المنصوره تاريخ جي آئيني ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سنڌ ۾ حضرت محمد بن قاسم کان پوءِ عربن جي شھر ٻڌايا يا وسايا، انهن ۾ ”المنصوره“ شهر سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ اعلى هو. حضرت عمر بن عبدالعزيز، مشهور اموي خليفي 102ھ : 720ع ۾ وفات ڪئي. ان جي وفات جي چئن سالن بعد، هشام بن عبدالمالڪ هڪ جنيد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن جي سنڌين، جئسنگھ ولد راجا ڏاهر جي سرڪردگيءَ هيٺ، سخت مخالفت ڪئي. جنيد جي جاءِ تي هڪ ٻيو گورنر مقرر ڪيو ويو، پر هو هڪ سال اندر فوت ٿي ويو، ان بعد گورنريءَ جو سھرو هڪ جبري شخصيت، حڪم بن عوان جي سر تي رکيو ويو، جنهن جو سڄو هٿ محمد بن قاسم جو فرزند عامر هو. مسلمانن جي انتظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪم پهريائين راڄڌاني اروڙ مان ڦيرائي نئين وسايل شھر، المحفوظه، ۾ قائم ڪئي. هن شھر جا گم ٿيل ميساريل آثار موجوده برهمڻ آباد جي ڀِري جي مشرق طرف، ٻن ميلن تي واقع چيا وڃن ٿا. ان بعد عامر بن محمد بن قاسم، مھراڻ جي الهندي طرف، جو موجوده برهمڻ آباد کان پڻ ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو، هڪ شھر ٻڌو، جنهن جو سڀاڳو نالو ”المنصوره“ يعني ”مقامِ فتح“ رکيو ويو. هي سمو 121ھ : 738ع کان اڳ جو آهي، جو حڪم جي وفات 738ع ۾ ڏيکاري وئي آهي. المنصوره پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو، ۽ نديءَ جي هڪ شاخ سان گھيريل هو. اهڙيءَ طرح المنصوره سنڌ جھڙيءَ وڏيءَ سلطنت جي گاديءَ جي لائق هو، جو قدرتي خواھ ٻيءَ طرح نھايت مضبوط ۽ جڪڙيل هو. اسلامي سلطنت جي 3 صدي هجريءَ يا 9 صدي عيسويءَ ۾ مکيه مرڪزي شهر هو، ڇوته بحري خواه بري ذريعي ٻين اسلامي ملڪن سان گھاٽو تعلق هوس. سڀني عرب سياحن، مورخن ۽ جغرافيه نويسن مطابق منصوره کي چار دروازا هئا: باب ملتان اتر طرف، باب توران اولھ طرف، باب البحر اولھ ڏکڻ طرف ۽ باب سندان اوڀر ڏکڻ طرف. مسعوديءَ جي لکئي مطابق منصوره جي حاڪم جي هٿ هيٺ ٽي لک ڳوٺ هئا. وڌيڪ لکي ٿو ته ”آباديءَ، خوشحاليءَ ۽ عشرت ۾ منصوره بيمثال هو، ۽ ڳوٺ ۽ باغ پاڻ ۾ گڏوگڏ واقعي هئا.“ اچو هاڻي منصوره جي معاشري جو تمدني طرح جائزو وٺون. ”احسن التقاسيم“ ۾ آيل آهي ته ”هن شهر جا باشندا ڏاڍا ذهين هئا. ڏاڍا ميل جول رکڻ وارا هئا، ۽ کين اسلام لاءِ وڏي عزت هئي. هي واپار ۽ علم جو وڏو مرڪز هو. مينهون ڏاڍيون متاريون هيون. سنڌ نديءَ مان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا. گرميءَ تمام گھڻي ۽ مڇر به جھجھا هئا. ابن حوقل جي لکئي مطابق، ”منصوره ۾ ماڻهن جي پوشاڪ عراقين جھڙي هئي، پر امير مقامي راجائن وانگر وڏا چوغا پهريندا هئا. راجائون وڏا وار رکندا هئا ۽ ڪنن ۾ واليون پائيندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته عرب سنڌين جون مقامي رسمون به ادا ڪندا هئا. بزرگ بن شھريار جي لکئي مطابق، منصوره ۾ سنڌي ٻولي عام طرح ڳالھائي ويندي هئي. حاڪم ۽ وڏا آفيسر عربي ۽ سنڌيءَ مان واقف هئا. جيتوڻيڪ منصوره ۾ سندن سڪو هو، پر قنڌاري ۽ تاتري سڪا به واپار کي آسان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. منصوره وارن جو واپار اتر ـــ اوڀر ڪشمير وارن سان، اترـــ اولھ قنڌار وارن سان، هندستان جي ساحلي ملڪن سان، جاوا، سوماترا ۽ چين سوڌو هلندو هو. اولھ کان عربستان، خصوصن عراق سان هلندو هو. عرب جغرافيه نويسن جي لکيت مطابق، منصوره ٻيٽ هو. هي ٻيٽ ۽ سرسبز شھر، ڪمال جي چوٽيءَ تان ڪري وڃي زوال جي تري ۾ پيو آهي. سنڌي جھونا تاريخي شهر مهراڻ جي ڪناري تي ٻڌا ويندا هئا، ۽ انه جي شادابيءَ ۽ آباديءَ جو دارومدار مهراڻ جي موج تي هوندو هو. پر سنڌو ندي ڏاڍي پورالي ثابت ٿي آهي، ان جي ڦرندڙ گھرندڙ وهڪرن ڪيترن شهرن جو نالو دنيا جي نقشي تان ميساري ڇڏيو. برهمڻ آباد جي اڀرندي طرف جا ڍنڍ حلوائي هئي، سا جڏهن مهراڻ ندي ڦُٽي گول شاخ ٿي، ته ان بعد سڪي وئي. ٻيو ته جاگرافيءَ جي ڄاڻن مطابق، جا شاخ منصوره ڏانهن آئي، ان کي گول موڙ هو؛ نديءَ جي لاهن چاڙهن ۾ سلٽ ڄمڻ بعد، اها شاخ ويئي سڌي ٿيندي، تان جو شهر جي نزديڪيءَ کان دور ٿيندي ويئي. ملاح ۽ واپاري خواھ ٻيو آدم، جن جو گذارو پاڻيءَ ۽ واپار تي هو، سي ويا لڏيندا، تان جو ايڏو عظيم شھر وڃي پٽ ڪريو. هاڻي اهو دڙن جي ڏيکاري ڏئي پيو ۽ فاني دنيا جي زوال پذير نقشي جي ترجماني ڪري ٿو. بشڪريه وائيس آف سنڌ