سنڌ سلامت جي پياري ميمبر هر دلعزيز ادا ممتاز علي وگهيو کي 500 موضوعن جي تڪميل تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي۔۔
![]()
اسان جو هي دوست بهترين پيارو ناليج ايبل شخصيت آهي انهن جون تحريرون تمام بهترين هونديون آهن جيئن ته اسان جي دوست مست انهن کي 500 موضوع پورا ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي۔
منهنجي طرفان به توهان کي اڻ کٽ مبارڪ باد۔
بيشڪ ادو ممتاز مبارڪ جو ئي نه پر هارن پارائڻ جو مستحق آهي ۔۔۔ ممتاز وگهيو هڪ قومپرست، سلڇڻو ۽ سلجهيل دوست آهي، هن اوطاق لئه ڪيل سندس خدمتون يادگار آهن، ۽ جيڪڏهن هن اوطاق پاران ڪنهن دوست کي تمغه امتياز ڏيڻو هجي ته منهنجو ووٽ ادي ممتاز کي ملندو ۔۔۔
رب کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار عطا ڪري ۽ سنڌ سلامت سان هميشه سلاهڙيل رهي ۔۔۔ آمين
ادا ممتاز علي وگهيو توهانکي 500 موضوع مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا
توهانجي هر تحرير علم واري هوندي آهي، جنهن مان ڪجه نه ڪجهه سکڻ جي لا ملندو آهي
اميد ته ائين ئي پنهنجي ڪوششن سان هن اڱڻ کي پنهنجي تحريرن سان چار چنڊ لڳائيندا۔۔۔
![]()
هي گل جو تحفو منهنجي طرفان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
![]()
ادا اوهان کي منهنجي طرفان به واڌايون
ممتاز صاحب هن فقير طرفان به توهان کي واڌايون هجن
الله توهان کي وڏي حياتي ، دين ايمان جي قوت عطا فرمائي
سدائين گڏ
ممتاز واقعي هن اڱڻ جو ممتاز رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز جون ممتاز تحريرون اصل دوستن کي به ممتاز ڪري ڇڏينديون آهن۔۔۔
ممتاز دوست کي هن ممتازي تي مون پاران به لکين لکين واڌايون قبول پون
واه ادا ممتاز واه تمام بهترين اسان جي طرفان ب لک لک مبارڪون.
ڪا سنڌي ليجنڊ شخصيت هجي يا وري ڪا سنڌي وسندي۔۔۔۔ ڪو موضوع هجي يا ڪا تحرير ادا ممتاز هميشه لاجواب ڪم ڪندي جامع تحرير موڪلي آهي۔۔۔ سندس هر تحرير سنڌ سلامت جي فيس بوڪ پيج تي لڳائڻ لاءِ دل چوندي آهي۔۔۔
سندس تحرير ۾ لطيف جا بيت ۽ سمجهاڻي ۾ وضاحت واضح هوندي آهي۔۔۔۔ دعا آهي ته کيس مليل ڏات ڪڏهن گهٽ نه ٿئي۔۔۔۔