حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي وارو تحقيق ۽ تاليف: محمد اڪرم ڀٽي ٽنڊو محمد خان صوفين، برزرگن ۽ اوليائن جي وادي مهراڻ جي ڌرتيءَ تي هونئن ته کوڙ ساريون شخصيتون جنم وٺي چڪيون آهن جن جي قول، فعل ۽ ڪردارتوڙي عظمت، انهن شخصيتن جي جڳ مشهور شهرت ئي آهي پر انهن جي اعلى ڪردارن سبب خود سنڌ ڌرتيءَ کي به انهن تي فخر رهيو آهي، اهڙن عظيم ۽ اعلى مرتبي وارن انسانن ۾ ”حضرت شاهه عبدالڪريم رح “جو شمار به ٿئي ٿو، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا تڙ ڏاڏا هئا، شاهه ڪريم پنهنجي دؤر جو عظيم ۽ صابرين درويش بزرگ توڙي سنڌ جي وڏي اوائلي شاعر طور پڻ سُڃاتو وڃي ٿو. ڪُتا قريبن جا دعوى رکي مَ دڙ جن سيکارئي وڙ ٿو ڏند ڏيکارين تن کي! (شاهه ڪريم) شاهه ڪريم رح لال محمد عرف لله شاهه جي گهر ۾ 20 شعبان 944 هجري مطابق 1538ع تي جنم ورتو، پاڻ ننڍا هئا ته سندس والد گذاري ويو ۽ پوءِ هن جي پرورش سندس ڀاءُ جمال شاهه ڪئي، پاڻ مدرسي ۾ ڪجهه عرصو پڙهيا پر سندس ذهن، دل ۽ دماغ ۾ صوفيت ۽ فقيريت وارو جذبو موجود هو جنهن ڪري هواڪثر صوفياڻي محفلن ۽ سماع ۾ هليا ويندا هئا، روايت آهي ته جنهن وقت شاهه ڪريم رح جو نڪاح ٿيڻ وارو هو ان وقت به پاڻ سماع جي محفل ۾ ويٺل هئا جتان سندس ڀاءءُ جمال شاهه کيس وٺي آيو ۽ پوءِ نڪاح پڙهايو ويو، پاڻ مخدوم نوح جهڙي جيد عالم ۽ بزرگ کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ان جي ارشاد موجب ئي هن لاڙ طرف اچي سڪونت اختيار ڪئي.ٻيو ته لاڙ پٽ ۾ سندس والد محترم لال محمد شاهه جا مريد به تمام گهڻا هوندا هئا، پوءِ باقي سڄي ڄمار هتي ئي گذاريائين، تڏهن بُلڙي کي للاڻي ۽ پوءِ سعيد پور به سڏيو ويندو هو. وانء للاڻي لوءِ جت ولايت وَنڊ ٿئي شاهه ڪريم رح جو خانداني پس منظر* سادات جي هن خانزادي جو تعلق ۽ شجره نسبت حضرت موسى ڪاظم کان ٿيندو امام عالي مقام مظهر العجائب حضرت علي ابن ابي طالب سان وڃي ملي ٿو. سادات جو سلسلو صدين جي مسافت کان پوءِ جزيره نما عرب ، شيراز ۽ ترمذ کان ٿيندو افغانستان جي صوبي هرات ۾ اقامت پذير هو، جتان سيد لعل محمد شاهه جو جد امجد سيد حيدر شاهه بن سيد امير شاهه صاحب امير تيمور جي دؤر ۾ 801 هجري ڌاري سنڌ ۾ وارد ٿيا اتان ئي هن خاندان جو سلسلو متعلوي(مٽياري) سادات جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ مٽياري ۾ آباد ٿيا جتان کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيا. جتي سيد شريف الدين جي اولاد مان لال محمد شاهه جي گهر م 944 هجري ۾ شاهه ڪريم جنم ورتو جيڪو بعد ۾ لاڙ طرف بُلڙي ۾ آيو ۽ سموري حياتي اُتي ئي گُذاري. *شاهه ڪريم رح جي زندگي* حضرت شاهه ڪريم رح سموري حياتي فقر ۽ فاقي ۾ گُذاري، سندس گُذران پوکي ۽ آبادگاريءَ تي هو، آمدني قليل هوندي به سوالين جي حاجت مندي ضرور پوري ڪندا هئا، مرقع اخلاق، مجسمه علم ۽ حلم هئا، ڪنهن به روايتي مدرسي يا مڪتب کان علم حاصل ڪونه ڪيائون پر علم سان مالا مال، سندس صبر، استقامت ۽ حلم اڄ به سڄي سنڌ ۾ ضرب المثل آهي ڪاوڙ ۽ چڙ کي اصل ماري ڇڏيو هئائون. هڪ مشهور روايت آهي ته ڪجهه ماڻهن آزمائش خاطر سندس نار مان وهندڙ ڍڳا کولي ڇڏيا هئا ۽ اڏ جي پاڻيءَ کي جهنگ ۾ کولي ڇڏيائون ۽ سوال ڪرڻ تي رخسار مبارڪ تي چماٽ هڻي ڪڍيائون پر بجاءِ ڪاوڙ ۾ اچڻ جي چيائون ته ميان مناسب ڪيو اٿئو، آئون انهيءَ جو حقدار هئس، گستاخ نهايت شرمنده ٿيا ۽ پشيماني سان معافي جا طلبگار ٿيا۽ پڇيائون ته سائين اوهان جو چوڻ” ميان مناسب ڪيو اٿَوَ“ جوڪارڻ ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته آئون خود غرضي جو مرتڪب ٿي رهيو هئس، ڍڳا ڪافي وقت کان نار ۾ وهي رهيا هئا ۽ ٿڪي چُڪا هئا پر مونکي رحم ڪونه آيو اوهان رحم جي احساس مان ڍڳن کي ڇوڙي ڇڏيو، مون خودغرضي مان پنهنجي ٻنيءَ جي آبياري پئي ڪئي پر اوهان خُدا جي ٻنيءَ يعني جهنگ ۾ اَڏَ لوڙهي پاڻي ڏنو ، سٺو ڪيو جو ٻن خودغرضين جي سزا اوهان مون کي ڏني تنهنڪري اوهان مناسب ڪيو. *شاهه ڪريم رح جي شاعري* شاهه ڪريم جي سموري شاعري اساسي شاعري آهي جيڪا سنڌي زبان ۾ قاضي قادن کان پوءِ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو بنياد پڻ شاهه ڪريم جي شاعري آهي، روايت آهي ته شاهه لطيف رح سان ٽي ڪتاب 1. قرآن شريف2. مولانا رومي جي مثنوى 3 شاهه عبدالڪريم رح جو ڪلام ” بيان العارفين وتنبيهه الغافلين“ هروقت موجود هوندا هئا.سندس شاعري ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، عمر مارئي، سسئي پنهون جو ذڪر ملي ٿو، شاهه ڪريم رح جي شاعري تصوف جي ڳوُڙهن رازن ۽ رمزن سان ٽمٽار آهي مثال طور: ـــ جي جاڳندي من ۾ ستي پڻ سيئي من پريان نيئي ، پڳهيو پاڻ ڳري.جي پُڇڻا سي نه مُنجهڻا، جي پُڇڻ سي وير جو لکڻ منجهه ماڻهين، سو مکڻ منجهه کير. پاڻيهاري سر ٻهرو، جَر تي پکي جيئن،اسان سڄن تيئن، رهيو آهي روح ۾. شاهه صاحب جو اڪثر وقت عبادت، رياضت ۽ غريبن جي خدمت ۾ گذرندو هو، روايت آهي ته شاهه ڪريم وقت جي ارغون حاڪمن وٽ غريبن جي سفارش واسطي ويندا هئا، پاڻ هميشهه ڪاري ويس ۾ زيب تن رهندا هئا،بيان العارفين مطابق پاڻ فرمائيندا هئا، ته فقير کي ڪارو ويس پائڻ گهرجي. ڪاڻياريون ڪي ڪن، عمر اڇا ڪپڙا جني جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن. *بُلڙي تي شاهه ڪريم جو نالو پوڻ* چيو وڃي ٿو ته هر ماڻهو جي ذهن ۾ مائي بُلڙي جو نالو عام هو، ان ڪري للاڻي يا سعيد پور نالن شهرت نه ورتي ۽ هن شهر تي بُلڙي نالو پئجي ويو، جنهن کي بعد ۾ ملائي شاهه ڪريم سان منسوب ڪيو ويو. هڪ روايت اها به آهي ته مائي بُلڙي شاهه ڪريم جي دؤر جي آهي پر ڪي تاريخ دان ان روايت کي غلط سڏين ٿا ڇو ته مائي بُلڙي جو ذڪر خود شاهه ڪريم جي رسالي بيان العارفين جيڪو شاهه جي وصال کان 6 سال پوءِ لکيو ويو ان ۾ ان جي موجود هئڻ جو ذڪر ناهي، ٻيو ته ” جنت السنڌ“۾ ابن حوقل جي نقشي 342 هجري مطابق 943ع ، ان ۾ بُلڙي جو نالو ڏنو ويو آهي.آخر هي ولي ڪامل، مجسم اخلاق، صبر و رضا جو پيڪر، همه صفت شاعر88 ورهين جي ڄمار ۾ مغرب جي وقت آچر جي ڏينهن 7 ذوالقعد1032 هجري ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، شاهه ڪريم رح کي اٺ پُٽ، ٽي نياڻيون، هيون، سندس وصال کان پوءِ سندس وڏو پُٽ سيد دين محمد شاهه سجاده نشين ٿيو ۽ اهو سلسلواڄ ڏينهن تائين سندس اولاد ۾ هلندو پيو اچي، موجوده سجاده نشين سيد صاحبڏنه عرف سيد اعجاز حسين شاهه آهي، شاهه ڪريم جي مزار پراڻي سعيد پور ۽ موجوده شاهه ڪريم تعلقو ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ واقع آهي ۽ لکين عقيدتمندن جي لاءِ باعث فيضان آهي. *شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي بُلڙي آمد* شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح 1154 هجري ۾ شاهه ڪريم جي مزار جو مقبرو تعمير ڪرايو جنهن ۾ استعمال ڪيل سرون ملتان مان گهرايون ويون، شاهه لطيف رح بُلڙي ۾ ٻه سال رهيو ۽ موجوده درگاه بُلڙي جي اڱڻ ۾ ويهي درگاهه جو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرايو۽ درگاهه جي ڀرسان هڪ آستانو پڻ جوڙايو جتي رات جي وقت لطيفي ۽ ڪريمي لات ٿيندي هئي، روايت آهي ته شاهه لطيف رح ٺٽي ۾ موجود سندس دوست مخدوم معين الدين ٺٽوي سان اڪثر ملڻ ويندا هئا.مخدوم معين جي وفات تي سندس جنازي ۾ شرڪت کان پوءِ جيئن ٺٽي کان واپس ويا وري بُلڙي نه آيا ۽ سڄي حياتي ڀٽ شاهه ۾ گُذاري ڇڏي. شاهه ڪريم جي درگاهه تي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي جنهن ۾ هزارين مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن ۽ ٽي ڏينهن هلندڙ هن ميلي ۾ سماع، صوفياڻو راڳ، وغيره ٿيندو آهي، جڏهن ته هونئن ته هر جمعي جي رات ۽ سائي سومر تي سماع جي محفل پڻ ٿئي ٿي ۽ روزانو وڏي تعداد ۾ عقيدتمند پنهنجي من جون مُرادون کڻي اچن ٿا. *درگاهه جي موجوده حالت* بُلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي روزانو وڏي تعداد ۾ عقيدتمند پنهنجي دل جون مُرادون کڻي اچن ٿا پر درگاهه ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب زائرين کي وڏين تڪليفن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ اوقاف کاتي جي بي ڌياني سبب درگاهه جي مقبري ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ ديوارن تي لڳل ڪاشيءَ جون سرون پڻ ڀڄي ڀُري ڪِري رهيون آهن، هونئن ته زائرين طرفان درگاهه جي پيتين م وڏي تعداد ۾ نذرانو وڌو وڃي ٿو ۽ حڪومت طرفان اعلان پڻ ڪيا وڃن ٿا پر اهي نذراني وارا پئسا ڪيڏانهن وڃن ٿا سا ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي جڏهن ته درگاهه ۾ ڪم ڪندڙ فقيرن کي پڻ ڪوبه معاوضو نٿو ڏنو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هن عظيم اولياءَ ۽ صابرين بزرگ جي خسته حال درگاهه جي نئين سري کان تعمير ڪرائي زائرين کي سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن. ڪمپوزنگ : نثاراحمد ناز بشڪريه سنڌ فورم ۽ محترم محمد اڪرم ڀٽي جي ذاتي ٿورن سان
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي وارو شاه ڪريم بلڙيءَ وارو سنڌ جي اسلامي صوفي ازم جو ڏاڏو آهي ۔۔۔ سندس ڪلام ۽ سندس شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿي ۔۔۔ سندس مختصر ڪلام ايترو ته پر معني آهي جو پڙهڻ سان پوڄارو پر ٿئي ٿو ۔۔۔ لطيف سرڪار پنهنجي ڏاڏا سائينءَ جو ڪلام پاڻ سان کڻي گهمندو هو ۽ ان ئي ڪلام ۽ فڪر جي پوئواريءَ ۾ سڄو ڪلام چيو اٿس ۔۔۔ مٿي ليک ۾ هڪ هنڌ مونکي ٻه بيت ڪجهه هيٺ مٿي نظر آيا ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ اهي هينئن آهن؛ جي پُڇڻا سي نه مُنجهڻا، جي پُڇن سي وير جو لکڻ منجهه ماڻهين، سو مکڻ منجهه کير. پاڻيهاري سر ٻهرو، جَر تي پکي جيئن، اسان سڄن تيئن، رهيو آهي روح ۾.
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي وارو هوئن ته ساڳيو موضوع ادا زاهد سومرو پهريان ونڊ ڪري چڪو آهي ۔۔۔۔ پر توهان جي آندل هن موضوع مان ڪجهه اضافي معلومات حاصل ٿي۔۔۔۔
ماشاءُ الله ، سونهارو سيد حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو رحمت الله عليه بيشڪ سنڌ جو ، عاشقن جو سرتاج هيو ، لک قرب