ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي هڪ وزير طرفان هڪ بيان پڙهڻ لاءِ مليو ته سنڌ جي ناهل منسٽرس جي غلط حڪمتِ عملي ڪري جعفراآباد سميت بلوچستان جي ڪجهه علائقن کي ٻوڙيو ويو۔۔۔۔ اهڙن ئي لفظن سان ملندڙ جلندڙ لفظن سان تازو عمران ظفر لغاري (سينيئر ۽ بزرگ سياستدان ظفر لغاري جو نوجوان فرزند ۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاه مان پيپلز پارٽي جو چونڊيل ايم پي اي) جو روئندڙ انٽريو گذريو جنهن ۾ هُن دادو مان پيپلز پارٽي جي ئي چونڊيل نمائندن پير مظهر الحق ۽ رفيق جمالي تي آڱر کڻندي چيو ته انهن جي دير سان ڪيل جوهي برانچ کي ڪٽ لڳائڻ جي فيصلي سندس شهيدن جي شهر خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڙيو۔۔۔۔
ساڳيو ئي منهنجو به شهر آهي اتان کان اوڀر پاسي سيتاروڊ کان 2 ڪلوميٽر پهريان منهنجو ناناڻڪو ڳوٺ پريا آهي۔۔۔۔ جڏهن درياء جي بندن کي ٽٽڻ جو خدشو هيو ته منهنجي خاندان پنهنجي ڳوٺ ٽڳا جيڪو سيتاروڊ کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ ڏانهن دادو شگر ملز جي ويجهو ئي آهي مان پنهنجي ناناڻڪي ڳوٺ ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سوچيو هيو۔۔۔
ڪنهن جي خواب و خيال ۾ به نه هو ته صورتحال بلڪل ابتڙ ٿي ويندي۔۔۔۔ هن وقت مون پنهنجي مڪمل فيملي ڪراچي منتقل ڪئي آهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڙڻ کان پوءِ پاڻي جڏهن منهنجي ناناڻڪي ڳوٺ کي ٻوڙيندي سيتاروڊ ڏانهن وڌيو ته اتان جو خاندان عارضي طور منهنجي گهر ۾ منتقل ٿيو آهي پر تازو ئي سيتاروڊ سميت منهنجي ڳوٺ کي به خالي ڪرڻ جا اعلان ٿي رهيا آهن۔۔۔
ٻوڏن جي تاريخ ۾ ڪچو ۽ ڪاڇو ٻڏندي ته ٻڌو هيوسين پر هن دفعي سنڌ جي پڪي جا اهي علائقا جن سدائين اهڙين ٻوڏن کان ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن کي پناه ڏيندي ٻوڏن کان بچايو آهي کي به ٻڏندي ڏسي رهيا آهيون۔۔۔ پر ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته پس منظر ۾ اهي آواز صاف ٻڌڻ ۾ پيا اچن ته منهنجي علائقي کي منهنجن پنهنجن ماڻهن ٻوڙايو آهي۔۔۔۔
جيڪڏهن اهو درست آهي ته پو لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجهندڙ ضلعي دادو ۾ تبديلي جو وقت پري نه آهي۔۔۔ هاڻي عوام سمجهي ويندو ته واقعي به ڀٽو ۽ بي بي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن۔۔۔ تڏهن ته لطيف سرڪار فرمايو آهي۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=YrfpJJ6wAvE

ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيارن جو