• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ساره
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ساره

سينيئر رڪن
واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجھس پوکون پچن؛ واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جِتي جا محبتي ، سورهيه سگھارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي.

ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.

سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.

هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روھ تان برفُون ڀرن،
يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،

يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليوُن مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

خوش ٿِي کٿيرِيون جي کِلن، تان مَاڻڪن جَا مڻ مِلن،
جي ٽول پائِي ٿِيوُن ٽِلن ، تان ساڙ ۾ ڊيلَون جَلن،
هو ديس تان گھوريُون گھُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن

شل جيئنديون ٻئيِ جُڳ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون.

اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جنگي ۽ جوان پُٽ ، ڳاڙها جيهاَ حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ ، سرويچ پُٽ سرواڻ

سرويچ سجاولي

sindhsalamatsaathsal
 
ڀيڻ ساره
حق موجود
ادي، اوهانجي وڏي مهرباني؛ هي سرويچ سجاولي جو وڻندڙ گيت اوهان پيش ڪيو آهي، هن گيت ۾ سنڌ جي حب الوطني جو درس ايئن ڀريل آهي ... جيئن ماءُ جي دل ۾ ممتا ڀريل هوندي آهي ...
ڀيڻ اوهانجي اندر ۾ موجود قومپرستي ۽ سنڌ سان محبت اوهانجي پيش ڪيل مواد ۾ لڪل آهي ... الله تعالا اوهانجي جذبن کي چار چنڊ لڳائي ...
نثار ابڙو
مڪوپاڪ
sindhsalamatsaathsal
 
مهرباني! تمام سٺي شيئرنگ ڀيڻ

منهنجي اندازي مان اهو ٿو محسوس ٿئي ته محترم سرويچ سجاولي جي هن شاعري کي محترم الهڏنو خاصخيلي پنهنجي سريلي آواز ۾ڳايو آهي، جيڪڏهن ڪو به ساٿي ڪوشش ڪري انهي ڳايل گيت کي هن پوسٽ ۾ هڻي ته انهي جا ٿورائتا رهنداسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهي سان هن پوسٽ ۾ وڌيڪ رنگ اچي ويندو۔۔۔۔ مهرباني
 
ڀيڻ سارهه توهان جا لک ٿورا جو سائين سرويچ سجاوليءَ مرحوم جو هڪ لازوال گيت اسان سڀني سنڌ واسين سان شيئر ڪيو، ادا زاهد سومرو انهيءَ گيت جي آڊيو جي فرمائش ڪئي آهي اهو گيت سنڌ جي بهترين فنڪار محترم الهڏنو خاصخيلي پنهنجي دل جي گهرائين سان چيو آهي، جيئن ته اهو گيت هر سنڌ واسي ڀليءَ ريت ٻُڌو آهي اڄ آئون محترم الهڏنو خاصخيلي جو هڪ ٻيو گيت سموري دنيا ۾ رهندڙ سمورن سنڌين سان شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان، جيئن ته گهاڙيٽي جي لحاظ کان هي هڪ خوبصورت آزاد نظم آهي. ۽ آزاد نظم ڀي باقائده ڳايا وڃن ٿا. جنهن سوز ۽ اٿاهه محبتن سان محترم الهڏنو خاصخيلي هي نظم ڳايو آهي. اصل دل جهومي پئي آهي.
 
سائين تمام بهترين واه سائين واه پر ادو زاهد به ڪو وڏ و شوقين آهي سائين جو اهڙيون فرمائشون ٿو ڪري ادا زاهد تون به يار جڙيو هجين
 
سائين تمام بهترين واه سائين واه پر ادو زاهد به ڪو وڏ و شوقين آهي سائين جو اهڙيون فرمائشون ٿو ڪري ادا زاهد تون به يار جڙيو هجين
مٺا علي علي لڳي ٿو ته تون سڀئي پوسٽون مڪمل پڙهين ئي ڪونه ٿو۔ توکي خبر آهي ادا زاهد سومري سائين سرويچ سجاولي جي مشهور سنڌي گيت جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون جي فرمائش ڪئي هُئي ۽ پنهنجي بيمثال سنڌ سان محبت جي ڳالهه ڪئي هُئي، جيئين ته ڳالهه هلي پئي سنڌ جي لاجواب ڪلاڪار محترم الهڏنو خاصخيلي جي سو مون پڻ محترم الهڏنو خاصخيليءَ جو ڳايل گيت تون پُڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس سڀني سنڌ واسين سان شيئر ڪيو باقي ادا زاهد لاءِ شوقين جي خطاب واري ڳالهه مُنهنجي سمجهه ۾ ڪانه آئي دوست۔
 
توهان سڀني مان اهو ڪير آهي جنهن هي فورم جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني مون کي؟
 
توهان سڀني مان اهو ڪير آهي جنهن هي فورم جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني مون کي؟
مانَ واري ڀيڻ، هي سنڌ سلامت فورم هر سنڌيءَ جو آهي، ۽ سنڌ جو درد رکڻ واري هر سنڌي ۽ سنڌياڻيءَ جو آهي ان ڪري جنهن به توهان کي هتي جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني ان يقينن هڪ عظيم يادگيري ڏياري توهان کي، الله سائين کيس سدائين خوش رکي ۔ باقي ڀيڻ توهان سنڌ سلامت تي آيا، ڄڻ سنڌ شڪر الحمد الله سارِي جِي سارِي” سنڌ سلامت“ تي پير ڀري آئي ۔جيجل سنڌ جي نياڻي، جيجل سنڌ جي سنڌياڻي شال سدائين سُکَ ماڻين۔(آمين)
 
ادي ساره، محترم سرويچ سجاولي جي سنڌ ماتا لاءِ لکيل لاجواب شاعري ونڊي توهان فورم جي خوبصورتي ۾ اضافو آڻي ڇڏيو۔۔۔ توهان جي اهڙين ڳنڍڻين جو انتظار رهندو۔۔۔۔
مهرباني! تمام سٺي شيئرنگ ڀيڻ
منهنجي اندازي مان اهو ٿو محسوس ٿئي ته محترم سرويچ سجاولي جي هن شاعري کي محترم الهڏنو خاصخيلي پنهنجي سريلي آواز ۾ڳايو آهي، جيڪڏهن ڪو به ساٿي ڪوشش ڪري انهي ڳايل گيت کي هن پوسٽ ۾ هڻي ته انهي جا ٿورائتا رهنداسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهي سان هن پوسٽ ۾ وڌيڪ رنگ اچي ويندو۔۔۔۔ مهرباني
ادا توهان جي فرمائش کي پورو ڪرڻ ڏکيو ضرور هو پر ناممڪن نه هو۔۔۔
حاضر آهي محترم سرويچ سجاولي جي خوبصورت شاعري ۽ محترم الله ڏنو خاصخيلي جو من کي موهيندڙ آواز ۽ انداز ۔۔۔۔۔ جيڪو مان ارپڻ چاهيندس توهان کي ۽ ڀيڻ ساره کي سندس شاندار شيئرنگ تي
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَکڙن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.
سبحَانهُه سبحانهُه . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سونهن جون لاهين سِڪُون.
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالَن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روح تان برفُون ڀرن،
يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليوُن مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جري ۽ جوان پُٽ ، ڳاڙها جيهاَ حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هِڪ هِڪ سان سدا هيڙا جگر، هِڪ هِڪ ڇڏي توڙي ڪڪر،
هِڪ هِڪ اٿئي سيني سُپر، هِڪ هِڪ ڪري چِيهون ڇَپر،
هِڪ هِڪ سنديءَ مستيءَ ۾ ڏس، مستيون انهي مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.​


[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/sindh_slamat.mp3[/MP3]​
 
ادا توهان جي فرمائش کي پورو ڪرڻ ڏکيو ضرور هو پر ناممڪن نه هو۔۔۔
حاضر آهي محترم سرويچ سجاولي جي خوبصورت شاعري ۽ محترم الله ڏنو خاصخيلي جو من کي موهيندڙ آواز ۽ انداز ۔۔۔۔۔ جيڪو مان ارپڻ چاهيندس توهان کي ۽ ڀيڻ ساره کي سندس شاندار شيئرنگ تي۔۔۔۔


[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/sindh_slamat.mp3[/MP3]​

ادا رشيد سمون صاحب!

مان ته ائين سمجهندو هيس ته ڪنهن به فورم جو منتظم اعلي اسان جهڙن هلڪن ڦلڪن ميمبرن جي تحريرن ۾ جواب ڏيڻ ضروري ڪونه سمجهندا آهن۔

پر ادا جڏهن کان مون هي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪيو آهي ته مونکي اوهان جهڙو منتظم اعلي شايد ڪو مليو هجي۔۔۔ جيڪو اسان جي تحريرن جي جواب ۾ صرف واه واه ڪري پر انهي سان گڏوگڏ اسان جي فرمائشن تي به غور ڪري۔۔۔۔۔

جيئن اوهان سڀني دوستن سان مون هڪ گيت جيڪو محترم سرويچ سجاولي جو لکيل آهي جيڪو هن تحرير جو زينت بڻيل آهي، اها تحرير اصل ۾ اسان جي پياري ڀيڻ محترمه ساره جي موڪليل آهي، جنهن ۾ مون سڀني دوستن کان اها گُهر ڪئي ته ڪو انهي گيت کي محترم الهڏنو خاصخيلي جي سريلي آواز ۾ هتي لڳائي۔۔۔۔۔۔

توهان دوستن ڏٺو هوندو ته اهو گيت به اسانجي منتظم اعلي جي ڪوشش ۽ ڪاوش سان هتي هرڪو ٻڌي سگهي ٿو۔۔۔۔

انهي مان ثابت ٿيو ته منتظمِ اعلي انهي کي چوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔

مهرباني سڀني دوستن جي پر اها آڳ ادا رشيد سمون کڻي ويو۔۔۔۔۔۔ اچو ته سڀئي ٻڌون انهي گيت کي۔۔۔۔۔


shabash

shal judy hujeen
 
سائين تمام بهترين واه سائين واه پر ادو زاهد به ڪو وڏ و شوقين آهي سائين جو اهڙيون فرمائشون ٿو ڪري ادا زاهد تون به يار جڙيو هجين

ادا علي علي يار ماڻهو ته ڪو لاجواب آهين، واقعي ڀاءُ مان انهي گيت جو ڏاڍو شوقين آهيان دل چوندي آهي ته هر هر اهو گيت پيو ٻڌان۔۔۔۔۔۔


جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،
ويهي رڳو واکاڻجن ٻيلا، ٻنيون مهراڻ جون​
 
ادا رشيد سمان صاحب ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون وارو گيت ڀيڻ ساره ۽ ادا زاهد سومرو کي ارپي توهان هڪ نيڪي ڪمائي آهي، مهرباني مٺا​
 
توهان سڀني جي مهرباني
اهو گيت مان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪاپي ڪري سگهان ٿي؟
اهو يوٽيوب تي نه ملندو؟
 
جواب: واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن

ادي ساره جي هن پوسٽ کي لڳ ڀڳ سال اچي ٿيڻ وارو آهي سندس ونڊ ڪيل هن خوبصور گيت کي آڊيو صورت ۾ ته آئون اڳ ئي ونڊ ڪري چڪو آهيان پر تحرير جي سال کن ٿيڻ تي هي وڊيو به نظر مان گذري ان ڪري لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔ ادي ساره جيڪا هوئن ته روزانو مهمان جي صورت ۾ سنڌ سلامت سائيٽ جو ڦيرو ڀريندي رهندي آهي ۽ هفتي ۾ هڪ دفعو بغير تحرير موڪلڻ جي لاگ ان به ٿيندي آهي کي هي گيت ارپيان ٿو۔۔۔۔۔۔۔

[fv]117027908337893[/fv]​
 
جواب: واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن

ادا رشيد اهو گيت اسان وٽ ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي۔۔۔۔ مهرباني ڪري ٻيهر ڪوشش ڪريو ته جيئن اسان انهي کي وڊيو واري صورت ۾ به ڏسي سگهون
 
Back
Top