نثارابڙو
نائب منتظم
اڄ زاهد ميراڻي جي فيس بڪ تي ٽيگ ٿيل مختصر ڪهاڻي پڙهندي سائين منصور ڏاهري جو ونڊ ڪيل هي گيت نظر کان گذريو ۔۔۔ جنهن ۾ شاعر سنڌو درياه جي موجوده ڏاڍائي کي سنڌ جي سردارن سان ڀيٽ ڏني آهي۔۔۔ پڙهڻ ۽ سوچڻ جو مقام آهي ۔۔۔ انڪري اوهان دوستن سان ونڊ ڪريانٿو
____________
هي سنڌو سارو
...اڄ لڳي ٿو
ڏاڍي ماڻهوءَ جي ڄڻ پاسي
ڪيرٻڌائي چرچ ڪنهن جي آ
هي ڇوليون رهزن ٽولو ڪنهن جو
ڦرلٽ ساريون
زندگيون پياريون
هو ڪُنَ تي ترندڙ چولو ڪنهن جو
ڪالھ رئيس وڏيري جي جرڳي ۾
ٿيا جاري حڪم قيامت جا
ساڙيو گهر برسٽ هلايو
ٻاريو ننڍڙن ٻارن کي
۽ اجاڙيو
ڳوٺ جي رستن چارن کي
تعليم کسي ۽ صحت ڦري وئي
هر ماڻهوءَ کان محبت ڦري وئي
بندوق جو ڀاڪر ڪلچر اهڙو
وک وک وحشي جاڳي پيو ٿو
۽ وٽي شهپر شور ڪري ٿو
انسانيت جو ڪوس ڪري ٿو
پر ماڻهو ڏاڍو سادو آهي
ڇا پاڻ سان پاڻ ڪري ٿو
سڱ چٽيون ۽ ڏنڊ ڀري ٿو
سردارسڳوري جون ساروڻيون
انسان مارائي انگ ڳڻي ٿو
نينگر نياڻيون ننگ ڳڻي ٿو
جنهن ڪچو پڪو ڀينگ ڪرايو
امن وڃائي ديس لڄايو
اڄ ڀي سنڌ لڄاري آهي
ماڻهوماڻهوءَ ماري آهي
سردار ۽ سنڌوءَ ۾ فرق ڪهڙو آ ؟
ڪالھ
راڄ ڌڻيءَ رئيس وڏيري
راڄ مارايو تر تپايو
اڄ
سنڌوءَ ساري سنڌ اُجاڙي
ٻوڙي ٻوڙي مارو ماريا
معصوم حياتيون کاڄ بڻايون
سردار سندو ساٿاري بڻجي
پنهنجي پيٽان ڪٽ هڻائي
ٽوڙيءَ کان ٽلٽيءَ تائين
ساد ٻيلي ۽ ٺٽي تائين
ديس سان دهشتگردي ڪئي آ
ٿي اُجڙ ساري سنڌ وئي آ
هن سنڌ سانحيءَ جو
ڪو جرڳو ٿيندو ؟؟؟
ورکان کسيل ونيءَ جو عيوضو ڪهڙو؟
ٿيل ڀينگ ٻنيءَ جو عيوضو ڪهڙو؟
ڪُنن ڪُک ۾ لاش لڙهن پيا
معصوم ٻاڪاري بک مرن پيا
ڇا تن لاءِ ڪا چرڀيلي ٿيندي
ِ وري به سنڌ اڪيلي ٿيندي ؟
ڇو ته سردار ۽ سنڌو ساٿاري آهن
اڄ ڀي ٻنهي جو راڄ ڏسون پيا
۽ ماڻهو سندن کاڄ ڏسون پيا
ها! پر دوستو توهان ٻڌايو
اڄ سردار ۽ سنڌوءَ ۾ فرق ڪهڙو آ ؟
هي سنڌو سارو
...اڄ لڳي ٿو
ڏاڍي ماڻهوءَ جي ڄڻ پاسي
ڪيرٻڌائي چرچ ڪنهن جي آ
هي ڇوليون رهزن ٽولو ڪنهن جو
ڦرلٽ ساريون
زندگيون پياريون
هو ڪُنَ تي ترندڙ چولو ڪنهن جو
ڪالھ رئيس وڏيري جي جرڳي ۾
ٿيا جاري حڪم قيامت جا
ساڙيو گهر برسٽ هلايو
ٻاريو ننڍڙن ٻارن کي
۽ اجاڙيو
ڳوٺ جي رستن چارن کي
تعليم کسي ۽ صحت ڦري وئي
هر ماڻهوءَ کان محبت ڦري وئي
بندوق جو ڀاڪر ڪلچر اهڙو
وک وک وحشي جاڳي پيو ٿو
۽ وٽي شهپر شور ڪري ٿو
انسانيت جو ڪوس ڪري ٿو
پر ماڻهو ڏاڍو سادو آهي
ڇا پاڻ سان پاڻ ڪري ٿو
سڱ چٽيون ۽ ڏنڊ ڀري ٿو
سردارسڳوري جون ساروڻيون
انسان مارائي انگ ڳڻي ٿو
نينگر نياڻيون ننگ ڳڻي ٿو
جنهن ڪچو پڪو ڀينگ ڪرايو
امن وڃائي ديس لڄايو
اڄ ڀي سنڌ لڄاري آهي
ماڻهوماڻهوءَ ماري آهي
سردار ۽ سنڌوءَ ۾ فرق ڪهڙو آ ؟
ڪالھ
راڄ ڌڻيءَ رئيس وڏيري
راڄ مارايو تر تپايو
اڄ
سنڌوءَ ساري سنڌ اُجاڙي
ٻوڙي ٻوڙي مارو ماريا
معصوم حياتيون کاڄ بڻايون
سردار سندو ساٿاري بڻجي
پنهنجي پيٽان ڪٽ هڻائي
ٽوڙيءَ کان ٽلٽيءَ تائين
ساد ٻيلي ۽ ٺٽي تائين
ديس سان دهشتگردي ڪئي آ
ٿي اُجڙ ساري سنڌ وئي آ
هن سنڌ سانحيءَ جو
ڪو جرڳو ٿيندو ؟؟؟
ورکان کسيل ونيءَ جو عيوضو ڪهڙو؟
ٿيل ڀينگ ٻنيءَ جو عيوضو ڪهڙو؟
ڪُنن ڪُک ۾ لاش لڙهن پيا
معصوم ٻاڪاري بک مرن پيا
ڇا تن لاءِ ڪا چرڀيلي ٿيندي
ِ وري به سنڌ اڪيلي ٿيندي ؟
ڇو ته سردار ۽ سنڌو ساٿاري آهن
اڄ ڀي ٻنهي جو راڄ ڏسون پيا
۽ ماڻهو سندن کاڄ ڏسون پيا
ها! پر دوستو توهان ٻڌايو
اڄ سردار ۽ سنڌوءَ ۾ فرق ڪهڙو آ ؟