مست
سينيئر رڪن
سائين زيب سنڌي جي پروفائل تان ورتل
ٻوڏ متعلق شاعري
مڪلي قبرستان
جنهن ۾ اڄ آهن وڌيڪ
جيئرا انسان
مڪلي قبرستان
ڳوٺ ٻڏي ويو ٻوڏ ۾
ساڻ نـ ڪو سامان
مڪلي قبرستان
ڪجهـ ٿورو سامان ۽ ڌڪا
سنڌ مٿان احسان
مڪلي قبرستان
ڳڀي لئـ هر ويلي تي
هڪ نئون طوفان
مڪلي قبرستان
ٿي ويو آباد ۽
! ٺٽو ٿيو ويران
مڪلي قبرستان
ٺل کان ٺٽي تائين
لڙهي پيو انسان
مڪلي قبرستان
قبرن وچ ۾ ڪانڌ لئـ رني
(1) جنهن جي قبر بـ ڪان
مڪلي قبرستان
! ايڌي (2) ڪيڏانهن گم ٿي ويو
خلق سڄي حيران
مڪلي قبرستان
! ٿي آهي تو وٽ ، تاريخ
سنڌ اڄ مهمان
مڪلي قبرستان
ٻوڌ مَٽايو سوچَ کي
نئينءَ _ سنڌ امڪان
مڪلي قبرستان
هي بـ تـ ڏس تون لڏ پلاڻ
!! پيارا پاڪستان
مڪلي قبرستان
!بي گهر بندن تي مالڪ
رحم ڪر رحمان
زيب سنڌي
____________________________
ڪان = ڪانـ
ايڌي = عبدالستار ايڌي