نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم جيئي سنڌ
دوستو ساري سنڌ جيان ٽنڊو محمد خان ۾ به ڪافي سارا ٻوڏ ستايل خاندان پهتا، اسان جي پاڙي دولهه شاهه جي پڙ ۾ هڪڙو خوبصورت مڊل اسڪول آهي، جنهن ۾ ٻوڏ ستايلن جي واهرتا لا هڪ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، تقريبن هن ڪئمپ ستر کان وڌيڪ ٻوڏ ستايلن کي عارضي طور ترسايو ويو آهي، جيئن ته ناري ڊوليپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان وارن انهن ٻوڏ جي ستايلن جي مدد واسطي هڪڙي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي، ان کان علاوه مدد واسطي انهن متاثرين کي ضرورت زندگي جو سامان پڻ ورهايو۔ سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان مونکي پڻ انهي نيڪ ڪم کي ڪوريج ڪرڻ لا ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز خصوصي طور دعوت ڏني ۔ مون کيس چيو ته محترما منهنجي ڪئميرا پُٽ جي شادي ۾ ڪو الله جو بندو پنهنجي سمجهي کڻي ويو آهي۔ پاڻ چوڻ لڳي ته ناز تصويرن جو ڪو مسئلو ڪونهي پاڻ پنهنجي ڪئميرا منهنجي حوالي ڪرڻ جو چيو ۔ دوستو بنيادي مسئلو ٻوڏ ستايلن جي امداد جو هو، ڪير بي لوث ٿي ڪنهنجي خدمت ڪري ان ۾ الله سائين جي خوشنودي پڻ شامل ٿي وڃي ٿي۔ ٻوڏستايلن لا مفت طبي ڪئمپ ۽ امداد ورهائڻ واريون تصويرون پيش خدمت آهن۔
ٻوڏ متاثرين کي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز سامان ورهائي رهي آهي

مفت طبي ڪئمپ جي سرواڻي ميمڻ ڪميونٽي جي ميمڻ اسپتال جي مڃيل ڊاڪٽر سيد علي رضا شاهه ڪئي۔