوشش تمام وڏي هئي. هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڇا هو ۽ ڇا نه هو!؟ ان سوال کان هٽي ڏسجي ته هن ان ڳالهه جي ڪوشش به ڪئي ته هن دنيا مان رنگ ۽ نسل جون قاتل تفريقون ختم ٿين. ان ڪري ئي هن پنهنجي مشهور گيت ۾ چيو هو ته: ”منهنجا محبوب! ان ڳالهه سان ڪهڙو فرق پوي ٿو ته تون گورو آهين يا ڪارو!“ پر مائيڪل جيڪسن جي دل ۾ ڪلر ڪامپليڪس وڏي حد تائين موجود هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو پنهنجي رنگ کي ڪاسميٽڪ سرجري ذريعي اڇو ڇو ڪرائي ها!!؟ ان قسم جون کوٽون هن ۾ موجود هيون. ان ڪري هو پنهنجي فن کي ان حد تائين نه پهچائي سگهيو، جنهن حد تائين پهچڻ جي هن ۾ ڏات هئي. واقعي هو وڏي ڏات وارو فنڪار هو. هن جي جسم جي لچڪ ۽ هن جي مڌر آواز جي لرزش دنيا جي انهن نوجوانن کي هن جو ديوانو بڻائي ڇڏيو، جيڪي موسيقيءَ جي حوالي سان تمام گهڻا حساس هوندا آهن. مون هن جي پروگرامن ۾ هن جي پرستارن کي هن جي لاءِ روئيندي ڏٺو ۽ مان محسوس ڪري سگهان ٿو ته هن جو موت انهن جي لاءِ ڪيڏو وڏو صدمو هوندو!؟ هو جيڪو پنهنجي مجموعي صلاحتين سبب ايلوس پريسلي کان پوءَ ماڊرن موسيقيءَ جو ليجنڊ هو. پر ان ليجنڊ جا آخري ڏهاڙا ڏاڍا اداس ۽ ڏکارا هئا. ان جو سبب هن جي دل ۾ موجود ڪجهه ڪامپليڪسز هئا. هو جيڪو سطحي رنگ، ڍنگ ۽ جوانيءَ جي جهلڪن جو تمام گهڻو مداح هو ان کان پنهنجي وڌندڙ عمر جو درد برداشت نه پئي ٿي سگهيو. حالانڪه هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته هو هٿرادو طريقن سان جوانيءَ جي روپ سروپ کي جهلي رکي پر بقول اياز: ”وئي جواني وئي جواني تيز ٻرهانگون پائي لهندڙ ڇايا وهندڙ ڌارا ڪير سگهي ترسائي.“ ساڳي طرح سان جوانيءَ جي ان لهر کي مائيڪل جيڪسن پنهنجي تمام گهڻي دولت ۽ ميڊيڪل جي انتهائي مدد سان به ترسائي نه سگهيو. ان ڪري عمر جو اهو رانڀوٽو جيڪو هن جي چهري تي پئجي چڪو، ان کي سڄي دنيا کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هو آخري ڏينهن ۾ ميڊيا جي بي رحم ڪيميرائن کان پري ڀڄندو هو. عمر جي ڪامپليڪس هن کي تمام گهڻو چڙچڙو به ڪري ڇڏيو هو ۽ ان طبيعت جا هن جي فن تي تمام گهڻو اثر به پيا. پر انهن سمورين ڳالهين جي باوجود ڪير چوندو ته مائيڪل جيڪسن گهٽ درجي جو فنڪار هو. فن ۾ هن جو جيڪو به انداز هو، هو ان ۾ ان حد تائين ماهر بڻجي ويو جو هو هڪ حوالو ٿي ويو. هر انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو هوندو آهي. هن جي ذات ۾ به ڪجهه ڪميون هيون، جن جو مون ڪجهه ذڪر به ڪيو آهي پر مان ان ڳالهه جو قائل رهيو آهيان ته فنڪار جي ذاتي زندگيءَ جي ايتري اهميت نه هجڻ گهرجي. ڇو ته ذاتي طور تي هو گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو. اسان کي هن جي ذات جو اهو پهلو ڏسڻ گهرجي جيڪو هن جي فن جو آهي ۽ جنهن سبب هو غير معمولي هجي ٿو. اهڙي طرح پنهنجي فن جي حساب سان مائيڪل جيڪسن هڪ غير معمولي فنڪار هو ۽ اهڙا فنڪار هن دنيا ۾ روز نه ايندا آهن. اهڙا فنڪار هن دنيا جو سرمايو هوندا آهن ۽ انهن جي وڃڻ کان پوءِ هيءَ دنيا ٻسي ٻسي نظر ايندي آهي. ان ڪري ئي دنيا انهن کي ياد ڪري پنهنجي ان سونهن سوڀيا جو ڪجهه ڀرم رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جيڪو ڀرم انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڀري پوندو آهي. جيڪي ماڻهو موسيقيءَ کي چڱي ڳالهه نه سمجهندا آهن، انهن مائيڪل جيڪسن جي موت کي مثبت رخ کان به ڏٺو هوندو. انهن جي نظر ۾ هن نئين نسل کي ميوزڪ ڪريز ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي جاهل نظرئي کي ڪجهه نرم ڪن ته انهن کي اهو پتو به پوندو ته جنهن شيءَ کي هو نفرت جي نظر سان ڏسن ٿا، اها شيءَ پنهنجي وجود ۾ ڪيترن ئي مثبت قدرن کي سنڀالي هلي ٿي.مائيڪل جيڪسن جي گيتن جي حوالي سان ئي سوچيو وڃي ته انهن ۾ زندگيءَ جي مشڪل گهڙين ۾ لاڳيتي جدوجهد ڪرڻ جو جيڪو حوصلو حاصل ٿئي ٿو، اهو هر طرح سان غير معمولي آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال هن جو مشهور گيت ”فري ولي“ آهي. جنهن جي پسمنظر ۾ ٺهيل فلم ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ڪهڙي ريت هڪ ويل مڇي مستقل ڪوشش ڪندي آخر ۾ ٽپو ڏئي ان تلاءَ مان نڪري ٿي ، جنهن ۾ هن کي قيد ڪيو وڃي ٿو ۽ هوءَ سمنڊ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. اهي ڳالهيون زندگيءَ جي ڊهندڙ همتن کي مضبوط ڪن ٿيون ۽ انسان جو حوصلو واڌائن ٿيون. موسيقي جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ”روح جي غذا” آهي. ان بيان تي مون سوچيو آهي ۽ مون کي محسوس ٿيو آهي ته موسيقي ان حوالي سان روح جي غذا ناهي، ڇو ته ان کي ٻڌي انسان کي هڪ قسم جو سڪون ملي ٿو پر هيءَ دنيا پنهنجي واهيات گيرين سان انسان کي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ موسيقي انسان کي انسپائر ڪري اٿاري ٿي. جڏهن انسان جو روح سگهارو ٿئي ٿو ته هن جو جسم به توانائي محسوس ڪري ٿو. ان ڪري اسان کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته مائيڪل جيڪسن جو موت صرف هڪ ماڻهوءَ جو موت ناهي پر اهو ان طاقت جو موت آهي، جيڪا طاقت انسان ۾ ولولي جي سگهه ڀريندي هئي. پر اها ڳالهه اهم نه آهي ته مائيڪل جيڪسن مري ويو پر هن جا اهي گيت هميشه زنده رهندا، جن گيتن ۾ هن ماڻهپي جي لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، جن گيتن ۾ انسانن کي محبتن جو درس ڏنل آهي. جن گيتن ۾ هن زندگيءَ جي ڪيترن ئي پراسرار رخن تان پردو کنيو ۽ انهن سمورن پراسرار ڳالهين ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار آهي. اهو پيار جنهن کان سواءِ ماڻهوءَ جو جيون بنهه اجايو بوجهه بڻجي وڃي ٿو. چوندا آهن ته محبت کي موت جا هٿ ڇهي نه ٿا سگهن ۽ مون اهو به ٻڌو آهي ته تخليق ۽ خاص طور تي اها تخليق جنهن ۾ ساز ۽ آواز جو ساٿ هوندو آهي، اها به لافاني ٿي ويندي آهي. انهن ٻنهي حقيقتن تي سوچي مون کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ محبت، موسيقي ۽ موت جو پاڻ ۾ اهڙو رشتو آهي، جهڙو رشتو انهن ٽن ستارن ۾ هوندو آهي، جيڪي گڏجي آسمان تي کڙندا آهن ته انسان انهن کي ٽيڙوءَ جو نالو ڏيندا آهن. اياز لکيو هو ته: ”شاعر پيارا تون اهڙا ٽيڙو ٻيا ڪٿي ماڪ، ستارا، تون“ مائيڪل جيڪسن جي ساهه جو سڳو ٽٽي به هڪ ٽيڙو بڻائي ويو آهي. موت، محبت ۽ موسيقيءَ جو ٽيڙو!