مست
سينيئر رڪن
ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مون ڪاوش، ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ هڪ خبر پڙهي هئي، اها توهان سان ونڊ ڪرڻ پئي چاهي ته سنڌ سلامت بينڊوٿ جي مسئلن جي ڪري بند ٿي وئي۔۔۔۔
اڄ واندڪائي ملڻ بعد اها خبر توهان سان ونڊ ڪرڻ ٿو چاهيان ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪتا ۽ ٻيا جانور لاشن کي کائڻلڳا آهن۔ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ سان گڏ مانگر مڇ به لڙهي آيا آهن جيڪي اتان جي آباديءَ لاءِ خطري جو باعث بڻجي ويا آهن۔۔۔
اهڙي ئي هڪ خبر عوامي آواز اخبار جي 31 آگسٽ جي شماري مان اوهان سان ونڊ ڪجي ٿي۔۔۔
شڪارپور (عوامي آواز سيل) شڪارپور جي علائقي جونگل جو نوجوان محبوب پنهنجي پيرسن چاچي حاجي ۽ معذور سئوٽ غازي سان گڏ 8 ڏينهن پاڻي ۾ ڦاٿل رهيو. نوجوان محبوب جو چوڻ هو ته پاڻي اچڻ ڪري عورتن کي محفوط هنڌ موڪلي ڇڏيوهو. مان پاڻ رهجي ويس، پيرسن چاچي ۽ معذور سئوٽ کي ڇڏي ڪاڏي وڃان. فوجي هيلي ڪاپٽر کاتي پيتي واريون شيون اڇلائيندو هيو. هن چيو ته پاڻي وڏو ٿيڻ ڪري گيلن جي مدد سان ترندا هئاسين. هن ٻڌايو ته هڪ بيمار عورت اوتو کي وارث گهر ۾ ڇڏي هليا ويا. پاڻي کان بچڻ لاءِ ان جي گهر ڀرسان گذريس ته عورت جو لاش پيل هيو ۽ ڪُتا ان جو ماس پٽي رهيا هئا. مان به جيڪڏهن معذورن کي ڇڏي وڃان ها ته سندن حال به مسمات اوتو جهڙو ٿئي ها ۽ بعد ۾ ماڻهو طعنا ڏين ٿا ته معذورن کي موت جي منهن ۾ وجهي هليو آئين. محبوب جي چاچي 90 سالن جي حاجي جو چوڻ هو ته ڪڇ ۾ قرآن پاڪ هوندو هيو ۽ خدا تي توڪل هئي. ڪو آسرو ئي نه هيو ته ائين مدد ٿيندي ۽ اسان بچي وينداسين. محبوب جو چوڻ هو ته آخر ۾ مڪمل نااميد ٿي چڪا هئاسين ۽ لڳي رهيو هو ته پاڻي وڏو وهڪرو ڪنهن به وقت لوڙهي ويندو. ننڊ حرام هوندي هئي. پاڻي ۾ موت ترندي نظر ايندو هو. محبوب زميندار وٽ هاري آهي ۽ ان جي خاندان جي 40 ماڻهن جي باري ۾ اڃا ڪا خبر ناهي پر کيس اميد آهي ته ساڻن ضرور ملاقات ٿيندي.