ٿر جو ڪوئلو، محترمه بينظير صاحبه جو خواب ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٿر جو ڪوئلو، محترمه بينظير صاحبه جو خواب ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري​


    ليکڪ : حميرا علواڻي
    ٿر ۾ موجود ڪوئلي جا ذخيرا دنيا جي چند وڏن ذخيرن مان هڪ آهن، ڪوئلي جو اهو ذخيرو ٿرپارڪر ضلعي جي 19100 اسڪوائر ميٽرن تي مشتمل آهي، جيڪو ملڪي ڪوئلي جي ذخيرن جو 98 سيڪڙو آهي، جنهن جو تقريبن 175 بلين ٽن کان وڌيڪ کاٿو لڳل آهي. ٿر جيڪو سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ چار تعلقن ڇاڇرو، مٺي، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر تي مشتمل آهي، سرڪاري رڪارڊ موجب 19637 اسڪوائر ڪلوميٽر يعني 4791089 ايڪڙن تي مشتمل آهي، هن ضلعي جي آبادي 10 لک آهي. ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ۾ آڻڻ جو خواب 1993ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو هو، جنهن جو مقصد ٿر جي ڪوئلي تي بجلي گهر لڳائي، ملڪ جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏ ملڪي صنعتن جي لاءِ انتهائي سستي قيمت تي بجلي مهيا ڪرڻ به هو، ان خواب پٺيان اصل ۾ ملڪ کي صنعتي ترقي طرف وٺي وڃڻ جي خواهش هئي.
    شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ ملڪ جي وڌندڙ بجلي جي ضرورتن کي مدنظر رکندي، ٿرڪول پروجيڪٽ ۽ ڪيٽي بندر رٿا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ڪيٽي بندر تي بين الاقوامي بندرگاهه اڏڻ ۽ اتي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪرڻ لاءِ سروي ۽ فزيبلٽي رپورٽ پڻ تيار ڪرائي وئي ۽ وڏي پيماني تي غير ملڪي سرماياڪاري لاءِ انٽرنيشنل بزنس مين ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين سان معاهدا پڻ ٿيا هئا، پر افسوس جو 1996ع ۾ شهيد بي بي جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ ايندڙ حڪومت ان اهم رٿا کي ختم ڪري ڇڏيو. 1993ع واري فزيبلٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، ڪيٽي بندر رٿا 3 کان 4 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندي، اها بندرگاهه 7 ڪلوميٽر اندر اونهي سمنڊ ۾ ٺهي ها. جنهن جي ذريعي سينٽرل ايشيائي ملڪن، ايران ۽ چائنا سان گڏوگڏ روس جي 14 رياستن سان سامونڊي رستي ڳنڍجڻ جو امڪان هو، جنهن سان تجارت جا نوان رستا کلن ها.
    دنيا ۾ 40 فيصد بجلي ڪوئلي مان پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته انڊيا ۾ 60 سيڪڙو ۽ چائنا ۾ 65 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ٿئي ٿي، ٻئي طرف پاڪستان فقط هڪ فيصد بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪري ٿو. انڊيا، چائنا، آمريڪا، يورپ کان علاوه سائوٿ آفريڪا ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ، ڪوئلي سان گئس ۽ fuel تيل به پيدا ڪري رهيا آهن. جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪوئلي کي زيرِ زمين ساڙي ان کي liquid gas ۾ تبديل ڪري هزارين فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جون ضرورتون پڻ پوريون ڪري سگهجن ٿيون. چائنا تازو ڪوئلي مانfuel ٻارڻ پيدا ڪري جيٽ جهاز هلائڻ جا ڪامياب تجربه ڪرڻ کانپوءِ باقائده ان جو استعمال شروع ڪيو آهي، ياد رهي ته چائنا پنهنجي تيل جي ضرورتن لاءِ پيٽرول برآمد نٿو ڪري، بلڪه مختلف ٽيڪنالاجين سان تيل حاصل ڪري پنهنجي ملڪي ضروريات کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ دنيا جو وڏي مان وڏو مينيوفيڪچرر پڻ آهي.
    سنڌ ٿر ڪول اٿارٽي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ٿر جي ڪوئلي مان 3 بلين بهترين ڪوائلٽي جو ڪوئلو اسلام ڪوٽ جي ويجهو چار بلاڪن ۾ موجود آهي، ٿر جو سڄو ڪوئلو ايترو وڌيڪ آهي جو پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ 100 سالن تائين پنهنجي بجلي ۽ گئس جي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن صحيح طريقي سان منصوبابندي ۽ حڪمت عملي ڪئي وڃي ته ٿر وڏو صنعتي زون ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هڪڙي پاسي لکين ماڻهن کي روزگار، ته ٻئي پاسي صنعتي زون قرار ڏئي وڏي پيماني تي صنعتڪارن کان سرمايه ڪاري ڪرائي ننڍيون وڏيون صنعتون لڳائي سگهجن ٿيون، جنهن سان ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ ڪاروبار ۽ خوشحالي واريون سرگرميون شروع ٿينديون.
    جان بائڊ نالي آمريڪي ڪمپني پنهنجي 1994ع واري سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اگر ٿر ۾ 7 ملين ٽن سالانه پيداوار مان 300 ميگاواٽ جا بجلي گهر لڳايا وڃن ته بجلي جي قيمت 6.5 سينٽ في يونٽ هوندي. 2001ع جي سنڌ ۾ ڪيل سروي موجب ڪوئلي جي کاڻين ۾ 40 هزار ماڻهو ڪم ڪن پيا، اڃا تائين پاڪستان ۾ کاڻين جي ڪم ۾ مشينن بجاءِ ماڻهن کان ڪم ورتو وڃي پيو. لاکڙا ۽ ملڪ جي ٻين 1600 کاڻين مان هن وقت 500 ٽن روزانه پيداوار ٿي رهي آهي. ٿر جي ڪوئلي وارو پروجيڪٽ ملڪ جي وڏن منصوبن مان هڪ هوندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي تربيت لاءِ ضروري اپائن جي پڻ ضرورت پوندي، جيئن اليڪٽريڪل، مڪينيڪل، ڪيميڪل انجنيئرنگ، ٽيڪنيشن، ڊگري يا ڊپلوما هولڊر پروفيشنلز جي ضرورت پوندي، ماڻهن کي تربيت ڏيڻ جي حوالي سان مٺي (ٿرپارڪر) جي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ کي اپ گريڊ ڪري پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏئي، ٿري ماڻهن کي تربيت ڏني وڃي ۽ هاڻ کان ئي 2، 3 سالن جي ڊگري ۽ ڊپلوما ڪورسز شروع ڪيا وڃن ۽ پاور انجنيئرنگ ۽ مائننگ ٽيڪنالاجي ۽ جديد انجنيئرنگ سان منسلڪ ماڻهن کي اسپيشلائيزيشن لاءِ چائنا يا ٻئي ڪنهن ملڪ موڪليو وڃي ته جيئن اسان وٽ پنهنجو تربيت يافتا ماڻهو هجي، ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي لاءِ هيٺين شين کي پڻ مدنظر رکڻو پوندو.
    1.روڊ، رستا، عمارتون، پاڻي ۽ بجلي جو انتظام
    2.بجلي گهر هلائڻ لاءِ وڏي سرمايه ڪاري، تجزياڪار ماڻهو ۽ ليبر وغيره.
    3.غير ملڪي سرمايه ڪاري جي حوصله افزائي لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس جو هجڻ ضروري آهي، جنهن سان ٻاهرين سرمائيڪارن کي قائل ڪري سگھجي.
    4.ملڪي سرمايه دارن کي هن طرف راغب ڪرڻ لاءِ ٽيڪس فري زون قرار ڏيڻ، خام مال تي ٽيڪسن جي ڇوٽ ۽ سبسڊي وغيره.
    ڪوئلي جي کوٽائي سان ٿر جي مقامي ماڻهن جي لڏپلاڻ، ماحوليات جو خراب ٿيڻ، زير زمين پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ زرعي يا مال چارڻ واري زمين تي ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي سبب ماڻهن جي عام زندگي متاثر ٿيڻ، ان کان علاوه اتي بجلي گهر اڏڻ سان ماحولياتي آلودگي وڌندي ۽ ماڻهن کي ساهه، دم، دل ۽ اکين جي بيمارين جا مسئلا پڻ پيدا ٿيندا. ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جي کوٽائي سان سڄي سنڌ بلڪه سڄي ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ٿيڻ سان خوشحالي، ترقي ٿيندي، پر ٻئي پاسي ٿري ماڻهن کي پنهنجا اباڻا ڪک، جگهيون، پنهنجي ديس جو قدرتي حُسن سڀ ڪجهه ڇڏڻو پوندو، پر ان سڄي قرباني عيوض انهن ٿري ماڻهن کي پنهنجي ملڪيتن ۽ زمينن جو صحيح معاوضو پڻ ملڻ کپي. ملڪي ترقي عيوض اهي اٻوجهه مسڪين ٿري پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڇڏي لڏپلاڻ ڪندا، انهن کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪيل ڪاري سون جو معاوضو، انهن جي مالڪي جو حق، اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي پهريون انهن جو حق ڏيڻ پڻ سنڌ حڪومت جي ذميداري هوندي، نئين سر اجها اڏڻ جو حق ڏيڻ پڻ حڪومت جو اولين فرض هوندو، هن وقت جنهن زمين هيٺ هي ڪارو خزانو موجود آهي، اهو ٿري ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهي ۽ باقي رهيل زمين پڻ اتي جي غريب، ڪڙمي، مال چاريندڙن جي آهي، ٿر جيڪو پهرين کان ئي ملڪ جو پوئتي پيل علائقو آهي، تنهنڪري اتان جي ماڻهن کي حڪومت فائدي جي چڪر ۾ نجي ڪمپنين، ٺيڪيدارن ۽ صنعتڪارن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏي. محترمه جي هن خواب جي ساڀيان هاڻ پ پ پ جي موجوده حڪومت جو نصب العين آهي، ته جيئن ٿر جي ڪوئلي سان ملڪ ۾ وڌند بجلي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي. 26 جولاءِ 2008ع تي وزير اعظم پاڪستان ۽ وزير اعليٰ سنڌ وفد سان گڏجي واشنگٽن ۾ پاڪستان ۾ خصوصن ٿر جي ڪوئلي تي سيڙپڪاري لاءِ دعوت پڻ ڏني هئي. سنڌ حڪومت ٿر جي هن ڪاري سون کي ڪڍڻ جو مڪمل عزم ڪيو آهي ته جيئن هن سنڌ جي خزاني سان ملڪ ۾ جاري توانائي جي بحران تي قابو پائي سگهجي ته ٻئي طرف سنڌ جي مجموعي معاشي ترقي پڻ هن سان ڳنڍيل آهي! ته شهيد محترمه مشن پڻ!
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٿر جو ڪوئلو، محترمه بينظير صاحبه جو خواب ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٿر جو ڪوئلو، محترمه بينظير صاحبه جو خواب ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري

    ادا محترمه ويچاري مٽي ماءُ جي حوالي هاڻي ته بس سمجهي ته ويا هوندا دوست۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو