سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو …؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو …؟​

    ليکڪ : صنوبر انڙ

    سڄيءَ دنيا جا ماڻهو ڪونه ڪو عقيدو رکن ٿا. ڪن جو ويساهه پاڻيءَ ۾، ڪنهن جو باهه ۾، ڪنهن جو بتن ۾ ۽ ڪنهن جو وري الله ۾ آهي. ڏٺو وڃي ته سڀئي ويساهه ۽ مذهب ان جي ڪري اختيار ڪيا ويندا آهن ته ماڻهو سڪون ماڻي. پوءِ ڪنهن کي سڪون نماز ۾ اچي ٿو، ته ڪنهن کي وري ڀڳوان آڏو جهُڪڻ ۾ اچي ٿو. ڪوبه دين جهيڙو جهٽو ۽ ويڙهه نه ٿو ڏسي ۽ نه ئي ڪو مذهب خراب آهي پر اسان مسلمانن جو اهو ايمان آهي ته اسلام سڀني مذهبن کان سچو ۽ مٿانهون دين آهي. عقيدي وارين ريتن رسمن جو رواج دنيا ۾ تمام گهڻو آڳاٽو آهي. جڏهن سنڌ ۾ اسلام ڪونه آيو هو ته سنڌوءَ درياهه جي پاڻي جي پوڄا به ڪئي ويندي هئي.“ ٿي سگهي ٿو ته اهڙي قسم جون رسمون اڃا به سنڌ ۾ ڪٿي جيئريون هجن، پاڻيءَ جي پوڄا جي رسم جي شاهه لطيف به شاهدي ڏني آهي ته.
    اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون​

    آڻيو آکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي (سر سامونڊي)​
    ماضيءَ ۾ جڏهن سمنڊ رستي سنڌ جي ماڻهن جو دنيا سان وڻج واپار هلندو هو ۽ هتان جا وڻجارا واپار لاءِ، پنهنجن ونين کي ڇڏي ويندا هئا ۽ تڏهن سندن وڻجاريون پاڻيءَ کي پوڄي باسون باسينديون ۽ پاڻيءَ ۾ عطر عنبير هارينديون هيون ته من سندن وَرَ سگها اچن.
    پاڻيءَ جي پوڄا واري رسم اڄ به هندستان جي ندين گنگا ۽ جمنا ۾ ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ڪوبه هندو مرندو آهي ته ان کي چکيا تي چاڙهي يعني باهه يعني باهه ۾ ساڙي، ميت جي ڇار درياهه ۾ لوڙهي ويندي آهي. جڏهن اسلام وڌيڪ پکڙجندو ويو ۽ ان جي تعليم وڌي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ حق جي ڳولا جو سلسلو تيز ٿيو ته صوفي بزرگن جنم ورتو. انهن اسلام جي روح کي سمجهي ماڻهن کي اهو ٻڌايو ته:
    روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،​

    اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي (شاهه)​
    سڄيءَ مسلمان دنيا ۾ صوفي بزرگن جو اهو سلسلو شروع ٿي ويو. ماڻهن جا ميڙ انهن بزرگن وٽ اچڻ لڳا. ماڻهن انهن بزرگن کي پنهنجي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ پوئي ڇڏيو. دنيا جو وهنوار انهن بزرگن جي ڏَسيل واٽ مطابق ڪرڻ لڳا. بزرگن جي مرڻ کانپوءِ مٿن مقبرا اڏي پنهنجو ڇوٽڪارو ڳولهڻ ۽ غرض پوريءَ ڪرڻ لاءِ انهن کي واهه وسيلو بڻائڻ لڳا. ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي پکيڙ لاءِ جيڪو ڪم درپيش ڪيو آهي. ان جو مثال نه ٿو ملي. هندستان ۾ نظام الدين اولياءُ، خواجا معين الدين چشتي رحمة الله عليه ۽ ٻيا، پاڪستان جي پنجاب صوبي ۾ بابا فريد گنج شڪر، بابا بلي شاهه، شاهه حسين وارث شاهه ۽ سنڌ ۾ ته صوفي درويش جي وک وک تي مزار آهي. درازن ۾ سچل سرمست، ڀٽ تي شاهه لطيف، بلڙيءَ ۾ شاهه ڪريم، جهوڪ ۾ شاهه عنايت، سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز، هالن ۾ مخدوم نوح، لنواريءَ ۾ خواجا محمد زمان، گرهوڙيءَ ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، روهڙيءَ ۾ بيدل، سکر ۾ صدر الدين بادشاهه، لاکو پير، شڪارپور ۾ ٻڍل فقير، ٺٽي ۾ محمد هاشم ٺٽوي، عبدالله شاهه اصحابي، ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازي مطلب ته سنڌ جي اٽڪل هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ پيرن فقيرن جو ڪو ديرو آهي ئي آهي. تڏهن ئي ته سنڌ کي پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري چوندا آهن.
    پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري​

    آخر سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو آهي؟ ان جو هڪڙو جواب ته اهو آهي ته ماڻهو اسلام سان محبت ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه آلهِ وسلم جي اولاد ۽ ان تائين پهتل ٻانهن ۾ جنون جي حد تائين عقيدت رکن ٿا. هو مرشد جي هڪ اشاري تي جان به گهوري ڇڏيندا آهن. ٻيو اهو آهي ته هتان جي صوفي بزرگن سنڌ ۾ اڳ موجود ٻڌمت ۽ اسلامي تصوف کي گڏي هڪ وچين راهه اختيار ڪئي، جنهن ۾ هنن وٽ رڳي انسانيت جي عظمت ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي ڳالهه هئي. ڪنهن جي به دل ڏکائڻ پاپ سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ لفظ ”پاپ“ ٻڌمت جي ڇڏيل هڪ نشاني آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گناهه“. ٻڌ ڌرم ۾ ڪنهن به ساهواري کي ستائڻ پاپ سمجهيو ويندو آهي. ساڳي ڳالهه اسلام ۾ به آهي ته اوهان ڪنهن تي ظلم نه ڪريو.
    هتي هي صوفي بزرگن انساني اتحاد کي جنم ڏنو. شاهه لطيف گيڙو ڪپڙا پائي هندو جوڳين سان گڏجي سير سفر ڪندو رهيو. سندس خاص مريد ”مدن“ واڻيو هو، لڳ ڀڳ شاهه لطيف واري زماني ۾ ئي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ شاهه عنايت، جهوڪ شهر ۾ ديرو ڄمايو، جتي هندن توڙي مسلمانن جا روزانو ڪٽڪ اچڻ لڳا ۽ هڪ اتحاد جڙڻ لڳو، جنهن کي هتان جي ظالمن ۽ ان وقت جي مغل حاڪمن نه سَٺو ۽ نيٺ دوکو ڪري شاهه عنايت کي شهيد ڪيائون.
    هند ۽ سنڌ ۾ رهندڙ انسانن جو باقاعدي اتحاد منصور ثانيءَ حضرت سچل سر مست قائم ڪيو، جنهن وڏي واڪي حق جو هوڪو ”انَاالحق“ يعني مان پاڻ حق آهيان، جنهن اهو به چيو ته:
    سچل سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪُل
    الف مان آدم ٿيو، ڪري هنگامون هل
    هندو، مومن سو ٿيو، ڀل نه ڪنهن ٻي ڀل
    خلق الاشيا فهو عينها، اهو آڻ عمل
    ٿج گلابي گل، مر مارني منصور جيان​
    دنيا ۾ اڍائي قلندر ٿي گذريا آهن، هڪڙو بو علي قلندر، ٻيو شهباز قلندر ۽ اڌ قلندر بيبي رابعا بصريءَ کي چوندا آهن. اڍائن قلندرن مان هڪڙو قلندر اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ آهي. سڄيءَ دنيا مان ماڻهو سندس مزار تي حاضري ڀريندا آهن، ان کانسواءِ سندس نعرا هنڌين ماڳي هنيا وڃن ٿا، جيڪي عقيدتممند ٺاهيا آهن. سندس نعرن مان هيءُ نعرو ته تمام گهڻو مشهور آهي.
    هو هو ….. هو قادري قلندر ….. مست ….. مست
    اسان جي سماج ۾ پيرن فقيرن جو تمام گهڻو مانُ ۽ عزت ڪئي ويندي آهي. اسان وٽ هر مسئلي جو حل پير کي سمجهيو وڃي ٿو. اوهان ڏٺو هوندو ته پيرن جون درگاهون سوالين سان ڀريون پيون هونديون آهن. سوالين ۾ گهڻائي عورتن جي هوندي آهي. عورتون پنهنجي علاج لاءِ سڳي ڌاڳي ۽ ٽوڻي ڦيڻي لاءِ درگاهن ۽ پيرن جي حويلين ۾ وينديون آهن. اسان وٽ عقيدت جو ايڏو انڌ آهي جو جيڪڏهن مينهن گهڻو کير نه ڏيندي يا نه مِڙندي ته ان کي گاهه ڏيڻ جي بدران دعائون پياريون وينديون آهن. ڳوٺن ۾ ڪن ماين ۽ ٻارن کي اهڙي بيماري به ٿيندي آهي. جنهن ۾ هو جهوليندا آهن. ڊاڪٽر ان بيماري لاءِ چون ته اها(Hysteria) آهي. جڏهن ته ماڻهن جو عقيدو ۽ پيرن فقيرن جو چوڻ هوندو آهي ته جهولڻ بيماري نه پر ”جن يا ڀوت“ آهي. يا وري ڪنهن ”ديو“ جو پاڇو آهي. اهڙي قسم جي بيماري ڪنوارين عورتن ۾ گهڻي ڏٺي وئي آهي. جن يا ڀوت ڪڍرائڻ لاءِ مريضن کي پيرن فقيرن جي درگاهن ۽ حويلين تي وٺي وڃبو آهي. جتي مريض ڏاڍو جهوليندا آهن. جهولائڻ لاءِ بينون به وڄايون وينديون آهن، ڪن عورتن کي ته اها بيماري واقعي هوندي به آهي ته وري ڪي هروڀرو مِنهن به ڪنديون آهن. هو اهڙي قسم جا مِنهن ڪري مستيءَ ۾ اچي مڙسن يا ٻين مائٽن کي چونديون آهن ته ”فقير ٿو چئي ته مون کي قلندر يا ڀٽائيءَ تي وٺي هل! نه ته ڪنڌ ڀڃندو مانءِ.“
    پوءِ مرد ويچارا ڊڄي کڻي عورتن جا حڪم مڃيندا آهن، جڏهن جن يا ڀوت وارو ماڻهو جهولي جهولي ٿڪبو آهي ته پوءِ ان کي پڻيءَ جو پيالو پياريو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته بس فقير! رحم بابا رحم! اهي جنن ۽ ڀوتن جا وهم اٽڪل سڄيءَ دنيا ۾ آهن. جنن ۽ ڀوتن جي هجڻ جي ته قرآن پاڪ به شاهدي ڏئي ٿو، پر انهن جي انسان تي اثرن لاءِ مختلف رايا آهن.
    سنڌ ۾ ٽوڻي ڦيڻي ۽ جهاڙ وغيره جو رواج عام آهي، دوا جي جاءِ تي دعائون پيتيون وينديون آهن. اهڙي قسم جو هڪ سچو واقعو جيڪو منهنجي مشاهدي ۾ آيو، سو هن ريت آهي ته:
    ”خيرپور ضلعي جي شهر راڻي پور ۾ گهڻي عرصي کان ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ ڏاڍو مشهور ڊاڪٽر آهي ۽ الله سائينءَ سندس هٿ ۾ ڏاڍي شفا به رکي آهي. هن وٽ جنهن مريض کي چٺ يعني وارو مليو ته اهو پاڻ کي تمام گهڻو ڀاڳوارو سمجهندو آهي. سو هڪ ڳوٺاڻو ان وٽ دوا وٺڻ آيو. ڊاڪٽر صاحب هن جي طبيعت ڏسي پرچيءَ تي دوا لکي. چيائنيس ته ڪمپائونڊر کان دوا وڃي وٺ. مريض اها ڳالهه نه سمجهي. هو چٺي کڻي ۽ ڳوٺ روانو ٿيو. رستي تي هڪ هنڌ مٽي، (مَٽ ۽ دلا) رکيل هجن، همراهه اتان پاڻي ڀري ان ۾ ڊاڪٽر جي لکيل دوا واري چٺي وجهي ڌوئي پي ڇڏي. جڏهن مريض گهر پهتو ته پڇيائينس ته ڏي خبر دوا وٺي آئين؟ چيائين ها، تنهن تي پڇيائينس ڪٿي آهي؟ چيائين اها ته مون ”آلوءَ واري مٽيءَ“ تي ڌوئي پي ڇڏي ۽ هاڻي مان چاڪ آهيان. بخار ختم ٿي ويو.“
    ان واقعي مان اندازو لڳايو ته اسان جا ماڻهو ڪيڏا نه سادا سودا ۽ اٻوجهه آهن. ڪيترا ٺڳ ته وري ٽوڻن ڦيڻن جي بهاني ماڻهن کي ڦري به ويندا آهن. ڪيترن ٺڳن سچن ۽ حقيقي بزرگن کي به بدنام ڪيو آهي.
    سنڌ ۾ باس باسڻ جو رواج ڏاڍو پراڻو آهي. ڪجهه ماڻهن جي اها عقيدت هوندي آهي ته فلاڻو پير يا فقير کين پٽ يا ڌيءُ ڏيندو.
    هر شئي الله سائين جي هٿ ۾ آهي. پير فقير به ان کي ئي ٻاڏائيندا آهن. ماڻهو پيرن فقيرن تي ڪيترن ئي قسمن جون سکون باسيندا آهن، جهڙوڪ پڙ ۽ پاٽ ڪٽي جي دهلين دمامين، ٻڪر ۽ مڻ چانور، مطلب ته هر ڪو پنهنجي وس ۽ وت آهر باس باسيندو آهي. باس باسڻ جو هڪ طريقو ته اهو آهي جو پير يا فقير جي قبر مٿان پيل ڪپڙي، جنهن کي پڙ چوندا آهن، ان جي ڪنڊ ٻڌي ويندي آهي يا وري مايون ڪنهن جاءِ تي سڳو يا ڌاڳو يا وري مزار جي چوکنڊيءَ ۾ ڪوتالو بند ڪري وينديون آهن. پوءِ جڏهن ڪنهن جي پڄندي آهي ته پنهنجي ڏنل ڳنڍ، ڌاڳي يا تالي کي کوليو وڃي ٿو، ڌاڳا يا اڳڙيون گهڻو ڪري درگاهن ۾ بيٺل وڻن ۾ به ٻڌيون وينديون آهن. ان کانسواءِ درگاهن تي ننڍڙيون پاڃاريون پڻ رکيون وينديون آهن. لکيل دعائون جڏهن مرض ڇڏي ويندو يا وري پراڻيون ٿي وينديون آهن ته مايون انهن کي پاڻيءَ ۾ لوڙهي يا ڪنهن وڻ ۾ ٻڌي ڇڏينديون آهن.
    سنڌ ۾ هر پير يا فقير جي مزار تي هروقت ميڙو متل هوندو آهي. خاص ڪري جمعي جي رات وڌيڪ رنگ هوندو آهي. مختلف پيرن تي مختلف ڏينهن خاص هوندا آهن. ماڻهو درگاهن جو پاڻي پي ۽ مٽي يعني خاڪ کائي ڏاڍو سڪون ماڻيندا آهن. نياز ۽ ننگر تبرڪ سمجهي کاڌا ويندا آهن. چانهه جنهن کي درگاهه تي سبيل به چوندا آهن ڏاڍيءَ سڪ سان پيتي ويندي آهي. پاڻيءَ کي پڻ سبيل چيو ويندو آهي. بزرگن جي مزارن تي تل پڻ ٿيندا آهن. ڪيترن هنڌن تي خاص قسم جا ننگر ٿين ٿا. ننگر ۾ هر شئي مثال: سبزيون، چانور، گوشت، داليون مطلب ته جيڪا به شئي ايندي سا وِڌي ويندي آهي. عقيدتمند ان کي ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. ننڍي کنڊ ۾ بزرگن جو ايترو اثر آهي جو ڪيترن ادارن جا نالا سندن نالن پٺيان آهن. مثال بهاءُ الدين ذَڪريا يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، سچل سرمست ڪاليج راڻيپور وغيره. ڪيترائي معاهدا انهن جي نالن تي ڪيا ويندا آهن. ماڻهو انهن بزرگن جا قسم اسم به کڻندا ۽ انهن جي مناسبت سان پنهنجي اولاد تي نالا به رکندا آهن. جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي قلندر شهباز تي باس باسڻ کان پوءِ پٽ ٿيو ته نالو رکندس، قلندر بخش، ائين پير بخش، لطيف ڏنو وغيره وغيره.
    پيرن ۽ فقيرن جي سڪ ۽ عقيدت ۾ ماڻهن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٺاهيون آهن. سندن شان کي ڳائڻ ۽ سک کڻڻ کانسواءِ زيارتيون به ڪيون وينديون اهن. جڏهن ڳالهه عقيدي جي هوندي آهي تڏهن سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ ڏکي ٿي پوندي آهي. جيئن ته اسان جي مذهب ۾ سک کڻڻ صحيح ناهي، ماڻهو عقيدي ۾ الائي ڇا ڇاچوندا ۽ ڪندا آهن؟ سنڌ مان ماڻهو لاهوت لامڪان (بلوچستان) ويندا آهن. جتي بزرگ شاهه بلاول نورانيءَ جي مزار تي حاضري ڀريندا آهن. هتان جيڪي به ويندا آهن، سي شاهه نورانيءَ جو روٽ خريد ڪري کائيندا ۽ ورهائيندا آهن. اهو روٽ شاهه نورانيءَ جي مچ (باهه) ۾ پچي تيار ٿيندو آهي، مچ چوويهه ڪلاڪ ئي ٻرندو رهندي آهي. ان کانپوءِ ماڻهو لاهوت لامڪان روانا ٿيندا آهن ۽ شاهه نورانيءَ جي ڪرامتن کي واکاڻيندا ۽ شان کي ڳائيندا آهن.
    اسان وٽ جيڪي به پير فقير آهن، انهن جون ڪرامتون مختلف چيون وڃن ٿيون، مان عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جا ماڻهو پيرن فقيرن کي شفا ڏيندڙ سمجهندا آهن، سو مختلف مرضن لاءِ مختلف پيرن ۽ فقيرن کي شفا ڏيندڙ سمجهيو ويندو آهي جيئن ڊاڪٽر (Specialists) آهن، تيئن پيرن لاءِ به مشهور آهي ته فلاڻي پير وٽان فلاڻي مرض جي شفا ٿيندي آهي ۽ فلاڻي وٽان ٽِيرو مرض ختم ٿيندو آهي. جيئن، ڪراچيءَ ۾ ڪارساز وٽ جمن شاهه بادشاهه جي مزار تي خارش جي علاج لاءِ ماڻهو وڃن، گهوڙا ٻاريءَ ۾ لڪيءَ وارو پير آهي، جنهن کي اڌ رنگي مان جند ڇڏائيندڙ چون ٿا، جڏهن ماتا جو مرض هو تڏهن مايون شفا جي لاءِ ليمارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ ستين جي درگاهه تي وينديون هيون. جيڪڏهن ڪنهن کي سئي يا ڪنڊو چڀي وڃي ته ٺٽي جي بزرگ شاهه مبين شاهه عرف ڪنڊي واري پير وٽ ويندو آهي. ماڻهو اولاد جي لاءِ مولانا عبدالرحمان عرف ملان لٽو جي مزار تي وڃن ٿا. اولاد جي لاءِ ٻين بزرگن تي به ماڻهو ويندا آهن. ماڻهو حافظي تيز ڪرائڻ لاءِ ٺٽي ۾ شاهه ابراهيم جيلانيءَ جي مقبري تي حاضر ٿيندا آهن. جيئن عام ماڻهن جي عقيدي موجب مختلف پير فقير الڳ الڳ مقصد پورا ڪندا آهن. تيئن سندن در تي دعا گهرڻ ۽ باس ڏيڻ جا طريقا به الڳ هوندا آهن. مولانا عبدالرحمان عرف ملان لٽر جيڪو مزاحيه ٽوٽڪن جي حوالي سان به مشهور آهي، تنهن ۾ ماڻهن جو عقيدو آهي ته جيڪو به ملان لٽر جي مزار تي وڃي پنهنجي کِلَ بيهاري سگهيو ته مطلب پورو ٿي ويندس. ڇو ته ملان لٽر جي قبر اهڙي قسم جي آهي جو ڏسي ماڻهو کِلي ويهندا آهن. شاهه عقيق تي جيڪو به به ملان لٽر جي مزار تي وڃي پنهنجي کل بيهاري سگهيو ته مطلب پورو ٿي ويندس، ڇو ته ملان لٽر جي قبر اهڙي قسم جي آهي جو ڏسي ماڻهو کلي ويهندا آهن. شاهه عقيق تي جيڪو به ماڻهو سوال کڻي ويندو آهي تنهن کي اتي رات رهڻي پوندي آهي. ماڻهن چواڻي رات جو خواب ۾ اشارو ٿيندو آهي.
    سنڌ ۾ جتي پيرن فقيرن کي مڃيو وڃي ٿو، اتي بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه به ڏٺي وئي آهي ته نشي آور ماڻهن جو گهڻو تعداد به اسان کي ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، جنهنڪري زيارتي اتي اچڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ هو زيارت کان محروم ٿي ويندا آهن جڏهن ته ٻئي طرف ان سبب جي ڪري ئي چوريون چڪاريون به ٿين ٿيون، چوري ٿيڻ کاسواءِ ٻيون به اخلاقي برايون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، هڪ ته فقيرن جي بي پناهه رش جي ڪري گهڻيون ڏکيائون پيش اينديون آهن ته ٻئي طرف وري عورتن جي وڪري وارو ڪاروبار به اتي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڏينهون ڏينهن عام ٿيندو پيو وڃي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته؟ اسان جي ماڻهوءَ کي پنهنجي فرض شناسي ڪڏهن ٿيندي؟ انهن سببن جي ڪري اتان جو تقدس پائمال ٿئي ٿو، ته هتي پاڪ جاين تي اهڙي قسم جي ماڻهن جي اچ وڃ عام جام آهي. اسان اوقاف کاتي کي چوندا سين ته ان جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي ۽ سياحت ۽ ثقافت جي اعليٰ عملدارن کي گهرجي ته هو ان صورتحال کي سنجيدگيءَ سان وٺن ته جيئن اهي مسئلا ترت حل ٿي سگهن.
    سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ماڻهو بزرگن سان وڏي عقيدت رکن ٿا ۽ انهن جي شان ۾ ڳائيندا ۽ کانئن مدد گهرندا آهن. انهن جي وسيلي الله سائين ماڻهن جي مدد به ڪندو آهي، جيئن ڀٽائيءَ سائينءَ لاءِ عقيدتمندن هيءُ گيت جوڙيو ته:
    ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پڄايون،
    منهنجون تو پڄايون، من جون مرادون، دل جون اميدون​
    .“

    بشڪريه روزانه عبرت اخبار
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو …؟

    صنوبر انڙ پاڻ ڪيتري سچي آهي دين سان۔۔۔۔۔؟
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو …؟

    ادا ممتاز هي ليک ونڊڻ تي آءُ اوهان جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان
    يقينن هن وقت ڏاڍي ضرورت هئي فورم تي اهڙي ليک جي
    مهرباني ادا
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ ۾ ايڏي پير پرستي ڇو …؟

    ادا بهترين مضمون تي اوهان کي مبارڪ باد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو