عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
لاهور ۾ حضرت علي جي شهادت جي ڏيهاڙي ڪربلا گامي شاهه کان نڪرندڙ جلوس ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 18 ڄڻا مارجي ويا ۽ 157 زخمي ٿيا آهن. ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر لاهور سجاد ڀٽه سرڪاري ٽي وي تي مري ويلن ۽ زخمي ٿيلن جي تعداد جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڌماڪي جي وقت هزارين عقيدتمند هتي موجود هئا.
هڪ نيوز ٽي وي فوٽيج ۾ ڌماڪي واري هنڌ کان دونهون نڪرندي ڏيکاريو ويو جڏهن ته واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ۾ ڌماڪي کانپوءِ ڀاڄڙ مچڻ سان به ڪيترا ئي ڄڻا زخمي ٿي ويا.
هڪ نيوز ٽي وي فوٽيج ۾ ڌماڪي واري هنڌ کان دونهون نڪرندي ڏيکاريو ويو جڏهن ته واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ۾ ڌماڪي کانپوءِ ڀاڄڙ مچڻ سان به ڪيترا ئي ڄڻا زخمي ٿي ويا.
