مست
سينيئر رڪن
فيس بوڪ ۾ سائين زيب سنڌيءَ جي پروفائل تان ورتل
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
منيب ۽ مغيز کي
ماريو سيال ڪوٽّ!
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
ويهارو ڏنڊا بردار
چوٽ مٿان چوٽّ
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
رستي تي ماريا ويا
پوليس جي اوٽّ
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
چکيا چڙهيا چوراهي
سهڻا ٻئي گهوٽّ
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
بيان بازيءَ جي گوءِ ۾
ورتا ها جن ووٽّ
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
لوڙهي نيٺ ڇڏيندا رت
ڳاڙها نيرا نوٽّ
ٻچڙا ٻـ اڻموٽّ
توتي مان ڀي داهيندس
اڙي سيال ڪوٽ!
زيب سنڌي

