جواب: مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 دوستو توهانجون ڪوششون ڏسي ڪري تمام وڏي خوشي محصوص ٿيندي آهي منهنجي توهانکي التجا آهي ته هميشه وانگر توهان ائين ئي بهترين شيئرنگ ڪندا رهندا ته جئين توهانجا ڀائر هن فورم جي ذريعي گهڻيون ڪجه شيئون حاصل ڪري سگهن ۽ انهن مان فائدا به وٺي سگهن اميد ته توهان پنهنجون ڪوششون جاري ۽ ساري رکندا ته همانگير سولنگي جي دل تمام خوش ٿيندي سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
جواب: مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 ادا همانگير سولنگي صاحب انشاء الله ڪوشش ڪندو رهندس ته اوهان ڀائرن سان اهڙيون ڪوششون جاري رکان۔
جواب: مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 ادا هي سپر ڪمپريس ٿيل آهي۔۔ هن کي جيتري دير ۾ ڊي ڪمپريس ڪجي ٿو اوتري دير ۾ ته 300 ايم بي جي فائل به ڊائونلوڊ ٿي وڃي۔۔۔۔ بهترين ڪوشش آهي مهرباني ادا۔۔
جواب: مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 ادا اهي سافٽ ته سيڊين ۾ به اچن ٿا پوءِ هت ونڊڻ جو ڪهڙو فائدو آهي سو ٻڌائيندا
جواب: مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 معاف ڪجو طاهر سنڌي صاحب۔ هر شئي جو پنهنجو فائدو آهي۔ اوهان کي اڄ ڇا ٻُڌايان ته مون کي هن لنڪ ڪيترو فائدو ڏنو؟ اتفاق سان منهنجا سڀ دوست موڪلن ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ويل آهن ۽ آئون به محرم جي موڪلن سبب گهر ويهي ڪمپيوٽر جا ڪم ڪار ويٺو اُڪلايان۔ پر اڄ جيئن ئي هڪ رسرچ پيپر تي ڪم ڪرڻ لاءِ فائل کولڻ جي ڪيم ته خبر پئي ته ايم ايس آفيس ته انسٽل ئي ناهي ٿيل۔ ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته www.ninite.com تان لاهيان پر لنڪ نه پئي هلي۔ محرم جي ڪري سچل ڳوٺ جا دُڪان بند آهن۔ هڪ دُڪان کليل آهي جنهن وٽ سي ڊي آهي ڪانه۔ پنهنجو سي ڊي ڪيس هڪ دوست وٽ آهي۔ جنهن ڪري مجبورن سنڌسلامت ڳوڙهي ڳولا ۾ وڃي هي هٿ ڪيم۔ سو ادا ايئن ڪنهن جي ونڊ تي کيس دلبرداشته نه ڪيو۔