هڪ ڏينهن ٽي مختلف شعبن سان وابسطه ٽي انجنيئر گڏجي هڪ ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئا؛ هڪ اليڪٽرڪ انجنيئر، هڪ ڪيميڪل انجنيئر ۽ هڪ مائڪروسوفٽ (ڪمپيوٽر) انجنيئر اوچتو هلندي هلندي گاڏي بيهجي وئي، گاڏيءَ کي رستي جي پاسي سان لڳائي بيٺا سوچڻ ته هاڻ ڇا ڪجي ۽ هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ؟؟؟ اليڪٽرڪ انجنيئر پنهنجي ذهانت جو مظاهرو ڪندي چيو ته؛ هن ڪار جو اليڪٽرڪ نظام ڪٿي خراب ٿيو هوندو ... ڪيمياوي انجنيئر کي جيتوڻيڪ ڪار جي ميڪنڪي جي ڪا ڄاڻ نه هوندي به چيائين ته ممڪن ڪار جو پئٽرول جي ڪيمياوي خرابيءَ سبب ڪٿي رستي روڪ ٿي آهي، انڪري اسانکي پئٽرول جا رستا صاف ڪرڻا پوندا. سافٽ ويئر انجنيئر کي به ڪار جي ميڪنڪي ڄاڻ ته نه هئي پر تنهن هوندي به پنهنجو ذهن استعمال ڪندي چيائين ته؛ ڇونه اسين سڀ ونڊوز بند ڪري، ٻاهر نڪرون، ٻيهر سوارن ٿيون ۽ وري ونڊوز کوليون ته ممڪن گاڏيءَ جي اصلاح ٿي وڃي ....
جواب: ٽي انجنيئر مطلب ته دماغ رڳو سافٽ ويئر وارا انجنيئر ويڙهائيندا آهن۔۔۔ باقي ڪيميڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر اندازن تي هلندا آهن۔۔ واهه واهه۔۔۔
جواب: ٽي انجنيئر مطلب ته پاڻ نسواري انجنيئر ڪنهن ليکي ۾ نه آهيون. انجنيئر جو ڪم ئي هر شيءَ مان نقص ڪڍڻ آهي، نه ڪه ٺاهڻ. انجنيئر ته شاديءَ واري رات پنهنجي گهر واري مان به “Material unsuitable” چئي عيب ڪڍندو آهي۔
جواب: ٽي انجنيئر ٻيلي ۔۔۔! نسواري صاحب۔۔۔ اوهان ته وڏي شئي آهيو، ڪڏهن استاد ڪڏهن انجنيئر ۔۔۔ هل ڙي نسوار۔۔۔ وڏا اثر ٿي ڏيکارين سنڌين تي۔۔
جواب: ٽي انجنيئر بابلا، چوندا آهن ته هر خواهش پوري ناهي ٿيندي. ماستر ٿيڻ ته منهنجي ننڍپڻ جي خواهش هئي، جيڪا پوري نه ٿي. اڃان ته نسوار جا اثر ڏٺائي نه اٿئي، پنهنجي مستيءَ ۾ مست آهين.