اسلام عليڪم ساٿيو مان آھيان يعقوب بجير ڇاڇرو ٿرپارڪر کان آئون پھريون دفعو ھن سنڌي فورم ۾ آيو آھيان اڃا تائين خبر نٿي پئي ڇا ڪرڻو آ پر تمام سُٺو فورم آ
جواب: تعارف سهڻي ديس سنڌ جي تاريخي علائقي ٿرپارڪر جي سهڻي شهر ڇاڇري جا ادا بجير، اسين سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا ۔۔۔ لک ٿورا جو اوهانکي هي اوطاق پسند آئي ۔۔۔ باقي رهيو اوهانجو سوال ته اوهانکي ڇا ڇا ڪرڻو آهي ته انجو جواب به تمام سادو ۽ مختصر اهو آهي ته جيئن اوطاق تي ماڻهون هڪٻئي کي ٻڌندو آهي، ڪجهه پنهنجي ٻڌائيندو آهي ڪجهه ٻين جي ٻڌندو آهي ۽ ڪجهه ڳالهين سان سهمت به ٿبو آهي ته ڪجهه ڳالهين سان نه به سهمت ٿبو آهي ۔۔۔ بس هن اڱڻ تي به اوهان پنهنجون ڳالهيون ٻڌايو، سنڌ جا احوال ڏيو ۽ پنهنجي سهڻي شهر ڇاڇري جا ڪي خاص احوال هجن يا ڪي قصا يا ڪهاڻيون يا ڪي تصويرون يا ڪي ڀوڳ ٽڪا، مطلب ته اوهانکي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ سنڌي ادب ۽ سياست تي ويچار ونڊڻا آهن، ٻيو ڪم اوهانکي اهو ڪرڻو آهي ته هن اوطاق جي هر ڪمري ۾ وڃي گهمي ڏسو، جنهن ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن ۽ ڪيتريون نيون نيون شيون ونڊ ڪيل آهن، اهي پڙهو، ڏسو ۽ پنهنجي قيمتي خيالن کان آگاهه ڪريو ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ته اوهانکي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هوندي ۽ اميد ته اوهان هن اڱڻ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ هن اڱڻ جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا ته اها اسانجي همٿ افزائي به ٿيندي ۽ اسانجي خوشي جو باعث پڻ ۔۔۔ دوستيون وڌن، ميلا لڳن ته سنڌ جي آجپي واري راهه صاف ٿئي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت اوهانجو دوست نثار ابڙو
جواب: تعارف ادا يعقوب بجير۔۔۔ سهڻي سنڌ جي شان ٿرپارڪر ضلعي جي ڇاڇرو ضلعي مان منهنجي خيال ۾ اوهان پهريان ميمبر آهيو، اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ٿا چئون، ڀاءُهن فورم جي اندر ڄاڻجو اڻ کٽ خزانو آهي، پيارا دوست اوهان جي مدد لاءِحاضر آهن، ڪابه مشڪل ٿئي ته پڇڻا نه منجهڻا نالي سيڪشن ۾ نئو موضوع شروع ڪري اسان کان مدد گهرو اسان سمجهائينداسين ته ڇا ڪرڻو آهي۔۔
جواب: تعارف ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون توهان سنڌ سلامت فورم جي سکيا وارو سيڪشن ٿورو غور سان پڙهجو توهان جا تقريبان مسئلا حل ٿئي ويندا سدائين گڏ
جواب: تعارف دوست همانگير سولنگي جي به طرفان توهان کي دل جي گهرائن سان ڀلي ڪار چئجي ٿو۔ توهان گهٻرايو نه توهان هن فورم تي ائين استاد ٿي ويندا توهان کي پاڻ کي پتو ڪونه پوندو ته ڪيئن ٿي ويس۔ مان به پهريان ائين توهان وانگر سوچيندو هئس ته ڪجي ته ڪجي آخر پو۽ بس دوستن کان پڇي ڪري هر اوطاق جي ڪمري ۾ وڃي ڪري اسان به استاد ٿي وياسين توهان گهٻرايو نه دوست انشاالله سکي ويندا۔
جواب: تعارف مھربانيون دوستو اوھان سڀني جون مان ڪوشس ڪيان پيو ادا انشااللھ جلد ھر شئي سمجه ۾ اچي ويندي پھريو ڀيرو مسئلو ٿيو ھو ھاڻ ڪافي سمجه اچي وئي آ ادا اوھان دوستن جا لک ٿورا لک قُرب جو منھنجي همت افزائي ڪئي
جواب: تعارف دوست اسان آهيون بابا ڪاڪي آچار جي اوطاق جا سليڪٽڊ خدمتگار ير جيڪو به مسئلو هجي هتي عاشق، فقير ، مست درويش، لڪل چاهتون، جادوگر، نسواري، موالي، سڀ موجوده آهن توهانکي هر قسم جي مدد جي لا۽ الرٽ آهن بس توهان جن ڪم ۾ منجهو ته انهن سڀن سان رابطو ضرور ڪندا، پو۽ توهان به هن فورم جا هيرو ٿي ويندا۔
جواب: تعارف محترم سنڌي ڀا يعقوب بجير شال جُڙيا هُجو، آئون پنهنجي سموري سنڌ سلامت سٿ طرفان دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔ ادا نثار ابڙو بقول اسان جو هي محبتي اڱڻ ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌائڻ جو نالو آهي، هڪ ٻئي سان حال احوال اورڻ جا تمام بهترين موقع ملندا آهن هتي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت اسان جي هن چاهت ڀري اڱڻ تان توهان دل کولي ڪري سگهو ٿا۔ جڏهن ڳالهه سنڌ ڌرتي جي ٿيندي آهي ته سنڌ سلامت جا سمورا سنڌي ڀائر پنهنجا پيار، پنهنجا قرب پنهنجي سنڌ تان سنڌي ماڻهن تان نڇاور ڪندا آهن۔ ماشاالله توهان آيا، اسان جي سنڌ جو هڪڙو سنڌي پٽڙو جيجل سنڌ جي خدمت ڪرڻ واسطي وڌي ويو۔ اسان اميد ٿا ڪريون ته پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان سنڌي ٻولي کي وڌ کان وڌ سوڀارو ڪندا۔ هي توهان جي آجيان واسطي سموري سنڌ سلامت سٿ طرفان ڪجهه گُل آهن قبول ڪندا۔ لک لائق ڀا يعقوب بجير جو توهان قرب جا قدم ڀري هتي آيا۔