جواب: عرب ۔۔۔ جن کي پاڻ تي وڏو ناز هوندو آهي ڏسون ڪم ادا ۔۔۔ هي وري ڪهڙي مخلوق آهي، جسم ماڻهن وارو، مهانڊا ۽ آواز وري ۔۔۔۔۔۔ ها ها ها پهرين به اها وڊيو نظر تان گذري آهي پر وقتائتو ونڊ آهي ادا۔ مهرباني
جواب: عرب ۔۔۔ جن کي پاڻ تي وڏو ناز هوندو آهي ڏسون ڪم خئير ڀوڳ ۾ هر شئي جائز آهي، هي وڊيو به مسخرن جي هڪ مسلسل جو ٽڪرو آهي ۔۔۔ باقي رهيو سوال ڪنهن قوم جي مجموعي برائي جو ته آ لطيف سڳوري جي هن خيال سان سئو فيصد سهمت آهيان؛ ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي۔ سو دوستو! هر قوم ۾ ڪي ڪنا ، ڪي سٺا ته ڪي هيرا ماڻهون موجود هوندا آهن ۔۔۔ هرڪو ماڻهون موتي داڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو ۔۔۔
جواب: عرب ۔۔۔ جن کي پاڻ تي وڏو ناز هوندو آهي ڏسون ڪم ادا هي ته ڪتن جو آواز پيا ڪڍن پر هتي وڃي ڏس پاڻ وارا سنڌي وري ڀولڙين جي نقل پيا ڪن۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=5520
جواب: عرب ۔۔۔ جن کي پاڻ تي وڏو ناز هوندو آهي ڏسون ڪم بلڪل سائين هر قوم ۾ ڀلا به آهن ته برا پڻ جيئن قرآن مجيد ۾ به آيو آهي هڪ آيت ۾