اسان تي اک آسمانن جي ڏڪاريل زمينن جي آباد ٿيڻ جي لاءِ برسات جون دعائون گهرندڙ ماڻهن جي دعائن رنگ لاتو ۽ برساتين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو. برسات بوندن سان پاڻيءَ جي سِڪايل آبادگارن جي دلين ۾ هڪ نئون بهار اچي ويو ۽ کين سندن پوک جو مستقبل بهتر ٿيندي نظر اچي رهيو هيو، پر چوندا آهن ته غريب جا ڀاڳ به غريب. اڃان برسات جون خوشيون ملهائندڙ سنڌ جي آبادگارن جي منهن تي مرڪون باقي هيون ته ڏسندي ئي ڏسندي اهو برسات جو پاڻي رحمت مان ذهمت بڻجڻ لڳو. پهريان کان پاڻيءَ جي کوٽ سبب ستايل ڳوٺاڻن برسات کانپو۽ جڏهن ٿورو سک جو ساهه کنيو هيو انهن کي اها خبر نه هئي ته مٿن ڏکن ۽ تڪليفن جا پهاڙ ٽٽڻ وارا هئا واهن ۽ دريائن ۾ وڌندڙ پاڻيءَ کي ڏسي بس پو۽ اهي ڳوٺاڻا درياءَ جي بند ڏانهن هر هر واجهائيندي سِرَ جي سلامتيءَ جون دعائون گهري رهيا هئا ته اي مالــڪ ان بند جي حفاظت ڪجائن... پر شايد زماني جي رنگينين ۾ گم ٿي اسان پنهنجي پالڻهار کان ايترو پري ٿي ويا هئا سين جو اسان جو مالڪ اسانجي ڪڌن ڪمن جي ڪري اسان کان ناراض ٿي چڪو هيو (والله اعلم). اڃان گهر جو هر ڀاتي سلامت هيو ۽ ٻارڙا خوشيءَ منجهان راند رلي رهيا هئا، ڳوٺاڻن کي به ڪجهه دلاسا هيا ڇو ته حڪومت ان ڳوٺ جي حصي ۾ ايندڙ بند کي مضبوط چئي ان علائقي کي محفوظ قرار ڏنو هيو. حالت بهتر ئي هيا ته ڪنهن ڊوڙندي اچي ٻڌايو ته اڳئين ڳوٺ جي وڏيري سندن ٻڏڻ جي خوف کان سامهون واري بند کي گهارو هنيو آهي. پاڻيءَ جي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ جي خبر تي سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ هر ماڻهون پنهنجي اجهي بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو پر پاڻي جي رفتار ۽ وڌندڙ وهڪرو سندس هر ڪوشس کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ پاڻي گهرن اندر ڪاهي پيو. چڪاس دوران محفوظ قرار ڏنل بند وٽ حفاظتي عملي کي مقرر ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي هئي. ڳوٺ جو پري هئڻ ۽ مواصلاتي نظام متاثر ٿيڻ سبب انتظاميه کي صورتحال کان آگاهي نه ملي سگهي. وقت سر حفاظتي اپاءَ نه هئڻ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا ان ٻوڏ جي ويري وهڪري ۾ لڙهي ويا. جيسين انتظاميه تائين اطلاع پهتو تيسيتائين ڪيتريون ئي جهوليون اجڙي چڪيون هيون. ڪيترا ئي ٻار يتيم ٿي چڪا هئا. اجهن جي حفاظت ۾ رڌل اهي ڳوٺاڻا جيڪي همٿ نه هاريندي مسلسل پنهنجي ڪوششون ڪري رهيا هئا ته شال سندن اجهو بچي پئي. وڌندڙ پاڻي ۽ ٻچڙن جي حياتن کين اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ جان آ ته جهان واري چوڻي جي پيروي ڪندي نڪري پيا ۽ سندن دلين مان مسلسل ان بي رحم وڏيري جي لاءِ پِٽون ۽ پاراتا نڪري رهيا هئا. پنهنجي ۽ ٻچڙن جي جان بچائڻ جي لاءِ انهن ڳوٺاڻن کي اتي موجود ڪيترائي فٽ پاڻيءَ جو پيٽ چيري نڪرڻو هيو نوجوان مرد ۽ عورتون هڏن ۾ صلاحيت هئڻ سبب پاڻيءَ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر معصوم ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن جي لا۽ اها موت ۽ زندگيءَ جي جنگ کٽڻ ناممڪن ٿي پئي. پنهنجي حويليءَ جي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ سڪون جي ننڊ ستل وهشي وڏيري کي شايد اهو احساس نه ٿيو ته صرف پنهنجون زمينون بچائڻ جي لالچ ۾ هن ڪيترين ئي معصوم ۽ بي گناه حياتين کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هيو. ۽ سڀ ڪجهه برباد ٿيڻ کانپوءِ ان گهاري جي خبر انتظاميه تائين پهچائي ٿو. جنهن کانپوءِ ڦاٿل ڳوٺاڻن کي محفوظ مقامن تي نيو وڃي ٿو. جتي ماشاءَ الله اسانجي ميڊيا وارا پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ساري لوڪ کي متاثرين جي حالتن باري ۾ آگاهي ته ڏين ٿا پر انهن جي سوال پڇڻ جو انداز ڪجهه عجيب آهي ته: اوهانجي جيڪا تباهي ٿي آهي ڇا اوهانجو ڪجهه بچيو آهي ۽ حڪومت اوترو اوهانکي ڏنو آهي؟ جان آ ته جهان جي چوڻيءَ تي عمل ڪندي نڪتل ڳوٺاڻا جن کان سندن تباه ٿيندڙ ڪيترائي سال پراڻا اجها نه وسريا هئا. انهن جي دلين مان درد ڀريون داهون نڪرن ٿيون ته اسان جو ڪجه به نه بچيو آهي ۽ نه ئي مليو آهي، صرف هڪ جهوپڙي ، پاڻي ۽ ويلي تي چانور ملن پيا پر اسانجي اجهن جا سک برباد ٿي ويا اسانکي اجها ڏيو يا انهن کي وري آباد ڪرڻ جي رقم ڏيو. ميڊيا وارن دوستن کي اها گذارش آهي ته تباهه ٿيل علائقن مان پهريان پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو عمل هوندو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1 سال جو عرصو لڳي سگهي ٿو جيڪڏهن زمين صحيح طرح سان سڪل نه هوندي ته ان تي اڏيل جيڪي گهر اڏيا ويندا اهي گهڻو وقت نه هلي سگهندا ۽ وري برسات جي موسم ۾ خطرناڪ پڻ هوندا. جيڪڏهن متاثرن کي خيمن ۾ حڪومت، عوام ۽ ٻين سماجي تنظيمن پاران کاڌ خوراڪ جو سامان ملي پيو ته کين تباه ٿيل اجهن جي ياد ڏياري انهن جي زخمن تي لوڻ نه ٻرڪيو وڃي. انجي سمجهاڻي هڪ تمام دلير ۽ بلند حوصلي ماڻهونءَ ڏنو جنهن جو سيلاب جي وجهه سان سڀ ڪجهه ٻڏي ويو هيو گهر تباه ٿي ويو هيو ڪنهن ميڊيا واري دوست کانئس سوال پڇيو ته اوهانکي بچائڻ جي لا۽ ڪجهه ڪيو. ته هن جو جواب هيئن هيو ته اسانجو ڳوٺ پري هئڻ ڪري ڪو ذريعو نه هيو جنهن سان انتظاميه تائين اسان جو حال پهچي، باقي اسان ڪنهن تي به تنقيد نه ڪنداسين ڇوته هي قدرتي آفت آهي جنهن جو ذڪر الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ پڻ ڪيو آهي. اسانکي هن سيلاب کي پنهنجي گناهن ۽ الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ جي سزا سمجهڻ گهرجي. ۽ الله تعاليٰ جي عذاب کان ڪابه حڪومت ڇا پر دنيا وڏي ۾ وڏي طاقت به ڪنهن کي بچائي نه ٿي سگهي. هي وقت تنقيد جو نه پر سڀني کي گڏجي متاثرين جا سور ونڊڻ جو آهي. ته مالڪ اسانکي جلد هن ڏکي وقت مان ڇوٽڪارو ڏياري (آمين) (عمران درويش سومرو) I_darvesh@yahoo.com
جواب: آرٽيڪل ڪالم درويش ڀاءُ۔۔۔۔ بهترين ليک آهي۔۔ پر ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو۔۔۔ اسان جي اڳواڻن ، وڏيرن، ڪامورن ۽ سياسي ليڊرن ٻوڏ دوران ڪجهه ڪيو جو هاڻي ٻوڏ کان پوءِ وارا يعني postflood اپاءُ وٺندا۔۔؟ حڪومت ڪهڙا انتظام ڪندي۔۔؟ ڪجهه آسرو نه آهي، هڪ خبر پڙهيم ته ان جو تت مان هتي ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي ته ” ٻوڏ نه پر اميرن غريبن کي لوڙهيو آهي۔۔“
جواب: آرٽيڪل ڪالم ادا مست عوام ته بک وگهي موت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، واڳيل راهن مان رڳو الزام بازي، لٺ بازي ۽ انتظار جا ئي آسرا ملي رهيا آهن، جن کان پنهجا پتڪڙن هٿڙن وارا لخت جگر کسجي ويا تن کي امداد جي آسرو نه آهي، هو رڳو ان جهولي جي ڳولا ۾ آهن جنهن ۾ هو پنهنجن آلن نيڻ مان دل سان ٻه لڙڪ وهائي سگهن، هنن کي ڪنهن به پلاٽ جي ضرورت نه آهي، هو ڪنهن به مستقل رهائش جا طلبگار نه آهن، وس وارن کان رڳو ٻن لڙڪن جي وهائڻ لاءِ پَلَوَ جو پانڌ گهرن ٿا۔۔۔۔۔ مٿي ڏنل ليک ۾ ڪٿي امداد جي سلسلي جو ذڪر نه ڪيو آهي۔ جيڪڏهن ان سلسي تي اچبو ته ليک تمام وڏو ٿي وڃي ها۔ امداد جي حوالي سان اسان جو دوست حفظ الله ڪاڪا هڪ نئون موضوع ونڊيندو جنهن متاثرين سان ڪيمپن ۾ ٿيندڙ ورتا جي عڪاسي ڪئي اٿس۔
جواب: آرٽيڪل ڪالم ادا درويش.......بهترين ليک آهي اوهان جو...باقي حڪومت ۾ ڪوبه آسرونه ڪن غريب. ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
جواب: آرٽيڪل ڪالم ادا اهڙي ڳالهه نـــــــــــــــه آهي.. ادا مطيع الله ميمڻ سنڌ سلامت جو رڪن اڄ ٿيو آهي..
جواب: آرٽيڪل ڪالم ادا مطيع الله ميمڻ يار معاف ڪجو مون سمجهيو ته اهي ڪمينٽس عاشق سولنگي جا آهن۔ اوهان کي هن اڱڻ تي اچڻ تي دل گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو اميد ته اوهان هن محبت جي سٿ ۾ پنهنجو ڪرادار سنڏ سان پيار ۽ سنڌيت جي پرچار جي مشن ۾ ادا ڪندا۔۔ منهنجي تحرير تي حوصله افضائي جا ڪمينٽس ڏيڻ جي مهر باني۔۔ ادا مست تصحيح ڪرائڻ جي مهرباني، ^^