لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!​

    ليکڪ : امداد علي سومرو
    خبر ناهي لاهور جي موسم کي ڇا ٿي ويو آهي. گُهٽ، ٻُوسٽ ۽ لڪن واري هن موسم ۾ اڄڪلهه لاهور ۾ هر شام ٿڌڙي هير سان شروع ٿئي ٿي ۽ سومهڻي بعد رات ٺري لاڙ جي ٿڌڙي رات جهڙي بنجي وڃي ٿي. عام طور تي هن مند ۾ وڻن سان سٿيل لاهور جي گهٽين تي لڳل قدآور وڻ ڪنهن جامد تصوير جهڙو منظر پيش ڪندا آهن پر هيلوڪي اونهاري ۾ صبح هجي يا منجهند، شام هجي يا رات تيز هوا سان وڻن جي پنن مان پيدا ٿيندڙ رڌم کڻي وڃي ڄامشوري جي شامن ۽ راتين ۾ ڦٽو ڪري ٿو . اونهاري جي سخت ترين گرمي جي حوالي سان بدنام لاهور هن ڀيري مٽيل مٽيل آهي، موسم ۾ هيل خبر ناهي ڪٿان رومانس ڀرجي آيو آهي. لاهور ۾ گذاريل گذريل نو سالن جي اونهارن کان هي اونهارو بلڪل مٽيل مٽيل آهي، لاهور جي موسم جي ان خوشگوار تبديلي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڄامشوري جي هوائن جهڙي اهڙي ئي هڪ سانجهه بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي گاڏي ڪڍي لاهور جي روڊن تي نڪري پيس. خبر ئي نه هئي ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي يا ڪيڏانهن وڃڻ گهرجي، دل آواره گردي لاءِ اڪسايو جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪنهن گهڙي پنڌ ۽ ڪنهن گهڙي گاڏي ۾ لاهور جي روڊن تي رلندو رهيس. تيز هوا جو هڪ هڪ جهوٽو ڄامشوري ۾ گذاريل هڪ هڪ پل ياد ڏياري دل کي اداس ڪري رهيو هو. ڪنهن جهونڪي تي عشق جي بخار ۾ ورتل پنهنجو يار امتياز منگي ياد اچي رهيو هو ته ڪنهن جهوٽي سان هر دم منهن تي مرڪ کڻي هلندڙ واسو مل جي ياد ستائي رهي هئي، هوا جي رخ سان هيڏانهن هوڏانهن اڏامندڙ بڙ ۽ پپرن جي وڻن جا پتا اسلم ميراڻي جي ڪئمپس ۾ اجائي ڀڄ ڊڪ وانگر لڳي رهيا هئا. هوا جو هر جهوٽو سنڌ يونيورسٽي جي سڀني يارن جي ياد ڏياري رهيو هو. آئون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هوا جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن رلڻ بعد گهر واپس موٽي آيس. رات جو دير تائين انهن دوستن ۽ الوداعي پارٽي ۾ سڄي سنگت سان ٿيل آخري ملاقات ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي پڇيل سوالن جي پس منظر ۾ دوستن جي ان مستقبل جي خوابن بابت سوچڻ لڳس.
    منهنجي اها ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ، جنهن جا ٽهڪ فضا ۾ گهنگهرو جي ڇڻڪار وانگر گونجندا هئا پر ان رات اها انتهائي اداس هئي، ڇاڪاڻ ته اها الوداعي رات هئي. ڀٽائي جي سٽ ”ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا ڌارئون ڌار“ مثل وڇوڙي جي رات هئي، ان ڪري هوءَ اداس هئي. هوءَ چئن سالن دوران ڪڏهن به اسان ڇوڪرن جي ٽولي ۾ اچي نه ويٺي هئي، پر ان رات هو ڀنل اکين سان اسان سان گڏ اچي ويهي رهي هئي. کوڙ وقت تائين هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ بعد مون کي ڇڏي هن اسان جي ٽيبل تي ويٺل سڀني ڪلاس فيلوز کان پڇيو هو ته ”هو مستقبل ۾ ڇا ڪندا؟“ سڀني دوستن پنهنجي روشن مستقبل بابت پنهنجي حڪمت عملي ۽ ان رات بعد نوڪري لاءِ شروع ٿيندڙ ان جدوجهد جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا خيال ٻڌايا هئا، پر منهنجي انهن يارن جي اڪثريت جا خواب اسان جي ملڪ جي ناهموار سماج سبب ساڀيان نه ٿي سگهيا. مون کي اڄ کان پنج سال کن اڳ دادو واري بس اسٽاپ تي يونيورسٽي جي هڪ دوست سان ٿيل اها ملاقات به ياد آئي. اسلم ميراڻي اوچتو مون سان ٻکين پئجي ويو هو. منهنجو اهو نوابشاهي دوست يونيورسٽي ۾ پهريون شاگرد هو، جنهن هاسٽل ۾ لسٽ ڏسندي مون سان سڃاڻپ ڪئي هئي ۽ جڏهن هن کي خبر پئي هئي ته مان به سوشيالاجي ۾ داخل ٿيو آهيان ته هن منهنجي هر قسم جي مدد ڪئي هئي. تعارف بعد اسلم مون کي هاسٽل جي ڪمري تائين وٺي آيو. اسلم کي ڪير ڪم چوندو هو يا نه هو هر ڪنهن جي خدا ڪارڻ مدد ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو هو ۽ خبر ناهي حالتن ان کي ڪٿي پهچايو آهي، پر دعا آهي ته هو اڄ به ائين ئي هجي. پاڪستان کي جنهن مفاهمت جي ضرورت آهي، ان مفاهمت جو جيئرو جاڳندو نمونو منهنجو دوست واسومل آهي، جيڪو ايم اي ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري جو ڪو آسرو نه هجڻ سبب پنهنجي شهر شهدادپور واپس هليو ويو ۽ اڄڪلهه اتي ئي ڪاروبار ۾ جنبيل آهي. واسو مل معاملا حل ڪرڻ ۽ خواهش ٿيڻ تي معاملا خراب ڪرڻ جو به ماهر هو. اڪثر ڳوٺان يونيورسٽي ايندي ٿيلهو پاپڙن سان ڀري ايندو هو ۽ پوءِ واسو جا پاپڙ ۽ دوست هوندا هئا. ڪجهه وقت اڳ جڏهن ان سان فون تي ڳالهايم ته ان جي زبان ادب آداب سان ڀرپور هئي. مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو لکنو مان ”آپ جناب“ جي خاص سکيا وٺي آيو هجي. واسو هڪدم تبديل ٿي ويو، شايد گهرداري جي بار واسو کي تبديل ڪري ڇڏيو هجي. رکيل عرف اقبال سومري جي خبر ناهي هو ڪٿي آهي؟ بلاڪ هاسٽل جي ڪڙڪ چانهن پيئڻ لاءِ اڪثر رکيل سومري وٽ وڃڻو پوندو هو ۽ يونيورسٽي جي اها آخري رات به رکيل جي ڪري ئي يادگار رات ٿي وئي، جڏهن سڀ دوست گڏجي هاسٽلن کان ٻاهر نڪتا هئاسين ۽ يونيورسٽي جي روڊن تي رلندا رکيل جي سرن ۾ سر ملائيندا ”رميه وتا ويا، مين ني دل تجهه ڪو ديا “ وارو ڀارتي گيت ڳائي يونيورسٽي جي لکيل هوائن ۾ الوداعي رات گذاري رهيا هئاسين. اڄ به جڏهن ڪٿي ان گيت جا سر گونجندا آهن ته دل ۽ دماغ ٻارنهن سال پٺتي سنڌ يونيورسٽي جي ان رات ڏانهن ڇڪجي ويندا آهن.
    سنڌ يونيورسٽي مان سوشالاجي ۾ ماسٽرس ڪندڙ منهنجي ڪلاس جي ٽيهارو کن دوستن کي ڊگري ڪندي اڄ 12 سال کان وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود اڪثريت کي سرڪاري نوڪري نه ملي سگهي آهي. شايد ڪو خوش نصيب ڪنهن سرڪاري نوڪري ۾ لڳي ويو هجي، پر مون کي جن جن جي خبر آهي، اهي سڀ ڪو نه ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي يا نوڪري ڪري گذران ڪري رهيا آهن. سدائين رومانوي ڪيفيت ۾ رهندڙ امتياز منگي به ڪوٽڙي ۾ ڪاروبار ۾ پنهنجي والد جو هٿ ونڊائي رهيو آهي. علم ادب سان چاهه رکندڙ امتياز منگي کي ته يونيورسٽي ۾ عشق ڪنهن ڪم جو نه ڇڏيو هو، پر هو ايترو ويل به نه هو، جو ان کان سرڪاري شعبي ۾ ڪي خدمتون نه وٺي سگهجن ها. انتهائي سنجيده رهندي ٻارڙن جهڙيون حرڪتون ڪندڙ امتياز منگي خبر ناهي ته بدليو آهي يا نه؟ ان سان به 12 سال ٿيا ڪا ملاقات ناهي ٿي سگهي. مون کي انهن يارن ۽ ڄامشوري جي هوائن جي سڪ اڳ ڪڏهن به ايڏو نه ستايو هو جيترو اڄڪلهه لاهور جي موسم ۾ آيل خوشگوار تبديلي سبب ستائي رهي آهي.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!

    دوست بس ادا اسانکي ڄامشوري جي ياد نه ڃار ته سٺو آهي۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!

    ادا الله جو شۡڪر آهي ته پاڻ ڄامشوري جي هوائن کان روز لطف اندوز ٿيندا آهيون۔۔۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: لاهور ۾ ڄامشوري جي ياد!

    واھ واھ جامشوري کان جڏهن گذر ٿيندو آهي اصلي واھ جي هوا لڳندي آهي ٿڌي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو