شيخ اياز: هڪ وڏو ماڻهو

'شيخ اياز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شيخ اياز: هڪ وڏو ماڻهو​

    [​IMG]

    شوڪت حسين شورو



    ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي وڏن شاعرن جي عظمت کي مڃتا ڏيڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن. اصل ۾ اها ان شاعريءَ جي ٻولي ڳالهائيندڙن جي ڪم فهمي ۽ ڪوتاهي هوندي آهي، ڇو ته هنن کي شاعر جي عظمت سڃاڻڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي مڃتا ڏيڻ ۾ اسان کي ٻه صديون لڳي ويون. هن کي عظيم شاعر ڪري ليکڻ ته پري رهيو، اڄ کان سئو سال اڳ سنڌيءَ جي هڪ وڏي اديب جو خيال هو ته شاهه جي شاعري جهنگلي شاعري آهي، ڇو ته بحر وزن تي جوڙيل ڪا نه هئي. شيخ اياز بحر وزن جي ڄاڻ رکندي به ان سنڌي شاعريءَ کان بغاوت ڪئي، جيڪا فارسي شاعريءَ جو نقل ٿي لڳي. شيخ اياز سنڌي شاعريءَ کي، جيڪا مٿي هوا ۾ لٽڪيل هئي، هيٺ لاهي ڌرتيءَ تي آندو ۽ ان جو رشتو سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي روايتن سان ڳنڍيو. هن بيت ۽ وائي کي نه رڳو نئين سر جيئاريو پر انهن کي جديد شعور سان هم آهنگ ڪري موجوده دور جي عڪاسي ڪئي. شيخ اياز نه رڳو موجوده دور جو پر ايندڙ دور جو به وڏو شاعر آهي، وقت گذرڻ سان گڏ سندس شاعريءَ جي وڏائي جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويندي. هن جي شاعريءَ کي ڀيٽا ڏيڻ سان اسين سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت جو مان مٿانهون ڪري رهيا آهيون.
    شيخ اياز جي حياتيءَ جا مختلف دور آهن، هن جي حياتيءَ جو هڪ دور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر طور گذاريل چار سال آهن. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي مڃتا ڏيندي، انهن جي لاءِ يونيورسٽي جا دروازا کوليا، نه ته کائنس اڳ ڪنهن به وائيس چانسلر سنڌي ليکڪن کي ان لائق ئي نه سمجهيو هو ته کين يونيورسٽيءَ ۾ روزگار ڏنو وڃي. غلام رباني آگري کي پرو وائيس چانسلر مقرر ڪرائڻ کانسواءِ عبدالقادر جوڻيجي، سحر امداد، آغا رفيق، نور افروز خواجه، تهمينه مفتي، هدايت پريم، عزيز مهراڻوي ۽ مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آڻڻ وارو شيخ اياز ئي هو. مون ليڪچرر ٿيڻ ٿي چاهيو، پر منهنجي مهربان غلام رباني جي صلاح سان شيخ اياز مون کي 1976ع ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ڪري رکيو. ان وقت آئون پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر ۾ نوڪري ڪندو هئس ۽ بيزار هئس، شيخ اياز منهنجي اتان جند ڇڏائي. جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون کي جيڪا نوڪري ملي هئي، سا به منهنجي مزاج پٽاندر ڪا نه هئي، پر شيخ صاحب کي ان عهدي تي پنهنجو اعتبار جوڳو ماڻهو کپندو هو، ان ڪري مون سندس حڪم اکين تي رکيو.
    شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي کي ٽئگور جي شانتي نڪيتن ٺاهڻ جو خواب کڻي آيو هو، پر هتي نه استادن ۾ ايترو vision هو، نه شاگرد اڳواڻن ۾ ڪا ساڃهه هئي، سطحي قسم جي ذاتي مفادن تي ٻڌل سياست سنڌ يونيورسٽيءَ کي وڻ ويڙهي جيان گهيريل هئي، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين جند ڪا نه ڇٽي آهي، انهن حالتن ۾ شيخ اياز جي لاءِ ذهني انقلاب آڻڻ ڏکي ڳالهه هئي، البته هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڃ واري ماحول ۾ علمي ادبي سرگرمين سان هڪ خوشگوار تبديلي ضرور آندي، ان سان سنڌ يونيورسٽي واقعي هڪ يونيورسٽي نظر اچڻ لڳي.
    شام جي وقت شيخ اياز وي سي هائوس ۾ باقائدگيءَ سان چهل قدمي ڪندو هو، ڪجهه چونڊ ماڻهن سان گڏ مون کي به ساڻس گڏ هلڻ جو شرف حاصل ٿيندو هو، سندس مطالعو تمام وسيع ۽ گهرو هو. چهل قدمي ڪندي هن جو مطالعو دريا وانگر پلٽي پوندو هو. عالمي ادب مان اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هلندو هو، جن کي پڙهڻ جو موقعو اسان کي اڃا نه مليو هو. مون کي شيخ اياز سان گڏ چهل قدمي ڪرڻ جي لالچ ٿي پئي، ان ڪري نه ته هو وائيس چانسلر هو، مون سندس وسيع مطالعي مان فيضياب ٿيڻ ٿي چاهيو. پنهنجي دور جي وڏي شاعر، عالم ۽ گهڻ پاڙهو جي صحبت ۾ هجڻ اسان جي خوش قسمتي هئي. دنيا جي وڏن وڏن اديبن ڪازان زاڪس، پئبلو نرودا، محمود درويش، مايا ڪو وسڪي، تلسيداس ۽ ٻيا الاجي ڪيترا نالا مون شيخ اياز کان ٻڌا ۽ پوءِ پڙهيا. شيخ اياز ايڏو وڏو شاعر هو، ايترو پڙهيل ڪڙهيل هو، هڪ ڪامياب وڪيل هو، پر ذاتي طور تي هو هڪ معصوم شخص هو. وقتي چالبازين ۽ سازشن کان اڻڄاڻ هجڻ سبب هن کي پنهنجن ئي دوستن پٺيءَ ۾ خنجر هنيا.
    آئون اڪيلو سامهون سٿ
    خنجر خنجر ڪيئي هٿ
    شيخ اياز جو مٿيون شعر پنهنجن ظاهري طور مخالفن بابت آهي، پر اهو سندس انهن دوستن سان به لاڳو ٿيو ٿي، جيڪي اندروني طور سندس مخالف هئا ۽ سندس پير ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ اڻ سڌيءَ طرح شامل هئا. اصل ۾ هڪ ٻن دوستن کي ڇڏي هن جا اڪثر دوست ڄامڙا هئا. اهي پنهنجي قد کي وڌائڻ جي لاءِ شيخ اياز جي قد کي ننڍي ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل رهندا هئا. هن جي شاعريءَ کي ته پڄي ڪو نه ٿي سگهيا، باقي هن جي شخصي ڪمزورين کي وڌاءُ سان بيان ڪرڻ ۾ وسان ڪو نه ٿي گهٽايائون.
    شيخ اياز وائيس چانسلر هو ۽ اسين سندس ماتحت هئاسين، پر هن ڪڏهن به اسان سان صاحب وارو رويو نه رکيو. هڪ ڀيري رات جي وقت ڪنهن ڪم سان آئون وٽس حاضر ٿيس، پاڻ ۽ غلام رباني ويٺا هئا ۽ محفل متل هئي، مون کي اندر سڏائي احوال ورتائين. ڳالهه پوري ڪري مون وڃڻ جي اجازت گهري ته اوچتو پڇيائين ”شوڪت! پيئندو آهين؟“ آئون منجهي پيس ته ڪهڙو جواب ڏيان، پاڻ پنهنجن هٿن سان هڪ خالي پيل گلاس کي ڀري مون ڏانهن وڌائي چيائين، ”آئون توکي پنهنجو ماتحت نٿو سمجهان، ليکڪ هجڻ جي ناتي تون منهنجو ننڍو ڀاءُ آهين“. ٻي دفعي مون کي پاڻ سان گڏ ڪراچي وٺي ويو، چيائين ته هل ڪراچي جيمخاني ۾ ٿا هلون. ان وقت جو هڪ مشهور ڪامورو حسن حميدي ساڻس اچي مليو، شيخ اياز هن جي دعوت قبول ڪندي ساڻس گڏ ٽيبل تي ويٺو، هن سان منهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين: ”هي منهنجو دوست آهي ۽ سنڌيءَ جو تمام سٺو نثر نگار آهي“. مون دل ئي دل ۾ شيخ اياز کي سلام ڪيو ته ”سائين! اوهان واقعي وڏا ماڻهو آهيو“.
    انساني ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان ڪو به انسان آجو ڪونهي. شيخ اياز عظيم شاعر هجڻ سان گڏ هڪ انسان هو ۽ منهنجي نظر ۾ هو هاڻي به هڪ وڏو ماڻهو آهي.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شيخ اياز: هڪ وڏو ماڻهو

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شيخ اياز: هڪ وڏو ماڻهو

    بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو