سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

'اهم سنڌي ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ رنگ يوٽيوب چينل

    ڏٺو وڃي ته يوٽيوب تي سنڌ رنگ چينل آڻي محترم ڄام سمون هڪ انقلابي ڪم ڪيو آهي۔۔۔ هن چينل تي سنڌي ٽي وي چينل تي ايندڙ گيت غزل ڊراما حمد و نعت بريڪنگ نيوز وغيره ته آهن ئي آهن پر غير سنڌي چينل تي ايندڙ سنڌ ۽ سنڌين بابت خبرن کي به ريڪارڊ ڪري لڳايو ويو آهي۔۔۔ سندس ڪم جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ اهو ريڪارڊ سنڌين لاءِ هڪ انمول خزانو آهي۔۔۔
    محترم ڄام سمون جي سنڌرنگ يوٽيوب چينل تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

    سنڌي ٽيوب۔۔

    محترم سيف مغل 2006 ۾ سنڌي آڊيوز متعارف ڪرايو جنهن کي اڳتي وڌائيندي 2009 ۾ سنڌي ٽيوب جو بنياد وڌو۔۔۔ هت هوئن ته زياده تر ادا ڄام سمون جي سنڌرنگ يوٽيوب چينل جون وڊيوز سجايل آهن پر ان کان سواءِ سائيٽ تي ڪجهه اضافي ۽ ڪم جون وڊيوز پڻ موجود آهن۔۔ هن سائيٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي رجسٽرڊ ٿي توهان پنهنجيون وڊيوز پڻ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    محترم سيف مغل جي سنڌي ٽيوب تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    سنڌي MP4 بلاگ اسپاٽ
    خوبصورت طريقي سان سجايل هن سائيٽ تي به اڪثر وڊيوز محترم ڄام سمون جي سنڌ رنگ يوٽيوب چينل تان ورتل آهي پر اهي سموريون ۽ ڪجهه اهم وڊيوز خوبصورت انداز ۽ بهتر سرچنگ سان سجايل آهن۔۔۔۔
    هن سنڌي MP4 بلاگ اسپاٽ تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    تمام سٺو ادا انهن ۾ ڪا ديني معلومات به آهي يا صرف راڳ رنگ تائين وڃي اسان جي ثقافت بچي آهي؟!!!
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    تمام بهترين ڪوششون آهن ادا دوستن جون

    سدائين گڏ
     
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    صفا لش پش دو بي هوش ٽين گش۔
     
  5. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    گهٽ ۾ گهٽ رمضان المبارڪ ۾ ته اهڙي گانن ڀري شيئرنگ کان پاسو ڪندا ڪريو
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    واھ سائين واھ بهترين ونڊ۔۔۔۔ڄام سمون صاحب جن جي سٺي ڪوشش آهي۔
     
  7. غلام نبي شورو

    غلام نبي شورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    Hyderabad
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ مونکي هي ڳالهه ٻُڌائيندي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي ته محترم ڄام سمون صاحب جنهن کي پوري دنيا ۾‌ سنڌي گيتن کي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ جو چئمپين سڏيو وڃي ٿو جو اصل نالو فقير حاجي غلام مصطفى سمون ولد حافظ محمد علي سمون آهي پاڻ منهنجي جنم ڀومي واري شهر ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان ۾ رهائش پذير آهي، سندن ڄمڻ جي تاريخ فيس بُڪ مطابق 5 اپريل 1965ع آهي، سندن تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَسان آهي، هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ سروس ڪندا آهن، اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته ڄام سمون صاحب جن تقريبن سمورن سنڌي ميڊيا جي چينلن تان سنڌي گيت سنڌي خاڪا، سنڌي ڊراما رڪارڊ ڪرڻ کان علاوه مارڪيٽ ۾ ايندڙ هر نئين سنڌي سي ڊيز ڊي وي ڊيز تان سنڌي گيت کڻي ان جي وڊيو ايڊيٽنگ ڪري يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪري اهو منفرد رڪارڊ ٺاهيو اٿن ، تمام ملڻو جُلڻو ماڻهو آهي سندن باري ۾ اها خبر پئي آهي ته پاڻ سمورو ڏينهن سموري رات انٽر نيٽ ميڊيا چينل کان پري ڪونه ٿيندا آهن جيڪو نئون گيت چاهي ميڊيا تي هُجي يا چاهي مارڪيٽ ۾ اچي انهن جي ايڊيٽنگ ڪندي يو ٽيوب تي موڪليندا رهندا آهن، پاڻ منهنجا قريبي ذات ڀائي مائٽ آهن۔ هاڻ پيش آهن سنڌي گيتن جو چئمپين آف يو ٽيوب جون تصويرون جيڪي فيس بُڪ جي ٿورن سان هتي ڏنيون ٿيون وڃن۔
    فقير حاجي غلام مصطفى سمون عرف ڄام سمون جي موجوده تصوير​


    [​IMG]

    فقير حاجي غلام مصطفى عرف ڄام سمون جون جواني واريون تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]
    دوستو مونکي اميد آهي ته ڄام سمون جي باري مختصر تعارف پڙهي توهان کي تمام گهڻي خوشي ٿي هوندي۔ مهرباني
     
  9. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    تمام بهترين جاري رکو۔
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    سائين نثار ناز صاحب ،
    سائين ڄام سمون جي باري ۾ معلومات اسان سان ونڊ ڪرڻ تي تو هان کي جس هجي

    حقيقت ۾ ته مان کي پاڻ ان ڳالهه جو تجسس هو ته اهو ڄام سمون ڪير آهي جيڪو هر نئون گيت روز روز يوٽيوب تي اپلوڊ ڪندو رهي ٿو

    اڄ سائين جي باري ۾ معلومات ۽ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي

    سدائين گڏ
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    مهرباني فقير وحيد ڦلپوٽا جو منهنجي هن انتهائي اهم ترين ونڊ کي تو تسلي سان ڏٺو ۽‌پنهنجا ڪامينٽس ڏنا، توهان جي ڄاڻ ۾ اهو پڻ اضافو ڪندو هلان ته فقير حاجي غلام مصطفى عرف ڄام سمون ٽنڊو محمد خان شهر جي يوسي 2 جو نائب ناظم پڻ رهيو آهي گُذريل بلدياتي نظام کان پهرين واري دور جو۔ لک لائق ادا
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    سائين اوهان ته هن موضوع کي چارچنڊ‌لڳائي ڇڏيا۔۔ تمام بهترين معلومات ڏني اٿوَ۔۔ ڄام سمون جي وڊيوز ڏسي مون کي به ڪافي تجسس هوندو هو، پر هي معلومات پڙهي سندن متعلق ڄاڻ حاصل ٿي، تمام سٺو۔۔۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيوب ۽ سنڌي mp4 بلاگ اسپاٽ۔۔۔۔۔

    مست زبردست شال جُڙيو هُجين توهان جي همت افزائين جو هِي جهونو ٽي درجي وارو شاعر دل سان ٿورائتو آهي ۔ مهرباني مٺا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو