نثارناز
سينيئر رڪن
ڪراچي جي مڇر ڪالوني ڀرسان ڪٻاڙي مارڪيٽ آهي، ڪجهه ڪٻاڙ خاني جي شين جي ضرورت پئي اتي هڪڙو وڏو ميڙ نظر آيم ميڙ ۾ اندر گهڙي ويس، ڏٺم ته اسان وارو موسمي ٻٽيرو، انٽرنيشنل فقير علي علي سنڌ سلامت کان ڀڄي پاسو ڪندڙ پنهنجي مٿي تي جادو واري ٽوپي پايو جوتن جي هڪ نئين قسم جو واپار ڪري رهيو هو، جيئن ته علي علي کي جادوئي ٽوپي پاتل هُئي ۽ منهنجي مٿي تي موٽر سائيڪل وارو هيلميٽ پاتل هو، جادوئي ٽوپي جي ڪري علي علي کي ڪير به سُڃاڻي نه سگهي ها پر ، ميڙ کي ڪٺي ڪرڻ لا سندس گوڏي جيڏي مُرلي اتي پيل ڏٺم سو سڃاڻي ويس ته پڪ سان جوتن جي اها صنف صرف انٽرنيشنل فقير ئي ماڻهن ۾ انٽرو ڊيوس ڪرائي سگهي ٿو، سو پنهنجي موبائل ڪئميرا ۾ جوتن جي انهي نئين قسم جي نموني کي ڪئميرا بند ڪري توهان سامهون کڻي آيو آهيان۔ لڳي ٿو هيلو ڪي عيد علي علي انهي قسم جا جوتا وڪڻي پنهنجي ڪسر پوري ڪندو۔ خير اسان جو ڇا وڃي فقير ڦلپوٽي کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي ٿو ڇڏيان ته انٽر نيشنل فقير اڄڪلهه آگره تاج جي ويجهو مڇر ڪالوني جي ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ اهي بوٽ وڪڻي عيد ڪمائي پيو۔ پيش آهي جوتي جو اهو نمونو جيڪو انٽر نيشنل فقير سنڌ سلامت جو موسمي ٻٽيرو کپائي پيو۔