• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقير جو سچ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
فقير : بابلا الله جي نالي ڏهه رپيا ڏي۔۔۔۔
ماڻهو: ڇو ڀلا ڇا ڪندين ڏهه رپين کي۔۔؟
فقير: بابلا چانهه پيئندس۔۔
ماڻهو: فقير سائين ڪوپ ته پنج رپيا آهي۔۔۔
فقير: بابلا پنهنجي گرل فرينڊ کي به پياريندس۔۔
ماڻهو: هل ڙي فقير تنهنجي لئه۔۔ تنهنجي به گرل فرينڊ‌ آهي۔۔۔
فقير: بابلا! انهيءَ گرل فرينڊ ئي ته فقيري جي حال ۾ پهچائي فقير بڻايو آهي۔۔

Best+Custoer.jpg


 
جواب: فقير جو سچ۔۔۔

ڀلا اها گرل فرينڊ پٺي ڏئي ته نه ويٺي آهي ۔۔۔ فقير سائين! ڏسو ٿا مست به ٿا فقيرن تي الرون ڪن ۔۔۔ پاڻ ڄاڻو

باقي ڳالهه سچ آهي چوندا آهن ته عشق چڙهيو آ ڳاٽي ۔۔۔۔۔ ٿي ڦاٽي ۔۔۔ سو پناه اهڙي عشق کان جو پنڻ جهڙو ڪري وجهي ۔۔۔ مون به ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي پنهنجي گرل فرينڊ کي گفٽ ڏيڻ لئه ٻن ٽن جائن تان پئسن جي خيرات ورتي هئي ۔۔۔ انڪري احتياط ڪيو وڃي ۔۔۔

عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو ۔۔۔
 
جواب: فقير جو سچ۔۔۔

سائين اصل ڏاڍي ڪئي آهي مست ،
مست وتي ٿو لڪيل ڳالهيون ظاهر ڪندو ٻيلي ڏاهو ٿئي

سائين نثار ابڙا صاحب مست ڪري ته ڏاڍي ويو آهي پر ڪا ڳالهه ناهي ايندو واري ۾ .


سدائين گڏ
 
جواب: فقير جو سچ۔۔۔

فقير سائين بچي رهجان۔۔۔۔ مست اڳيان به مست اٿي۔۔۔ اگر جي ڏنڊو گهمايائين ته سمجهي سگهين ٿو ته ڇا ٿو ٿي سگهي۔۔۔۔۔۔
 
جواب: فقير جو سچ۔۔۔

ڀلا اها گرل فرينڊ پٺي ڏئي ته نه ويٺي آهي ۔۔۔ فقير سائين! ڏسو ٿا مست به ٿا فقيرن تي الرون ڪن ۔۔۔ پاڻ ڄاڻو

باقي ڳالهه سچ آهي چوندا آهن ته عشق چڙهيو آ ڳاٽي ۔۔۔۔۔ ٿي ڦاٽي ۔۔۔ سو پناه اهڙي عشق کان جو پنڻ جهڙو ڪري وجهي ۔۔۔ مون به ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي پنهنجي گرل فرينڊ کي گفٽ ڏيڻ لئه ٻن ٽن جائن تان پئسن جي خيرات ورتي هئي ۔۔۔ انڪري احتياط ڪيو وڃي ۔۔۔

عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو ۔۔۔

هتي ته هرڪو ڦٽيل آهي۔۔۔۔ ڏوهه رڳو مون وري فقير کي پئي ڏنو۔۔ ها ها ها
 
Back
Top