شاهه عبدالطيف ڀٽائي سن 1689 ع برابر 1102 هجري ۾ هالا حويلي ۾ ڄائو هو . شاهه صاحب جي والد جو نالو شاه حبيب هو . شاهه لطيف جو ننڊپڻ ڪوٽڙي مغل ڳوٺ ۾ گذريو هو . شاهه صاحب جي استاد هو نالو آخوند نور محمد هو . شاهه صاحب وٽ اڪثر ڪري ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا ، 1 قران شريف 2 مولانا جلال الدين رومي جي مثنري 3 شاهه عبدالڪريم جو رسالو . شاهه صاحب جي گهرواري جو نالو بيبي سيده بيگم هو . شاهه صاحب جا نا نا ڻا ڳوٺ علي محمد ، تعلقه هالا ۾ رهندا هئا . شاهه صاحب جا وڏا اصل هرات جا رهاڪو هئا . شاهه صاحب جي قبر مٿان سنڌ جي مشهور حاڪم ، غلام شاهه ڪلهوڙي مقبرو ٺهرايو هو . khil sahi
ادا ڦؓلپوٽه فقير تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا لاکيڻي لطيف جي باري ۾ اهڙي ناياب معلومات ڏيڻ جا لک لائق۔
ادا وحيد ڦلپوٽا جُڙيو هُجين لطيف سائين جي باري ۾ اهڙي بهترين ڄاڻ ڏيڻ تي اسين تُنهنجا سڀ ٿورائتا آهيون. ادا اسان سنڌي هونئن ته لطيف سائين جا ديوانه آهيون پر بدقسمتي آهي، جو لطيف سائين جي ٻن يا ٽن بيتن کان وڌيڪ ڄاڻو ئي ڪين ان کانسواءِ لطيف رح جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڪافي سارن سنڌي دوستن کي ڄاڻ ڪانهي پر توهان جي هيءَ پوسٽ يقينن انهن اڻ ڄاڻ سنڌين جي معلومات ۾ کوڙ ساري ڄاڻ جي اضافي جو باعث بڻبي. مهرباني ادا وحيد