• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن


1984.jpg


2180244772_4d8246ae8a_o.jpg


monkey-thief.jpg


ڪجهه ڏينهن اڳ اخبار ۾ هڪ دلچسپ خبر پڙهي ته آفريقا ۾ هڪ منفرد چورن جو ٽولو سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن جي پهرين ته ماڻهن کي خبر نه پئي پئي، پر جڏهن خبر پئي تڏهن به ماڻهو انهن جي خلاف ڪيس داخل نه پيا ڪرائي سگهن، ڳالهه ئي اهڙي آهي، ڇو ته دنيا ۾ ڪاٿي به جانورن تي ڪيس داخل نه ٿو ڪري سگهجي۔ جي ها اهي ڦورو ٻيا ڪير نه آهن پر باندر يعني ڀولا ۽ ڀولڙيون آهن۔۔۔۔۔ اهي چور ڪنهن به گهر جي دري شل نه کليل ڏسن، چوري ڪرڻ‌لاءِ اندر هليا ويندا۔۔ ۽‌جهٽ ۾ شيون کڻي گم ٿي ويندا۔ شايد انڊيا جي ڀولن جي باري ۾ مون هڪ اهڙي وڊيو به ڏٺي هئي جتي ڀولا عام عوام کي تنگ ڪندا رهن ٿا پر انهن ڀولن کي ڪير چئي ڪجهه ڪونه ٿو سگهي، ڇو ته انهن ڀولن کي هنومان ديوتا سان نسبت ڏيڻ‌جي ڪري هو سندن ڏاڍي عزت ڪن ٿا۔۔۔

خير اهي ته هئا چور ۔۔۔ پر هيٺ ڏنل تصوير ۾ ڀولا ٿي ويا آهن۔۔ سينا زور۔۔۔ ڦورو۔۔۔

dxdxuc.jpg

۔
 
جواب: اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

ابا مست انهيءَ قوم سان پڄڻ پنهنجي وس ۾ ناهي ۔۔۔ ڏاڍا زورآور آهن ۔۔۔ ڦڙتي به اهڙي جو هڪدم پٺي ڏئي ۔۔۔ ڳاڙهي ڏيکاري وٺي ڀڄندا ۔۔۔ الائجي ڪيئن هندو کين پوڄا ڪندا آهن؟
 
جواب: اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

ادا ڇڏيو انهن کي هاڻ اسان کي انهن ڦورن کان نجات وارو رستو ڏيو جيڪي اهڙي ڏکيي ۽ سيلاب جي تڪليفن ۾ جڪڙيل عوام جو گهر ۾ نه هجڻ جو فائدو وٺي سڀ ڪجهه ٻهاريو ويٺا آهن
 
جواب: اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

ادا ڇڏيو انهن کي هاڻ اسان کي انهن ڦورن کان نجات وارو رستو ڏيو جيڪي اهڙي ڏکيي ۽ سيلاب جي تڪليفن ۾ جڪڙيل عوام جو گهر ۾ نه هجڻ جو فائدو وٺي سڀ ڪجهه ٻهاريو ويٺا آهن

ادا اهي ڦورو جن جي توهان ڳالهه ڪيو ٿا، اهي وري انهن ڦورن جا ڇڏيل ڇاڙتا اٿوَ، جيڪي اسان جي پنهنجي عملن (۽‌ ووٽن) جي ڪري اسان جي سر تي سوار ٿي ويا آهن۔۔
 
جواب: اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

هي چورن تي لانت آهي ته توهان جهڙو ڪم ته ڀولا به ڪري سگهن ٿا
 
جواب: اهڙن ڦورن کي ڇا ڪجي۔۔؟

ادا اهي ڦورو جن جي توهان ڳالهه ڪيو ٿا، اهي وري انهن ڦورن جا ڇڏيل ڇاڙتا اٿوَ، جيڪي اسان جي پنهنجي عملن (۽‌ ووٽن) جي ڪري اسان جي سر تي سوار ٿي ويا آهن۔۔

مونکي ادا ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ هڪ وڏي انقلاب طرف وڌي رهي آهي
آهي هڪ خوني انقلاب
پر آهي سنڌ جي مفاد ۾
هي منهنجو خيال آهي
 
Back
Top