ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ارمان۔۔۔

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هي آرٽيڪل منهنجي ڀاءُ آفتاب علي ميرجت عوامي آواز لاءِ‌لکيو جيڪو 31 آگسٽ جي شماري ۾ شايع ٿيو،
    اوهان دوستن سان به هي آرٽيڪل ونڊ ڪجي ٿو۔
    ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ارمان
    سنڌ ۾ مسلسل ٻوڏ جو عذاب روان دوان آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي ٻار، ڪيترائي ضعيف، ڪيترائي جوان ۽ عورتون بي رحم ٻوڏ جي لهرن جي ور چڙهي چڪا آهن. مگر هن عذاب مثل ٻوڏ ۾ اڃان به ڪا گهٽتائي نظر نه ٿي اچي.

    سنڌ ۾ جتي اڻ کُٽ مالي نقصان ٿيو آهي. اتي اگر غور ۽ فڪر ڪيو وڃي ته اڻ کُٽ انساني جانيون به هن ٻوڏ جي لهرن ۾ گهم ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ ڪنهن ماءِ جو لختِ جگر ته ڪنهن جو سرتاج ته ڪنهن جي وري گهر جي ساري روشني اونداهي ۾ تبديل ٿي وئي يعني ڪنهن جو سواءِ درد ۽ ماتم جي ڪجهه به نه بچيو، ٻوڏ کي ته جيڪو ڪرڻو هو سو ڪري وئي. اگر هن بحث ۾ وڃجي ته ڪير به هن ڳالهه جو قصور وار پاڻ کي نه سمجهندو، اگر حڪومت کي چيو وڃي سرڪاري عهديدار اهو ئي جواب ڏيندا ته قدرتي آفت آهي. اسان پنهنجي طرفان مڪمل ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻوڏ تي قابو پائڻ جي مگر سڀ حوال آهن. ٻوڏ پنهنجي روايتي روٽن سان تباهي مچائيندي پئي وڃي. هاڻي به تازو ٻوڏ ٺٺي جي ڪچي آبادي ۾ وڏي تباهي آندي آهي جتي هزارين ڳوٺاڻا بي گهر ٿي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن.

    اڄ اهي مالوند ماڻهو مڪلي جي تاريخي قبرستان کي پنهنجي پناه گاه سمجهي سرڪار جي امداد کي واجهائي رهيا آهن. هاڻي هي ٻوڏ خدا جو عذاب آهي. يا خدا جي طرف کان آزمائش ان راز کي خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو. انسان جي جان وڏي قيمتي شيءِ آهي. مال ته انسان کي وقت سان گڏ وري حاصل ٿيو وڃي مگر جاني نقصان وري حاصل نه ٿو ٿي سگهي.

    هن ٻوڏ نه صرف جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي مگر هزارين ارمان به هن ٻوڏ پنهنجي تيز وهڪرن ۾ ٻوڙيا آهن.اهي ارمان جيڪي هميشه انسان جي اکين ۾ ڳوڙهن جي صورت ۾ باقي رهندا. اڄ به جيڪڏهن ڪنهن ٻوڏ متاثر جي خاموش چهري کي ڏسجي ٿو ته هن جا هزارين ارمان ۽ بي ڪسي ان جي خاموش چهري مان نُمايان نظر ٿي اچي. هن ٻوڏ جي ور چڙهيل هر انسان پاڻ سان گڏ هڪ وڏي درد جي داستان رکي ٿو. جنهن کي ٻڌڻ ساڻ ئي اکيون بي ساخته وسڻ شروع ٿي ٿيون وڃن.

    هي رمضان جو ڀلارو مهينو جيڪو خاص رحمت و برڪت سان سڃاتو وڃي ٿو. ان ساڳي ئي مهيني ۾ خدا جي ٻانهن تي زحمت جا در کليا رهيا آهن. درد ستايل فرضي روزي رکڻ لاءِ به سرڪار جي امداد ڏانهن واجهائي رهيا آهن. هن تيز اُس ۾ صرف جوان ۽ ضعيف تڙپي رهيا آهن مگر حڪومت جي بي حسي کي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ننڊڙا کير پياڪ ٻار به هن تڪليف ۾ قدم بقدم پنهنجي غريب سڄڻن سان گڏ آهن.

    هن سماج ۾ هر ڪوئي مطلب پرست آهي. مشهور آهي ته جتي باه ٻري اها جاءِ سڙي ٻين کي ڪهڙي خبر ته هنن ٻوڏ متاثر مسافرن جو وقت ڪئين گذري رهيو آهي. جيڪي تيز اس ۾ بنا امداد جي مشڪل وقت گذاري رهيا آهن. ائيرڪنڊيشن ۾ سُتل ماڻهو اُس ۾ سڙندڙ غريب مسافرن جي تڪليف جو اندازو نه ٿا لڳائي سگهن انهن جي مدد ته پري جي ڳالهه آهي.

    هي هزارين ارمان جيڪي پاڻي جي تيز وهڪري ۾لڙهي ويا اهي انهن ٻوڏ جي متاثرن کي ڪير ڳولي ڏيندو ۽ اهي هزارين خوشيون جيڪي چند لمحن ۾ هن 6 فٽ پاڻي اندر گم ٿي ويون آهن انهن غمزده چهرن تي وري ٻيهر مرڪ ڪير سجائيندو. تقدير جو عجيب فيصلو آهي. هاڻي به جڏهن هنن تقدير جي ماريل چهرن تي نظر پوي ٿي ته اهي ڪنهن گهري سوچ جي سمنڊ ۾ گم نظر ايندا آهن. شايد انهن جو ڪجهه باقي نه بچو هجي. اسان ته صرف تماشبين آهيون جيڪا هنن تي گذري پئي اها انهن کي ئي خبر هوندي، حڪومت ان ڳالهه جي انڪاري آهي ته ان ٻوڏ جي اها ذميوار ناهي، بيشڪ ناهي ڇو جو هي ٻوڏ هڪ قدرتي آفت ۽ خدا جي طرفان هڪ ڏمر آهي، مگر پوءِ به هي ڳاله واضح چئي سگهجي ٿي ته ايڏي وڏي ٻوڏ جو ڪارڻ حڪومت آهي. ڇو جو حڪومت کي ان ڳالهه جو خوب اندازو هو ته هي آيل ٻوڏ ڪيتري قدر تباهي مچائي سگهي ٿي مگر حڪومت بي حسي جو مظاهرو ڪندي، هن ڳالهه تي ڪو خاص غور ۽ ويچار نه ڪيو ۽ پنهنجي خام خيالي ۾ مگن رهي حڪومت اهو به نه سوچو ته وقت وقت جي ڳالهه آهي. هر وقت هڪ جهڙو نه هوندو آهي هي ٻوڏ ڪا معمولي ٻوڏ ناهي، مگر اعلي عملدارن کي ۽ آبپاشي کاتي وارن کي ماضي وارين ٻوڏن جو ڍانچو ذهن ۾ هو ته هي ٻوڏ به ڪو خاص نقصان نه آڻيندي مگر نتيجن سب اسان جي اڳيان آهي ته ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان سنڌ جي غريب عوام کي ڀوڳڻو پئجي ويو، اهو اندازو ته صرف نقصان وارن کي ئي خبر آهي. هي جيڪا هنگامي صورتحال آهي اهي صرف ئي صرف حڪومت جي صحيح اُپاءِ نه وٺڻ جي نتيجي ۾ آهي.

    ٻوڏ ته پنهنجي تباهي مچائي ڇڏي ۽ اڃان مچائيندي اچي پئي مگر هن وقت به حڪومت جو ساڳيو حال آهي. ڏسندڙن مطابق ته ڪوٽڙي بئراج مان اڻ کُٽ انساني لاش ۽ مئل جانور ڏٺا ويا آهن. اهي موت حڪومت جي بي حسي چئجي يا تقدير جي فيصلي جي ورڇ..... مگر جيڪو ٿيڻو هو اهو ٿي گذريو. حڪومت ته هاڻي اهي وسايل گهرن جا چراغ پنهنجي وارثن کي وري روشن ڪري نه ٿي ڏئي سگهي. مگر جيڪي زنده رهجي ويا آهن، انهن کي ته بکون ڏئي موت جي ور نه چاڙهي. اربن جو فنڊ ڇو ظاهر ناهي. ڪيترائي ايترا ٻوڏ متاثر اڃان تائين به موجود آهن جن جي حڪومت ڪا واهر نه ڪئي آهي. ڪيترائي گلن جهڙا ٻار بکن ۾ مري ويا ڪيترائي سهڻا سپوت بيمارين جي ور چڙهي ويا حڪومت هٿ تي هٿ رکي خاموش رهي آهي. صرف ظاهري دورن سان ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي ڪڏهن انسان ذات جو درد پنهنجي اندر سمائي پوءِ فيصلو ڪن ته ڪيڏو قهر ٿي ويو آهي سنڌ واسين سان.

    aftab_bestwisher110@hotmail.com
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ارمان۔۔۔

    [​IMG]

    اهو اتفاق چئجي ته 31 آگسٽ تي مون کي آفيس گهر ڏانهن ويندي گهڻي ٽريفڪ ڪري دير ٿي وئي رستي ۾ پوري عوامي آواز اخبار پڙهي ورتم۔۔۔ ادا آفتاب جي هن آرٽيڪل کي پڻ سرسري پڙهڻ جو اتفاق ٿيو نالي سان لکيل سندس ذات تي نظر پوندي توهان جي ياد اچي وئي سوچيم فون ڪري سندس بابت توهان کان پڇندس ۔۔۔ پر توهان جي واتان اهو ٻڌي ته ادا آفتاب توهان جو ڀاء آهي خوشي ٿي۔۔۔
    ادا آفتاب جي لفظن جي بيهڪ حقيقت جي سچائي بيان ڪرڻ جو انداز سٺو لڳو۔۔۔ کيس منهنجي طرفان سلام ۽ يا علي مدد چوندا۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت تي ڦيرو ڀرڻ جي دعوت ڏيندا۔۔۔ سندس لکيل خوبصورت لفظ سنڌ سلامت جي سونهن ۾ يقينن اضافو آڻيندا۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ارمان۔۔۔

    بلڪل ادا۔۔۔ مان کيس سنڌ سلامت جي باري ۾ تمام پهرين ٻڌايو آهي۔ ٿي سگهي ٿو سندس آءِ ڊي به گهڻن دوستن وانگر ٺهيل هجي پر پاڻ هت گهڻو فعال نه رهندو هجي۔۔ مان اوهان جا سلام کيس ضرور پڄائيندس۔۔۔ مهرباني
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ارمان۔۔۔

    تمام سٺو ليک آهي ادا منهنجا سلام به قبول اوهان جي برادرم لاءِ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو