جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار ها يار رنجيت مڙئي پارت اٿئي هاڻي ته زخمي آهين ائين نه ٿئي جو وري ڦٽي ٿئي پوين بهترين شيئرنگ آهي ادا
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار همانگير مردن جو خير آهي تاريخ شاهد آهي ته عورت مرد پاڻ ۾ وڙهن يا نه ! پر عورتون پاڻ ۾ ايتريون وڙهنديون آهن جو هڪ ٻئي جا اتا پتا ڪڍي ويهنديون آهن ڄُنڊا پٽ کان وٺي پنهنجي نُنهن سان هڪ ٻئي جا مُنهن ڦٽي وجهنديون آهن، هي جيڪي تيز نوڪيلا نُنهن گهڙيا ويا آهن انهن جي زد ۾ ڪو آيو ته صرف رنجيت رام رکيو ئي اچي سگهي ٿو پر زياده انهن مائين جو خير ڪونهي جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ ڄُنڊا پَٽَ ڪرڻ جون ماهر آهن بهر حال ڪن کڻائڻ لا ادا طاهر سنڌي جون مهربانيون۔
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار ادا طاهر۔۔۔ رڳو رنجيتڙي جي ڳالهه نه آهي پر يار هتي هر ڪو اڳ ۾ ئي ڦٽيل اٿئي۔۔ باقي الله خير ڪري توهان جو هي موضوع ماين جي نظرن مان به گذرندو هوندو۔۔ هاڻي توهان جي مهرباني سان انهن سادين سودين ماين کي اهو هٿيار ملي ويو۔۔ هاڻي مون مست، سائين ناز، سائين نثار ابڙو، سائين رشيد، راجا وهاب کي صلاح آهي ته پنهنجي ٻارن کان انهيءَموضوع کي لڪاين۔۔۔ ها ها ها
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار طاهر ڀا مهرباني ير۔۔۔۔۔ جو انڊيا ۾ اها ٽيڪنالاجي اچڻ کان اڳ ئي تو مونکي ان کان آگاهه ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ اول ئي زخمي جي ان هٿيار جو هڪ به وار ٿيو ته اصلي مُنهنجا ٻيڙا پار ٿي ويندا۔۔۔۔ پر ير۔۔۔ مان ته بال برهم چاري آهيان۔۔۔ توهان سڀني اچي مون مولائي تي اهي وار ٿا ڪيو۔۔۔ هتڙي ته وڏي فقير جهڙا ڇوڪرين جا شيدائي به ويٺا آهن۔۔۔۔ جنهن پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته هو اهڙن ڪمن (جوتن کائڻ جو پراڻو پاپي آهي) اٽو کاڌو ڪوئي۔۔ مار پئي گابي کي۔۔۔
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار ادا تون هاڻي ٿو ٻڌائين ته برهم چاري آهين!! ڀلا ان صنف سان ڳالهائڻ ۽ رد عمل جا اسٽائيل به ته شروع ۾ تو ئي ٻڌايا هئا! ياد آيو؟ هاڻي وري فقير تي حملا! اجهو ٿو اچي شڪارپوري
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار يار پنهنجي استاد جا پاڻپيو راز ڇوڙين۔۔۔ واهه جو شاگر لڳو آهين تون فقير کي۔۔۔ هڪ ٻه اهڙا ٻيا ملي ويس ته بس پوءِفقير نه ڪو انٽرنيشنل رهندو نه وري نيشنل۔۔۔
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار فقير ته هوئنن به اهو ڌنڌو بند ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ اڙي ها۔۔۔۔ ياد اچي ويو۔۔۔ ادا طاهر ٿوڙو خيال ته ڪجان۔۔ فقير ڪٿي سعودي۾ ته ڪونهي۔۔۔۔ رمضان جو مبارڪ مهينو آهي۔۔۔
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار ڳالهه ۾ دم آهي ادا۔۔۔ پر معلومات درست رک استاد جي ۔۔۔ همراهه کي تازو تازو ٻوڏ ستايلن جي رليف ڪيمپ ٻاهران ڏسي آيو آهيان، جتي سرندي وارا پئسا پيا ورهائن۔۔۔
جواب: ڇوڪرين جو نئون هٿيار ادا هتان جي گورنمنٽ فقيرن لاءِ آخري ڏينهن سمجهه ها جي ويس ۽ اسٽائيل مٽائي ته پوءِ متان انهن جي نظرن کان اوجهل رهي باقي ته ٻيڙا ئي پار هوندس