سنڌ جي تاريخ، مولائي شيدائي ۽ اسين سنڌ جي تاريخ تي جيترو به ڪم ٿيو آهي اُن ۾ مولائي شيدائي جو ڪم اهم جاءِ والاري ٿو. گهٽ تعليم، سهولتن ۽ وسيلن جي کوٽ جي باوجود هن اعليٰ درجي جو تحقيقي ڪم ڪيو، تنهن ڪري سندس اُن تاريخي ڪم تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽوريٽ جي اعزازي سند ڏيڻ گهرجي." ٽيون ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ليجنڊ ليکڪ امر جليل "ادب ۽ سياست" تي ليڪچر جي پڄاڻي تي سنڌ يونيورسٽي اختيارين جي سامهون اها رٿ رکي، جيڪا يقينن بهترين رٿ آهي جنهن تي عمل ٿيڻ سان رڳو امر جليل کي ئي نه پر سنڌ جي سڀني عالمن، اديبن ۽ اهل علم حلقن کي سرهائي ٿيندي. هونئن ته نيڪ نيتي سان ڪيل ننڍڙو ڪم به پنهنجي جاءِ تي تمام وڏي اهميت وارو هوندو آهي پر جيڪو ڪم رحيمداد خان مولائي شيدائي ڪيو آهي اهو قابل فخر ۽ مثالي آهي. سندس وڏو ڪارنامو اهو آهي جو هن تاريخ کي بادشاهن ۽ درٻارن جي چوڌاري ڦيرائڻ بجاءِ پنهنجي تحقيق سان تاريخ لاءِ عوامي پهلوءَ کي اجاگر ڪيو. هن مختلف دورن جي اقتصادي، تهذيبي، معاشرتي ۽ علمي ادبي حالتن تي به سٺي طرح روشني وڌي. امرجليل مولائي شيدائي جو ذڪر ڪندي چيو ته "جيتوڻيڪ مولائي گهٽ پڙهيل هو پر هـُن جي ڪم جو انداز عالماڻو هو. هن به پنهنجي تحقيق ۾ پي ايڇ ڊي محققن جيان ئي حوالا ڏنا آهن.” مولائي شيدائي جو سمورو ڪم اکين تي رکڻ جهڙو آهي پر "جنت السنڌ" بيحد مقبوليت ماڻي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو هو اُن کانپوءِ اُن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿيا. جنت السنڌ جي ديباچي ۾ مولائي شيدائي لکيو آهي ته "منهنجو گهڻي عرصي کان "تاريخ سنڌ” لکڻ جو ارادو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون جيڪي به تاريخون آهن، اول ته اُنهن ۾ حوالا ڏنل ڪين آهن، وري جن ۾ ڏنل آهن سي مبهم نموني ڏنل آهن، نه سنڌ جي جاگرافي متعلق بيان ڏنل آهي، نه سنڌ جي تجارتي، صنعتي، اقتصادي حالتن متعلق ڪجهه بيان ڏنل آهن. فقط خشڪ سياسي بيان ڏنل آهن، بعض بيان قياسي ۽ ڪي افسانن وانگر آهن. اهڙين خامين ۽ غلطين کي مٽائڻ ۽ وطن ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي ارادي سان مون سنڌ جي مفصل تاريخ جو هي نسخو تيار ڪيو آهي." مولائي شيدائي جو اصل نالو مير رحيم داد بروهي هو. هو 1834ع ۾ ڪوٽڙي ۾ پئدا ٿيو، جڏهن ته سندس وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي پوءِ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ريلوي ۾ گارڊ جي نوڪري ملڻ کانپوءِ رحيم داد سکر ۾ وڃي رهيو ۽ آخري وقت تائين سکر ۾ ئي زندگي گذاريائين ۽ 12 فيبروري 1978ع تي بئراج ڪالوني سکر ۾ وفات ڪيائين. مولائي شيدائي پنهنجي سڄي حياتي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪندي گذاري، سندس شايع ٿيل ڪم ۾ جنت السنڌ، تاريخ تمدن سنڌ، مختصر تاريخ بلوچستان، سنڌ جا پراڻا شهر، تاريخ سکر، پيغام نوح، سکر جا هندو مسلم بزرگ، اردو ۾ تاريخ قلات، سرزمين بلوچ ۽ مهدوي تحريڪ شامل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيل خزاني ۾ اقاليم اسلام (ٽن جلدن ۽ لڳ ڀڳ ساڍن چار هزار صفحن تي مشتمل آهي) سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ (جنهن ۾ هٿ سان ٺاهيل نقشن جو ڪم به شامل آهي) مئخانه شيدائي (خطن تي مشتمل)، مقالاتِ شيدائي ٽي جلد، سنڌ جا بلوچ قبيلا، تاريخ تصوف، صبح مشرق (ترجمو)، تاريخ ترڪستان (جيڪو سندس حياتي ۾ ئي چورائجي ويو هو) شامل آهن. سچ پچ ته آءٌ حيران آهيان! هڪڙي اڪيلي مسڪين ماڻهو تاريخ جهڙي انتهائي موضوع تي ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي. ايترو ڪم شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي. حقيقت ۾ اهو ڪم ادارن جو آهي. اسان وٽ ادارا به موجود آهن پر خبر ناهي ته ڇو اهڙو ڪم نه ٿو ٿئي. مولائي شيدائي سنڌ جو سچو عاشق هو، تنهنڪري ئي هـُـن لاءِ غير معمولي خدمت سرانجام ڏيڻ ممڪن بڻجي سگهيو نه ته اسان جا اڻ ڳڻيا عالم تمام گهڻيون سهولتون هوندي به اُن سطح جو ڪم نه پيا ڪن. اڄ لئبريريون موجود آهن، تحقيق لاءِ تمام گهڻو مواد آهي، وڏي ڳالهه ته انٽرنيٽ موجود آهن پر معياري تحقيق اوتري ۽ اُن انداز سان نه پئي ٿئي جيتري ٿيڻ گهرجي. مولائي شيدائي واري زماني ۾ اهڙيون سهولتون ميسر هـُـجن ها ته خبر ناهي ته هو ڇا ڪري ها!؟ هن جيڪو علمي خزانو ڇڏيو آهي اهو اڄ جي جديد دؤر ۾ به اهميت جو حامل آهي. سلام آهي مولائي شيدائي کي جنهن سچ پچ ته پاڻ کي سنڌ جو عظيم سپوت ثابت ڪيو. مولائي جي ڪم کي ڏسي جتي فخر محسوس ٿئي ٿو اُتي اهي سوال به اُڀرن ٿا ته مولائي شيدائي کي موٽ ۾ اسين ڇا ڏئي سگهيا آهيون؟ ۽ اڄ اسان وٽ اهڙا ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ اهڙو ڪم ڪري رهيا آهن؟ انهن سوالن جا جواب اطمينان بخش آهن ته ٺيڪ آ پر جيڪڏهن ائين ناهي ته اسان سڀني کي گڏجي اُن جا بنيادي سبب ڳولهڻ گهرجن. اسان وٽ عالمن جي کوٽ ڪونهي ۽ نه ئي ادارن ۽ سهوليتن جي کوٽ آهي باوجود اُن جي اهڙا ڪيترا پي ايڇ ڊي اسڪالر آهن جيڪي پنهنجن سبجيڪٽن ۾ غير معمولي تحقيق ڪري قومي ليول تي پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟ پوري دنيا ۾ جيڪو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندو آهي. وڌيڪ سينئر ٿيندو آهي ۽ وڌيڪ تحقيق ڪندو آهي اهو وڌيڪ ذميواريون سرانجام ڏيندو آهي پر اسان وٽ اُن جي ابتڙ جيڪو وڌيڪ ڄاڻ وارو ۽ سينئر ٿيندو آهي اهو ذميوارين کان ڄڻ ته آجو ٿي ويندو آهي. ضروري ناهي ته هر ڪيس ۽ هر جاءِ تي ائين هجي پر عام طور تي اهڙي ئي صورتحال آهي. آءٌ ڪنهن تي آڱر کڻڻ بجاءِ اهو ٿو چاهيان ته اسان مان هر ڪنهن کي پاڻ کان سوال پڇڻ گهرجي ته اسان کي جيتريون سهولتون ميسر آهن ۽ معاوضي طور جيترو ڪجهه ملي ٿو اُن جي موٽ ۾ پنهنجي قوم کي ڇا ڏئي رهيا آهيون؟ پاڻ ڳالهه پئي ڪئي رحيم داد مولائي شيدائي جي، آءٌ هن مرد مجاهد جي ڪم تي سچ پچ ته حيران آهيان. هو جيترو ڪم ڪري ويو آهي، اسان کيس اوتري مڃتا به نه ڏئي سگهيا آهيون، تازو ئي اها ڳالهه به ٻـُـڌڻ ۾ آئي ته سنڌ جي هن عظيم تاريخدان جي قبر جي به ڪوئي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي. اهي به اطلاع آهن ته بلڊر مافيا قبرستان واري زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ ڪجهه حصي تي بلڊوزر سان زمين سڌي ڪرڻ جي بهاني ڪجهه قبرن کي نقصان پهچايو ويو آهي جن ۾ هن يگاني تاريخدان جي قبر به شامل آهي، سندس اڌ قبر ڊهي چـُـڪي آهي ۽ اسين سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻيل آهيون. امر جليل مولائي شيدائي کي اعزازي ڊاڪٽوريٽ ڊگري ڏيڻ واري رٿ ڏئي اسان سڀني کي جاڳايو آهي. سنڌ يونيورسٽي اهڙو فيصلو ڪيو ته اها يقينن سڄي سنڌ لاءِ خوشي واري ڳالهه هوندي، حقيقت ۾ مولائي شيدائي اُن جو حقدار به آهي، نه رڳو اهو پر سندس اڻ ڇپيل علمي ۽ تاريخي خزاني کي ڇپائڻ جي به تمام گهڻي ضرورت آهي. مولائي شيدائي جا سڀئي ڪتاب نهايت ڄاڻ ڀريا آهن. جنت السنڌ سڀني ڪتابن مان وڌيڪ مقبول آهي. ڪافي عرصي کان اهو ڪتاب مارڪيٽ مان آئوٽ هيو، شابس آهي سنڌيڪا اڪيڊمي کي جنهن 2000ع ۾ ۽ 2004ع ۾ اُن جا ٻه ايڊيشن شايع ڪرايا. بهرحال مولائي شيدائي جي اڻ ڇپيل ڪتابن کي سنواري شايع ڪرايو وڃي ۽ اهو ڪم سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ته ڏاڍو بهتر ٿيندو. سنڌ جي تاريخ تي مولائي پنهنجي وس آهر ڪافي ڪم ڪيو ائين ڪونهي ته اُن کانپوءِ ڪوئي ڪم ناهي ٿيو پر سنڌ جي تاريخ تي هر حوالي سان ۽ مستقل بنيادن تي ڪم جاري رهڻ گهرجي، جنهن جي تمام گهڻي ضرورت ۽ اهميت آهي __________________ بشڪريه آئي ٽي جهان
جواب: سنڌ جي تاريخ، مولائي شيدائي ۽ اسين سائين قبلا محترم مولائي شيدائي جو هڪڙو ڪتاب جنهنجو نالو جنت السنڌ آهي سو مون وٽ پڻ موجود آهي واقعي سائين مولائي شيدائي جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي۔۔۔۔۔ تمام وڏو ڪم ڪيل آهي۔