تمام بهترين ڊزائين ڪئي وئي آهي فورم جي آءُ ٻوڏ کان پوءِ اڄ سٺي ريت فورم کي ڏٺو آهي جنهن لاءِ انتظاميه کي منهنجي طرفان واڌايون قبول پون
جواب: انتظاميه کي واڌايون ادا طاهر۔۔۔ هي ڊزائين ماههِ رمضان جي پهرين رات کان وٺي فورم تي جرڪي پئي۔۔۔ توهان دير سان ڏٺي آهي۔۔ ڀلا ڏيو خبر توهان جي ڳوٺ جو ته بچاءُ ٿي ويو نه ٻوڏ ۾۔۔؟
جواب: انتظاميه کي واڌايون ادا سر ڪڍي نڪتا سون باقي ته ڳوٺ ۽ گهر ويو تباه ٿي دعا ڪيو الله وري ڳوٺ ٺاهڻ جي همت ڏئي
جواب: انتظاميه کي واڌايون شڪر آهي ڪجهه شهرن ڏي ته خير آهي باقي ته ڪو ڳوٺ يا شهر نه ڇڏيو اٿس جنهن کي ٽچ نه ڪيو هجيس انتظاميه جنهن علاقي کي بچائڻ گهريو الله جو فيصلو ان جي ابتڙ ٿيو
جواب: انتظاميه کي واڌايون ادا هي سنڌ جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ آهي۔۔ سائين ادريس راجپوت چواڻي ” سنڌ جو اتر ۽ لاڙ ويو تباهه ٿي باقي صرف وچ وڃي بچيو۔۔“ سو ڳالهه آهي اها۔۔۔ هڪ دوست سان ٻوڏ متعلق بحث پئي هليو، ان هڪ ڳالهه واهه جي چئي ته يار اسان جي سنڌ کي ٻوڏ جي پاڻيءَنه پر آبپاشي کاتي لوڙهيو آهي۔۔۔
جواب: انتظاميه کي واڌايون بس ادا هاڻ اڳتي الله آساني ڪري جلد ٻوڏ متاثرن جي بحالي ٿيڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو دل هاري ويهن
جواب: انتظاميه کي واڌايون ادا هي جيڪو هڪ مهيني جي اندر نقصان ٿيو آهي ان جو ته هاڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پورائو نه ٿو ڪري سگهجي۔ خاص ڪري اهڙي حڪومت هوندي