آصف علي ولد حاڪم علي زرداري جي شخصيت وسعت الله خان آصف علي زرداري هڪ بلوچ سنڌي سياستدان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي شروعاتي سياسي دوستن ۾ شامل حاڪم علي زردري جو پُٽ آهي. حاڪم علي زرداري بعد ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿيو هو. آصف علي زرداري جولاء 1956ع ۾ ڄائو. سندس پيءَ سنڌ جو زميندار، ڪراچي ۾ وڏو واپاري هجڻ سان گڏ هڪ سينما گهر جو مالڪ پڻ هيو. آصف علي زرداري بنيادي تعليم ايل ڪي ايڊواني، محمد خان جوڻيجو، شوڪت عزيز ۽ پرويز مشرف وانگر سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچي کان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ هن دادو ۾ قائم ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو کان 1974 ۾ انٽر ميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيو. چيو وڃي ٿو ته بعد ۾ هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ بزنس جالي جي ڪنهن اداري ۾ پڻ داخلا ورتي هئي. آصف علي زرداري شروع کان ئي دوستن جو دوست ٽائپ جي ماڻهون طور ڪراچي جي امير حلقن ۾ سڃاتو ويندو هو. 1968 ۾ شوقين مزاج جي آصف علي زرداري ڊائيريڪٽر سجاد جي اردو فلم، ”منزل دور نهين“ ۾ چائلڊ اسٽار جي طور تي اداڪاري ڪئي. فلم جي هيرو حنيف ۽ هيروئن صوفيه هئا. پر هي فلم فلاپ ٿي وئي. آصف علي زرداري پولو ۽ گهوڙي سواري ڪرڻ جو شوقين هيو ۽ سندس پولو ٽيم زرداري فور جي نالي سان مشهور هئي. آصف علي زرداري جي هن دور جي هڪ دوست موجب آصف علي زرداري هڪ زنده دل ماڻهون هو. سندس موجب هڪ دفعي ڪراچي جي ويجهو اسين ٻئي هارس رائڊنگ ڪري رهيا هئا سين جڏهن اسانجي گروپ ۾ شامل هڪ جرمن سفارتڪار جي ڌيءُ جو گهوڙو ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو هو. هن صورتحال ۾ ڪو به کيس بچائڻ يا اڳتي وڃڻ لاءِ تيار نه هو پر آصف علي زرداري ڌٻڻ ۾ لهي پيو ۽ هن سڀ کان پهريان ڇوڪري کي بچايو ۽ بعد ۾ گهوڙي کي به ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان دور ۾ آصف علي زرداري سندس پرائيويٽ ڊسڪو ٿيڪ جي ڪارڻ به سڃاتو ويندو هو. 1980 تائين آصف علي زرداري جو سياست سان پري تائين واسطو نه هو. بس اها خبر ملي آهي ته 1985 ۾ آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ کان سندس نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا. پر بعد ۾ فارم واپس ورتا هئا. هن دور ۾ آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه جي هڪ وزير سيد ڪوڙل شاهه جي مشوري سان ڪنسٽرڪشن جو ڪاروبار شروع ڪيو پر هن کاتي ۾ آصف علي زرداري صرف اڍائي سالن تائين ڪم ڪري سگهيو. 1987ع آصف علي زرداري لاءِ وڏو فيصلائتي سال هو جڏهن سندس ويڳي ماءُ ٽمي بخاري بيگم ۽ نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو سان آصف علي زرداري جو رشتو طئي ڪيو. 18 ڊسمبر 1987ع تي ٿيڻ واري هن شادي جو شمار اڄ ڏينهن تائين ڪراچي جي يادگار تقريبن ۾ ٿيندو آهي. جنهن جو فنڪشن امير ترين علائقي ڪلفٽن جي ويجهو غريب علائقي لياري جي ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيو ۽ اميرن جي ڪُلهن سان ڪُلهو ملائي هزارين عام ماڻهن به هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ بينظير ڀٽو ۽ سندس لکين سياسي ستارن لاءِ هي پهرين ۽ سڀ کان وڏي خوشي هئي. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو وزير اعظم جو عهدو سنڀاليو ته آصف علي زرداري به وزير اعظم هائوس منتقل ٿيو. ۽ سندس سياسي زندگي جو صحيح نموني سان آغاز ٿيو. 1990ع ۾ بينظير حڪومت جي معطل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن ۾ هو قومي اسيمبلي جو رُڪن چونڊجي ويو. 1993ع ۾ هو نگران وزير اعظم مير بلخ شير مزاري جي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ۽ بعد ۾ بينظير ڀٽو جي ٽين دور ۾ قومي اسيمبلي جو رُڪن ۽ ماحولياتي ۽ سرمائيداري جو وزير ٿيو. آصف علي زرداري 1997ع کان 1999ع تائين سينيٽ جو رُڪن رهيو. 1990 کان 2004 تائين چوڌهن سال آصف علي زرداري جي زندگي جا سڀ کان هنگامي سال آهن. بينظير ڀٽو جي پهرين دور ۾ آصف علي زرداري مٿان ڪرپشن جا الزام لڳڻ شروع ٿيا ۽ مٿس مسٽر ٽين پرسنٽ جو خطاب مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سڀ کان پهريان 1990ع ۾ کيس صدر غلام اسحاق خان جي دور ۾ هڪ برطانوي تاجر مرتضي بخاري جي ڄنگهه تي بم ٻڌي ڪري اٺ لک ڊالر وصل ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. پر انهيءَ غلام اسحاق خان بعد ۾ آصف علي زرداري کي آزاد ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري تي ڪرپشن جا اُڻويهه ريفرنسز فائل ڪيا پر هنن مان ڪو به ثابت ڪونه ٿي سگهيو. 5 نومبر 1996ع تي بينظير ڀٽو جي ٻي دور حڪومت معطل ٿيڻ کانپوءِ آصف علي زرداري جو نالو مرتضي ڀٽو قتل ڪيس ۾ آيو. نواز شريف حڪومت جي ٻي دور ۾ آصف علي زرداري مٿان اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين ۽ سنڌ هاء ڪورٽ جي هڪ جج جسٽس نظام احدم جي قتل ۽ نشي جي اسمگلنگ ۾ شامل هجڻ، سڳئس ڪمپني ايس جي ايس ڪوٽيڪنا، دوبئي جي اي آر وائي گولڊ ڪمپني کان سون جي درآمد، هيلي ڪاپٽرن جي خريداري، پولش ٽريڪٽرز جي خريداري ۽ فرانس ميراج جهازن جي ڊيل ۾ ڪميشن وٺڻ، برطانيه ۾ راڪ وڊ اسٽيٽ خريد ڪرڻ، سوئس بئنڪن جي ذريعي مني لانڊرنگ ۽ اسپيڪ ۾ آئيل فار فوڊ اسڪيلنڊل سميت ڪيترا ئي ڪيس هئا. اهڙيون لسٽون پڻ جاري ٿيون ته آصف علي زرداري حيدر آباد، نواب شاهه ۽ ڪراچي ۾ هزارين ايڪڙ قيمتي زرعي ۽ ڪمرشل زمين خريد ڪئي، ڇهه شوگر ملز جا شيئرز خريد ڪيا. برطانيا ۾ نو، آمريڪا ۾ نو، بلجيم ۽ فرانس ۾ ٻه ٻه ۽ دبئي ۾ ڪيترن ئي پروجيڪٽن ۾ ڪيترن ئي نالن کان سيڙپڪاري ڪئي. جڏهن ته سندس پراسرار دولت کي لڪائڻ لاءِ سمڊ پار ڪُل 24 فرنٽ ڪمپنيون ٺهرايون. غلام اسحاق خان کان وٺي نواز شريف ۽ پرويز مشرف جي حڪومتن اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن هنن الزامن، ريفرنسز ۽ ڪيسن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ وڏي رقم خرچ ڪئي. آصف علي زرداري ڪُل يارهن سالن تائين جيل ۾ قيد رهيو. جيل ۾ به آصف علي زرداري توجه جو مرڪز ر هيو. ڇاڪاڻ ته هن قيدين جي فلاح لاءِ ڪم ڪيا جن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ ڪپڙا ورهائڻ ۽ غريب قيدين جي ضمانت لاءِ رقم جو انتظام ڪرڻ پڻ شامل آهن. قيد دوران کيس جسماني تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو. پر ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو. قيد دوران کيس شوگر ۽ چيلهه سور جي شڪايت پڻ ٿي. 2005 ۾ آصف علي زرداري ٻاهرين ملڪ هليو ويو ۽ سياست کان ڌار ٿي ڪري دبئي، نيويارڪ تائين محدود ٿي ويو. جڏهن پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو جي درميان آمريڪا، برطانيا ۽ ڪجهه سگهاري دوستن جي ڪوششن سان مصالحت جو عمل شروع ٿيو هن کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ آصف علي زرداري جي خلاف عدالتي ڪاروايون سست ٿيڻ شروع ٿيون. ايتري ڪيسن مان ڪو هڪ به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو، هنن ڪيسن مان ڪيترا ئي ڪيس واپس ورتا ويا يا وري حڪومت هن ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن سلسلي ۾ آڪٽوبر 2007ع واري مصالحتي آرڊيننس به تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي چونڊن ۾ سڀ کان وڏي پارٽي جي طور تي ظاهر ٿي. شروعات ۾ اهو اندازو لڳايو ويو هو ته آصف علي زرداري صرف پارٽي قيادت تي توجه ڏيندو ۽ سونيا گانڌي وانگر سياست ڪندو. پر بعد ۾ هن ملڪ جو صدر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. 6 سيپٽمبر 2008 تي آصف علي زرداري سندس اهو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاروق لغاري کانپوءِ آصف علي زرداري پاڪستان جو اهڙو ٽيون صدر آهي جنهن قيد جو تجربو حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ جو سڀ کان وڏو عهدو سنڀاليو آهي. سندس پُٽ بلاول، ڌيئرن بختاور ۽ آصفا کي ستاويهه ڊسمبر تي سندن ماءُ جي شهادت کانپوءِ پهريون دفعو وڏي خوشي نصيب ٿي آهي بشڪريه ويچار ڊيسڪ